اڄ جو ماڳ.
مانجھند ھن وقت ضلعي ڄامشوري جو تعلقو آھي ماضي جي مانجھند م وڏيون خوبصورت عمارتون ھيون
32 ڪلوميٽر تي پکڙيل رني ڪوٽ به تعلقي مانجھند م آھي،مانجھند جي اولھ طرف بزرگ شاھ اويس قرني جي مزار موجود آھي سائين جي ايم سيد ۽ مخدوم بلاول جو پيروڪار شاھ حيدر سنائي مانجھند تعلقي جي سن شھر م مزارون موجود آھن
شھر م اڄ به * مانجھند* ذات وارو قبيلو آباد آھي،دريا جي قريب ھجڻ سبب مانجھند ٻوڏ جو نشانو ٿيندو رھيو آھي
ھتان جي ھندوبرادري وڏي ڪاروباري برادري رھي آھي جيڪي انگريز کان به اڳ م ڪاروبار ڪندا اچن
مانجھند جي مشھور واپارين م سيٺ منگھرمل جيڪو انڊونيشيا م به ڪاروبار ڪندڙ ھو ان جا انگريز سان قريبي واسطا ھيا انڪري انگريز سرڪار کيس را۽ بھادر جو لقب ڏنو،سندس اثررسوخ ڪافي ھيو ڪيترائي سال مانجھند ميونسپل جو چيئرمين رھيو
ٻيو سيٺ ڏيارام ھو جيڪو سري لنڪا تائين واپار ڪندڙ ھيو ۽ وري 1932 م مانجھند موٽي آيو ۽ 1948 م ھندستان لڏي ويو
ٽيو سيٺ ڏوڏومل ھو جيڪو جاوا م سڪل مڇئ جو ڪاروبار ڪندو ھو ۽ ڀائيواري تي ٻيڙيون ٺھرائي ملاحن کي ڏيندو ھو اھو به پاڪستان جي قيام کانپو۽ بمبئي لڏي ويو ۽ اتي ئي 1951 م ديھانت ڪري ويو سندس چوڻ ھو وياج مزدور جي موڙي آھي عيب ناھي
چوٿون سيٺ کٽومل ھو جيڪو ڪاروبار م نقصان سبب تمام غريب ٿي ويو مگر پويان اولاد وري ڪاروبار ڪري ملڪيت ٺاھي
پنجون وساميل سيٺ ھو جيڪو ڪاروبار ته ٻاھر ڪندو ھو مگر پئسو سنڌ م خرچ ڪندو ھو اھوئي سيٺ سڀاش چندربوس جي مالي مدد ڪندڙ ھيو
مانجھند 1783 کان 1947 تائين ڪاروباري مرڪز رھيو،مانجھند جي واپارين جو واپار عراق،انڊونيشيا،سري لنڪا ۽ ٻين ملڪن سان ھلندو ھو.
ڀڳت ڪنورام آخري راڳ به مانجھند م ڳايو ھو
Leave a comment