مانجهند جا ماڻهو. . . . . . علڻ فقير حيدر ملاح

Published on

in

مانجھند جا ماڻھو

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

علڻ فقير (ٽڙي پوندا ٽارۂين جڏھن ڳاڙھا گل تڏھن ملنداسين )

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ــــــــــــــــــــ

مانجھند جي مڱڻھار گھراڻي م لوک ادب جي ڄاڻو ڌمالي فقير جي گھر م علڻ فقير جنم ورتو سنڌي سماٽ جي رواج مطابق پھرين ٻار جو جنم ناناڻي گھر م ٿيندو آھي ان کري پنھنجي امڙ جي ڳوٺ لکي شاھ صدر م سندس جنم ٿيو، مانجھند م علڻ فقير جا ست راڄ ھۂا جنھن جي شادين ء خوشين جي موقعي تي پيو سھرا ء گيچ پنھنجي بابا ء امان سان گڏ چوندو ھو. جھمر جو بہ کاريگر ھو، شرناء ء دھل بہ پيو وڄاۂي گذر سفر کندو ھو ميلن ملاکڙن م مشکري کندو ھو لٺ ملھ وڙھڻ جو کاريگر ھو نقل کرڻ لطيفا ٻڌاۂڻ ء راڳ ڳاۂڻ جي کري کافي پيسا کماۂي وٺندو ھو،ھن دؤر جو مشھور مشکرو قادر بخش مٺو پڻ سندس مشکري م شاگرد ھو. اکثر ريل گاڏين م سفر دوران علڻ فقير پنھنجي فن جو مظاھر پيو کندو ھو ان دوران ھک نابين فقير کي ھن شاھ لطيف جا سر سان بيت ڳاۂيندي ٻڌو جنھن جي پوء پاڻ بہ کاپي کري کجھ بيت ياد کري ريل ڳاڏين م ڳاۂيندو رھيو، امڙ جي وفات ء پيء جي ٻي شادي کرڻ جي کري اکثر گھر کان غاۂب رھڻ لڳو انھي دوران مانجھند جي ھک کدڙي فقير(داۂود فقير) سان سندس دوستي ٿي جيکو ھک خوشحال ميمڻ خاندان مان ھو. علڻ جي جواني تي فقير مست ٿي پيو جنھن کيس جلدي آفيم، ڀنگ، شراب ء چرس جي نشي جو عادي کري ورتو.ان جي باوجودہ بہ مانجھند شھر م علڻ جي عزت جو اوھان ان مان اندازو لڳايو تہ شھر جي کابہ مٿي اگھاڙي نياڻي گھٽي م گھمندي علڻ فقير جي مار کان نہ بچي ھوندي شھر جي سڀني چڱن چوکن جو اڻ لکيل اجازت نامو علڻ وٽ موجودہ ھو جو کيس اھيو شھرين پاران حق حاصل ھو تہ ھو مٿي اگھاڙي نياڻي کي مٿي کي رۂي ڍکڻ لاء چوي .علڻ فقير جي چماٽن جي ڊپ کان شھر جون ڇوکريون علڻ کي پري کان ڏسي وٺي گھرن ڏانھن ڍوڙ وجھنديون ھيون، اسان وٽ مڱڻھار فقير جو مان ھن جملي مان سمجھو (فقير راڄ جي نياڻي ) آھي. ھر گھر م بنا سڏ جي و..حي کٽ تي ويھندو ھو، ممتاز مرزا جي معرفت کيس لطيف جي ميلي تي کانفرنس م ڳاۂڻ جو موقعيو مليو جتان سندس باقاعدہ راڳ جو سفر شروع ٿيو. بعد م شيخ اياز کيس سنڌ الاۂجي م نوکري پڻ ڏني. دنيا جي اکثر ملکن م راڳ ڳاۂڻ جو کيس موقعيو مليو. لطيف جو سر سامونڊي ء سرکيڏارو ڳاۂڻ وقت سندس اکين مان اشق باري شروع ٿي ويندي ھۂي. علڻ فقير آخري وقت ڄامشوري م گذاريو سندس مزار پڻ سندس گھر جي ھک کمري م آھي. مانجھند م سندس اباڻو گھر اڄ بہ موجود آھي جنھن م سندس ڀاۂر رضا فقير، مشتاق علي ء غلام علي رھن ٿا .علڻ فقير جا سريلا آلاپ ھميشہ سنڌ کي ياد رھندا ( حيدر ملاح)

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.