بابا جون ساروڻيون……….. شبير ملاح

Published on

in

بابا جون ڪجھ ساروڻيون

گذريل سال لکيل

آخري دفعو اسان حيدرآباد مان گڏ آيا ھياسين، ان کان اڳ جڏھن بابا کي مانجھند مان ايمبولنس ۾ کڻي پئي آيا تہ منھنجي سوٽ خداڏني ٻڌايو تہ ٽن جڳھين تي اسان محسوس ڪيو تہ امانت وڃي ڌڻي کي پڳي پر وري لمحي کان پوء آڪسيجن ھلڻ شروع ٿيو وڃي، پر واپسيءَ ۾ بابا ايمبولنس بدران مون سان گاڏيءَ ۾ گڏ آيو.. مون صوفي ڪلامن جو فولڊر چونڊي پلي ڪيو تہ بابا به گڏ جھونگارڻ شروع ڪيو.. الائي تہ ڪنھن جو آواز ھيو پر جانڻ فقير چن جو ڪلام ھيو بابا يڪدم مونکي چيو اڳتي ڪرينس. بي سري ڳائڻي ھڻي فقير سائين جي ڪلام جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو…

بابا پنھنجي طبيعت ۾ عجيب شخص ھيو، ضدي به حد جو، ڪاوڙبو به جھٽ ھيو، پر مونکي لڳندو ھيو مون سان سندس بي پناھ چاھ ھيو.. اھو مونکي ائين به لڳندو آھي تہ امان به مونکي پنھنجي سڀني پٽن نياڻين کان وڌيڪ ڀائيندي آھي… بابا حيدرآباد ايندو ھيو تہ فرمائش ڪندو ھل تہ محمد فقير کٽياڻ جي درگاھ تي ھلون، پر آئون واپس ڪونه ايندس، ھفتو ھفتو وڃي اتي رھندو.. مون کيس فون وٺي ڏني، سا به ڪوئي کڻي ويس.. پر چيائين ڌوڙ وڃي پائي ڪير پيو چارج ڪري وري توھانجا نمبر ڳولھي ڪال توھانکي ڪريون تہ کڻو ڪونہ.. بس ڪم ھوندو تہ ڪنھن جي فون تان ڪري وٺندس..

مون کان پيسا وٺندو، سرتاج کان پيسا گھرائيندو ديدار کان دڙڪا ڏئي وٺندو ھيو ۽ وڃي اتر سنڌ جي ھڪڙي صوفياڻي گاديءَ تي ورھائي ايندو ھيو وري چوندو يار فقير ڏاڍا ضرورتمند اٿئي. مون تي به ڪا فرمائش رکيائين تہ درگاھ جي خليفي کي ڏھ ھزار کن موڪل پر مونکي خبر ھئي تہ اھي ڏھ ھزار ويندا چرس ۾ ڦوڪجي سو ھا ھا ڪندي موڪليم ڪونہ ۽ سدائين ان ڳالھ تي ڪاوڙيل رھندو ھيو.. ڪاوڙيو ھڪ دفعو اڳ به ڏاڍو.. بابا پير غلام جيلاني مرحوم مڪلي واري جو مريد ٿيو.. مونکي به حڪم ڪيائين تہ پھرين وڃ مڪلي يارھين ڪري اچ پوء بيعت ڪجان.. مڪلي تہ ويس پر منھنجي اندر الاجي ڪھڙو ڪافر روح بابا وارو پير مونکي زرو نه آئڙيو.. وري پير صاحب مانجھند آيو تہ بابا حڪم ڪيو تہ بيعت ڪري اچ.. ناني ارباب وٽ انتظام ھيو نون مريدن کي ھزار روپيا ڏئي مريدن جي حلقي ۾ اچي پنھنجي عاقبت سنوارڻي ھئي.. ٻاھر ڪاري ڊريس ۾ ڪمانڊو بيٺا ھيا جيڪي پير صاحب جي حفاظت تي ما مور ھيا سوچيم ھي پير صاحب پاڻ گارڊن کان سوا جو ھلي نٿو سگھي سو منھنجي ڪھڙي قيام ڇڏائيندو.. واپس آيس ڪوڙ ھڻي جان ڇڏايم.. بابا رش ھئي ڏاڍي سو وارو ڪونه مليو..

بابا سان ڪوڙ ھلي ويندا ھيا، شبير اچين ڪونہ ٿو.. الاھي ڏينھن ٿي ويا اٿئي.. بس بابا زندگيءَ جا خفا ڊيوٽي تي آھيان، جلدي ايندس..

زندگيءَ جا خفا ختم ٿيڻ جا ھيا ئي ڪونہ… بابا به اوڏانھن ويو جو ورڻو ڪونھي.. پر ھاڻي جڏھن زندگيءَ جي ھڻ ھڻان مان ڪڏھن روح اڪتائجي ٿو تہ سوچيندو آھيان بابا کي ڪيڏو تنگ ڪندو ھيس.. بابا تنھنجا صوفي ھھڙا تھڙا.. پوء بابا چڙندو ھيو تہ موبائل تي مانجھي فقير لڳائي ڏئي ڇڏيندو ھيس وري بابا جھٽ ۾ راضي ٿي پوندو ھيو.. مونکي روايتي فيس بڪ ڊيز تي فوٽو رکڻ تي دل ناھي چوندي سڀ بناوٽي لڳندو آھي.. پر بابا لاء ان ڪري به اڄ دل ڇڪ کاڌي جو بابا بناوٽي نه ھيو، ھن کي جيڪو وڻندو ھيو دل ۾ رکندو ھيس جيڪو نه وڻيس ان کي به دل تي گاريون ڏيندو ھيو…

بابا جنت دوزخ جي چڪرن کان آزاد ھيو کيس آخر تائين جنت جي طلب ڪانه ھئي.. نه وري دوزخ جو ڊپ.. مونکي ھڪ دفعو چيائين.. جنت دوزخ جي چڪرن مان نڪري پئجي تہ خبر پوي ماڻھو آھي ڪھڙي بلا…

پر هونءَ به اھو سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ۽ ان راز کي پروڙڻ صفا اوکو آھي تہ ماڻھو آھي ڪھڙي بلا.

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.