حيدر ملاح..انڌيرن ۾ روشنيءَ لاءِ وڙهندڙ ڪردار……….شوڪت ميمڻ

Published on

in

ائين نه ماريو يار..!

اها خبر فقط مانجهند جي ماڻهن کي آهي ته جڏهن هن جا هم ڪلاسي ڇوڪرا يونيورسٽيءَ ۾ وڃي وڏيون ڊگريون ۽ سڻڀيون نوڪريون وٺڻ جا خواب ڏسندا هئا تڏهن مانجهند جي هوٽلن تي مزدوري ڪندڙ محمد خان ملاح جو سانورو پٽ پنهنجي نيرين اکين ۾ انگريزيءِ جا سبق ياد ڪري آڙيڪاپ آفيسر ٿيڻ جا خواب ڏسڻ بجاءِ ڪبير جا شعر ياد ڪري رهيو هئو…

هُو جڏهن براديءَ ملاح جي ٻِيڙين جي ڀانڊي تي دانشوراڻيون ڳالهيون ڪندڙ ڪاريگر کي پنهنجي هم جنس محبوب لاءِ اداس ٿيندي ڏسندو هئو ته کيس چوندو هئو،

تُلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لمبي کهجور

دهوپ لگي تو چهائون نهين، بهوک لگي تو پهل دور.

پوءِ جڏهن هُن ديس جي اڀ تي غلاميءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل ڏٺا ته هو ٻِيڙي ٻاڌارن کان مرڪي موڪلائي سياست جي ان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو جنهن جي ناکئي سن جي پتڻ تان پڪاريندي کيس چيو ،

ڪنهن لاءِ تڪين تو ڪنڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي ڪابه نه اچڻي آ،

جي تون به اچين او وڻجھارا! توکي به اُڪاري وينداسين۔.

رضا فقير سان رهاڻيون رچائيندڙ هن جڏهن ڏٺو ته سندس شهر جي مندرن جا پوڄاري ٻئي پار هليا ويا آهن ۽ ورهانڱي جي واچوڙن ۾ وکري ويل ويڙهي جي هڪ ديوان سيٺ پاران پنهنجي محبوب زال جي ياد ۾ جوڙايل محبت جي مينار تي مانجهند جي ملائن ڪفر جي فتوائن واري چاڪنگ ڪري ڇڏي آهي تڏهن هن پنهنجو نالو مٽائي “ڪمار” رکي ڇڏيو. حيدر ملاح کي اڄ به سندس پراڻا دوست “حيدرڪمار” ڪري سڏين ٿا.

پر “مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا” جي پرچار ڪندڙ پوڄاري حيدرڪمار کي ڪهڙي خبر ته سندس نالي مٽائڻ واري رسم نڀائيندي پنهنجا نالا تبديل ڪندڙ سندس ساٿي اڳتي هلي پنهنجا رستا به تبديل ڪري ويندا.

اڄ پل صراط تي ڪيل پنڌ جي پنجويهه سالن جي سلور جوبليءَ جي موقعي ته سائين حيدر کي تنقيدن جا تمغا پارايا ويا آهن.

ايترين ملاقاتن کان پوءِ به اجنبي بڻيل سندس دوست مٿس تُهمتن جا تير ائين وسائي رهيا آهن جو چوٿي صديءَ جي انهيءَ سفر ۾ ڪٿي ڪنهن دشمن به اهڙو آڌرڀاءُ نه ڪيو هوندس.

هن جي دل ته تنبوري جي اها نازڪ تار آهي جنهن کي ڇيڙي علڻ فقير گلن جي کيتن ۾ ٻيهر ملڻ جا گيت آلاپيندو هئو. هن جون اکيون چترڪار جو هڪ اهڙو ڪينواس آهن جن ۾ پنجويهه سالن کان هڪ اڻ پوري تصوير چٽيل آهي، ان تصوير ۾ چئو طرف سرنهن جا ساوا پيلا فصل آهن، تصوير ۾ وڻن جي وچ مان ويندڙ هڪ رستو به آهي جنهن تان هڪ ننڍڙو ٻار پٺيرو پري کان نظر ايندڙ اسڪول ڏانهن وڃي رهيو آهي.

