صديق….دامنِ صحرا م ٽڙيو ماڻھن لاء رونشي جو سامان بنيو رھيو اسان کيس ٻڌو ھن پنھنجي مڙني محرومين کي پاسي تي رکي اسان کي ٽھڪ ڏنا اسين ٽھڪن سان جھول ڀري رمندا رھياسين ء ھو وري تنھاۂيء جي گفاۂن م گم پر جڏھن به ڪنھن ھنکي رڳو ڇيڙيو تہ گدامڙي جھڙين چٽپٽين ڳالھين جا ڳر کلي پوندا.
ڇا جا غم ڇا جي اڪيلاۂي ھو تہ ڄڻ بنايو ۂي ان لۂي ويو ھجي تہ دنيا جي گندي بڻيل ڍنڍ م ڪي ٽھڪن جا ڪنول پوکي.
ياد ٿو اچي تہ ڪرڪيٽ اسان سڀني جي ڪمزوري ھۂي مانجھند م ٻه ڪرڪيٽ ٽيمون ھيون اي ء بي اسان جھڙن جڏن لاء ٻنھي م جاء نہ ھۂي صديق به اسان جي جوڙ جو ھيو حالانڪه بالر ڏاڍو ڀلو ھيو پر سندس ڀاءُ صالح اڳم ۂي اي ٽيم جو اوپنر بنيو ويٺو ھو سو سندس جاء نہ ٺھي..اسان جيڪي سڪڻن ٻارن وانگر رڳو پري کان بيھي ڪرڪيٽ ڏسندا ھياسين سو ھڪ ڏينھن اسان طۂي ڪيو تہ پنھنجي ٽيم ٺاھجي..ساۂين شفي اختر ملون نياز ء ڪجھٻيا دوست گڏ ٿياسين سوال ھيو تي ٽيم جو نالو ڇا رکجي ڪنھن پير جو نالو ورتو ڪنھن فقير جو پر صديق چيو اسان جي ٽيم جو نالو ھجڻ کپي..” بي عزتا ڪرڪيٽ ڪلب”…
چي پاڻ سڀ ٻين ٽيمن مان بي عزتا ٿي نڪتا آھيون انڪري صحيح نالو تہ اھو ٿيندو باقي وڌيڪ مرضي اٿو.
جي ھو مانجھند ڇڏي ڪراچي ھجي جا تہ عمر شريف ء معين اختر جي جوڙ جو آرٽسٽ ھو پر اترادي پوليس وارن وانگر مانجھند مان نڪرڻ تي دل نہ چيس نہ تہ معين اختر جو واتان پيروڊيز تہ پوء جي ڳالھ آھي پر صديق جيڪا ڀٽي مرحوم جي تقرير جي پيروڊي ڪۂي آھي ان جو ڪو جوڙ ۂي ڪونھي.
قدرت ھن کي جيڪا ضرافت جي ڏات ڏني تنھنجي ڳالھ ۂي ڇا ڪجي چرچو ڪرڻ مٿان وري پنھنجي ۂي چرچي تي وڏو ٽھڪ اڳيان ڀلي ڪيڏو به شاشو خان ۂي ڇو نہ ھجي پل م وايون بتال ڪري رکندس.
مانجھند آھي تہ زندھ دل ماڻھن جي مٽيءَ جو ملڪ غريبن وٽ پيسو نہ ھوندو پر ٽھڪن م ڪو ھنن جھڙو ڪروڙ پتي نہ ھوندو
مرحوم سيٺ عيسيٰ ميمڻ جي ڪارخاني تي جڏھن عثمان ڀٽي ء صديق جي چرچن جي محفل مچندي ھۂي تہ راڄ ماڻھن جا اچي گڏ ٿيندا ھۂا.
وري جو ڳاۂڻ لڳي تہ ڇا تہ ياداشت جو الاۂي ڪھڙي زماني جا ڪلام به ازبر ياد محمد رفيع جو او دنيا ڪي رکوالي ڳاۂيندو تہ مزاق م ھيو پر جڏھن مٿين سرن تي پھچندو ھيو تہ لڳندو ھيو تہ مٿس رفيع جو روح نازل ٿيو ھجي.
آۂون مانجھند ايندو آھيان تہ مونکي ڳولي ھٿ ڪندو آھي سبب ملڻ جو کڻي ڇا بھ ھجي پر ھن جي اندر م ماضيءَ جي گڏ گذاريل لمحن سبب ڪا ھجت ھوندي آھي جو زندگيءَ جي انتھاۂي ڪرب ناڪ لمحن م ھن جا ٽھڪ مون لاء ڏياٽيء جيان رھيا آھن…حالتن جي تلخيء سبب اک ڀرجي ڇلڪڻ تي ھوندي تي ھڪڙو ڊگھو ٽھڪ ڪنن تي پوندو ھو…صديق راھو ء لنڊن جي جھيڙي جي ڳالھ تان سيٺ عيسيٰ مرحوم جي درويش پٽ عباس کي ڇيڙي مزو پيو وٺي ء اسين سڀ ٽھڪن جي دنيا م پنھنجا لڙڪ وساري گم ٿي ويندا ھياسين.
Leave a comment