هڪ قلم هڪڙو مان
✔✔✔✔✔✔✔
ھي ننڍڙو نوجوان نڪو ٻڌي سگهي نڪو ڳالهائي سگهي جهاز جو سفر ڪري ڪيڏانهن پيو وڃي
✔✔✔✔✔✔✔
هي مانجهند جو هونهار ڊيف ريچ اسڪول حيدرآباد جو پوزيشن ماڻيندڙ بهترين آرٽسٽ مسٽر محمد باسط مانجهند آھي جيڪو اسڪول طرفان آرٽ جي مقابلي ۾ اسلام آباد وڃي رهيو آھي
✔✔✔✔✔✔✔
شايد منهنجي ڳالھ يا سوچ سان اوهان سهمت نه هجو بلڪل اوهان خودمختيار وات وڪيل آھي هر ٻار ۾ صلاحيتون موجود هونديون آھن اڪيلو هڪ استاد ڪجھ نٿو ڪري سگهي جيستائين ان باصلاحيت ٻار جو والدين ساٿ نٿا ڏين
✔✔✔✔✔✔✔✔
هنن جو والد منهنجي ڳوٺ مانجهند جو رهواسي آھي اسان ننڍپڻ جو ڳچ حصو گڏ گذارايو آھيو
هي اسان جي ڳوٺ سڏجندڙ جا وارث چئبا ڇو جو هنن جي سڃاڻپ واري ذات ئي مانجهند آھي
✔✔✔✔✔✔✔
ها هي جهاز ۾ سفر ڪندڙ معصوم ٻالڪ محمد باسط مانجهند آھي سندس والد جو نالو محمد هاشم مانجهند آھي
محمد هاشم ان محترم استاد جو فرزند آھي جنهن وٽ پٽي تي اسان اسڪول ۾ الف اک ب بدڪ پڙهي هئي سدائين اڇو اڇرو رومال هٿ ۾ پنهنجي پورهئي سان ريٽائرمينٽ ٿيڻ تائين مخلص اڻورچ ٿي رهيو
محمد باسط ان محترم استاد جو پوٽو آھي
✔✔✔✔✔✔
ياد رکو علم سان چاھ آھي ته ڀلي توهان وٽ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگھ نه هجي والدين جو توجھ ھجي ته ٻار حوصلا بڻجي نمايان اچي وڃن ٿا
✔✔✔✔✔✔
دوست اولاد برابر نعمت ۽ پرين مثل آھي
پر محمد هاشم کي جڏھن پهريون پٽ ٿيو جنهن جو نالو سارنگ آھي
سارنگ جڏھن سمجھ ڀريو ٿيو ته هنن کي سڌ پئي ته هي نڪو ٻڌي ٿو سگهي نڪو ڳالهائي ٿو سگهي
هي ان رب جي رضا تي راضي رهيا لاڏن ڪوڏن سان پاليندا رهيا
پر جڏھن محمد باسط پيدا ٿيو ته هنن کي سرهائي ٿي ليڪن جڏھن باسط بابت به سڌ پين ته هي به وڏي ڀاء وانگر نڪو ڳالهائي سگهي ٿو نڪو ٻڌي سگهي ٿو يقينن هن خاندان مٿان ان وقت ڇا گذريو هوندو اها پيڙا اوهان محسوس ڪري سگهو ٿا
پر سارنگ ۽ باسط جي والد امڙ همٿ نه هاري هنن جي بهتر تعليم تربيت جو اونو رکي حيدررآباد هجرت ڪرڻ جو سوچيو
محمد هاشم ڪو زميندار نه هو بطور ان وقت تعليم کاتي ۾ جونيئر ڪلرڪ ھو
هجرت ڪري اچي حيدرآباد مسواڙ تي جاء فليٽ ورتو يقنن هنن سوچيو جبل جيڏي زندگي هي معصوم ڪيئن گذريندا
ڇو جو هنن جي اولاد جي مستقبل جو مسئلو هو
ساگر ۽ باسط کي هنن حيدرآباد جي گونگن ٻوڙن جي اسڪول ڊيف ريچ ۾ داخل ڪرايو
ڏسو هڪ ڳالھ نوٽ ڪندا هلو
والدين چاهي ته پنهنجي اولاد کي بهتر کان بهتر تعليم ڏياري سگهي ٿو اهو هنن جو حق به آھي
سوچيو محمد هاشم به چاهي ها رب جي رضا سمجهي پنهنجي اولاد کي بس گونگو ٻوڙو سمجهي ائين ڇڏي ڏي ها اسان وٽ کوڙ مثال موجود آھن
پر هن پنهنجي اولاد جي هر خواهش پوري ڪئي آھي جيڪا سندس حيثيت وس آھي
باسط جڏھن به مانجهند ايندو آھي ته سندس پاڙي ۾ اسڪول هجڻ سبب ملڻ ضرور ايندو آھي
تقريبن مونکي اشارن واري ٻولي سمجھ ۾ گهٽ ايندي آھي ڇو جو هي اشارن جي ڳالھ ٻولھ جو علم حاصل ڪن ٿا
پوء مٿي تي هٿ هڻي باسط کلندو آھي يڪدم پنو پين وٺي لکڻ شروع ڪندو آھي
پوء اسان جا حال احوال ان لکت تي ٿيندا آھن
باسط جڏھن ننڍڙو هو ته اسڪول آيو هو چيومانس ٻارن کي بورڊ تي ڊرائينگ ٺاهي ڏيکار
يڪدم پني لکيائين ٻارن کان پڇو ته ڇا ٺاهيان ڪلاس ٻارن چيو اسپائيڊر مين ٺاهي
باسط دير ئي نه ڪئي چاڪ سان چند منٽن ۾ تصوير ٺاهي ڏيکاريائين
ٻئي ڀيري ته باقائده رنگ کڻي آيو اسان جي ننڍڙي اسڪول ۾ اهڙا ته ڪارٽون ٺاهيا اٿس جو سندس دل سان جڙيل رنگ اڄ به سالن پڄاڻا اسڪول کي سونهن بخشيو بيٺا آھن
محمد باسط ۾ هڪ خوبي وڏي آھي هو پنهنجو فن پاڻ تائين نٿو رکي هو پنهنجن ننڍڙن دوستن سان نه صرف ونڊ ڪندو آھي پر انهن جي رنگن پينسلن ۾ مدد به ڪندو آھي
هي جيڪا پوپٽ جي تصوير پسو پيا اهيا اسان وٽ پڙهندڙ شاگرد هالار خان جي آھي جنهن کي ان آرٽ جي سکيا محمد باسط ڏني آھي
سلام آھي محمد باسط جي والدين کي جن هنن معصوم روحن کي حوصلو همٿ ڏني
بطور معلم منهنجي سموري اسڪول جي معصوم ٻارن جون دعائون محمد باسط مانجهند سان گڏ آھن
سوچيو
علم جي حاصلات جي تڙپ هجي موٽ ۾ جي پذيرائي ملي ٿي
ته سچ پڇو نه ٻڌڻ نه ڳالهائڻ ڪا وڏي ڳالھ ناهي مونکي پورو يقين آھن
محمد باسط ۽ سارنگ هڪ ڏينهن منسب ماڻيندا تڏھن محمد هاشم مانجهند ۽ سندن امڙ فخر سان چوندا پنهنجي اولاد جا ڀرجهلا ٿيو
هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور منزل ماڻيندا ان وقت والدين جي لبن تي جيڪي اطمينان سڪون واري مرڪ هوندي سا ڪروڙين خزانن کان مها هوندي
طالب دعا
🙏🙏🙏🙏
رفيق ملاح
Leave a comment