پر سندس پارٽيءَ جو “پروفيشنل فوٽوگرافر ” ان ٻارڙي جي هٿ ۾ جهليل ڪتابن ۾ لکيل لوڪ ڪهاڻيون پڙهڻ کان قاصر آهي جن ۾ وطن سان محبت ۽ وفا جا سبق ڏنل آهن.

هو ڪينن جي مهانگي ڪيمرا جي فليشن وانگر تنقيدن جا تجلا ڪري ٿو ۽ سامهون ويٺل چريو چترڪار گهڙيءَ کن لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ۽ پنجويهه سالن جي پنڌ تي سوچي ٿو. هو سوچي ٿو ، ويل به ورچي نه ويٺس پوءِ به هي سفر سجايا ڇونه ٿيا.؟ جن رستن تي نيهن جا نه ڄاڻ ڪيترا نشان ڇڏيم پوءِ به هي پيچرا پرايا ڪئين ٿيا؟

اڄ کان ڪيئي سال اڳ جنهن پارٽيءَ جي پيڙهه جا پهريان پٿر رکڻ ۾ هن جا به هٿ هئا تنهن پارٽيءَ مان هُو ائين پيو وڃي جيئن ڪو ڪاوڙيل پُٽُ پنهنجو گهر ڇڏي ويندو آهي.؟

پر مَنُو ميربحر جي پُٽَ جي دل جو درد “بائو ديري” جي باغن جو اهو مالهي ڪئين ٿو سمجهي سگهي جيڪو لِڪَ چوري انب پٽيندڙ هاريءَ جي پٽ کي مارڻ لاءِ سندس گهر تائين مِڙي پوندو آهي…

ٽانگي جي ٽاپولين تي انڊيا جا پراڻا گيت جهونگاريندڙ مَنوُ ميربحر جي اداس اکين واري پٽ جي ٽٽي پيل دل کي اهو “موچي” نٿو ٽانڪي سگهي جيڪو آٽو ڀان جا وڏا اسٽور ڏسي پنهنجي پراڻي پيڍي وساري چڪو آهي ۽ حُسن کي سجدا ڪندڙ مانجهند جي هن ملاح جي اڌ ٿيل اندر جي احساسن کي ڀلا اهو سياسي اڳواڻ به ڪئين ٿو سمجهي سگهي جيڪو دوستن جي دعوت ۾ مرچ مصالحن سبب پيٽ جي خرابيءَ جون خبرون ٿو ڪري.

ٻه ٽي وکون کڻي ٿڪجي پوندڙ پنهنجي ساٿين کي اڃان به ڏور منزلن جو ڏس ڏيئي وري پنڌ ڪرڻ جون صلاحون ڏيندڙ انهيءَ صوفيءَ جي سوز کي ڪير ڪئين ٿو سمجهي سگهي جنهن جا ڏٺل سپنا ساڀيائن جي سرزمين تي پهچڻ کان اڳ پرديسي پکين جيئان ماريا ويا…

اهي سپنا جيڪي مانجهند جي محمد خان پنهنجي پٽ لاءِ ڏٺا هئا، اهو محمد خان جيڪو هوٽل جي گراهڪن جا بچيل بسڪيٽ کائي شام جو ملندڙ مزدوريءَ مان پنهنجي پٽ لاءِ ڪتاب خريد ڪري ايندو هو……

هن پنهنجي سپنن کي سبوتاز ڪري پنجويهه سال پنڌ ڪيو..

ها پل صراط تي ڪيل پنڌ عيوض کيس ڪنهن به ڪئلينڊر جي تصوير بڻجڻو نه هئو.

هو ته فقط هڪ ڪلپنا، هڪ مورت گهڙيندو رهيو!

پر، ڇا هُن کان پوءِ ايندڙن کي ڪير اهو چوندو ته هُو، روشنين لاءِ اونداهه سان وڙهندو هئو..!

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.