GSM Global Stream Media

علم محرم مانجهند

محرم الحرام ۾ مانجهند جي عذاداري

شبیر علي ملاح
تحرير: شبير علي ملاح
ڪالم نگار | GSM Global Stream Media

پهرين محرم جو چنڊ ڏٺو آهي مانجهند ۾ ٻه وڏيون امام بارگاهه آهن امام بارگاهه ڪنڊو فقير جو پڙ ۽ رئيس علڻ خان المعروف رئيس وڏي جو پڙ ،ٻنهي پڙن تي سادگي سان بيرڪ (غازي جو علم) چاڙهي محرم جي سوڳ جي شروعات ڪئي وئي. مگر محرم جون تياريون ته ذولحج واري عيد کان پوء ئي شروع ٿي وينديون هيون. امام بارگاهه ڪنڊو فقير جي نوحه خوانن جي ٻاري نوحن جي تياري شروع ڪري ڏيندي هئي . نوحه خوانن ۾ مانجهند جا ڏاڍا سريلا نوحه خوان شامل هوندا هيا جن ۾ سرفهرست استاد محرم ملاح مرحوم ، مجنون ملاح خانوٺ وارو ، مرحوم محمد بخش ملاح سرفهرست هوندا هيا .

مانجهند جي ماحول ۾ محرم جي احترام ۾ سڀني هوٽلن تي ساز آواز بند ڪيو ويو آهي . محرم الحرام ۾ پي ٽي وي تي ستين محرم تائين ڊرامه ۽ ساز آواز جاري رهندو هيو جنهن سبب ٽي وي پڻ بند هوندي آهي اڪثر ٽيپ رڪارڊ تي مانجهند جي نوحه خوانن جا گذريل سال جا سنڌي نوحه هلندا هيا. اسي واري ڏهاڪيجي شروعات ۾ اڃان سرائڪي نوحن جو رواج نه پيو هيو.

نجمن حسيني ڪنڊو فقير مانجهند جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو مرڪز هيو صدر هوندو هيو سائين علي اڪبر شاه جيڪو مانجهند مڊل اسڪول ۾ استاد ٿي آيو نائب صدر سائين محمد جمن ۽ مامو اسحاق ملاح هوندا هيا جنرل سيڪريٽري گلشير خاصخيلي هوندو هيو جيڪو رهندو ته ڪوٽڙي ۾ هيو پر محرم الحرام ۾ مانجهند ۾ باقائدگي سان انتظام سنڀاليندو هيو انجمن حسيني جا اڪثر عهديدار سواء سائين علي اڪبر شاهه جي گهڻو ڪري سني هوندا هيا سنين واري نماز پڙهندا هيا پر محرم ۾ باقائده ڪارا ڪپڙا پهري عذاداري جو حصو بنجي ويندا هيا اهو ئي حال مانجهند جي اڪثر ماڻهن جو هيو ان وقت تائين اڃان مانجهند ۾ شيعه سني لڪير ڪانه نڪتي هئي.