اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان ۾ خاص طور تي علم، عقل توڙي ڏاهپ جي جاء تي لفظ باشعور ۽ لاشعور کي استعمال ڪيو ويندو آهي، لکيل پڙھيل فردن ڏانهن باشعور لفظ ۽ اڻ پڙهيل شخص ڏانهن وري لفظ لاشعور کي منسوب ڪيو ويندو آهي، جنهن مان اهو تاثر چٽو پيدا ٿيندو آهي تہ اڻ پڙهيل فرد ڪڏهن بہ ڪنهن بہ صورت ۾ باشعور نہ ٿو ٿي سگهي ۽ وري پڙهيل لکيل فرد هر حالتن توڙي صورتن ۾ باشعور ئي آهي ۽ رهندو
حالانڪ، ائين قطعي ڪو نہ آهي، لفظ شعور کي اگر جي سولن ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪجي تہ پوء ائين کڻي چئي سگهجي ٿو تہ” هر هڪ بري ڀلي عمل جي تميز توڙي سڃاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي جائز حقن جي ڄاڻ توڙي پرک رکڻ کي شعور چئي سگهجي ٿو“، ان کان علاوه شعور جون ٻيون بہ ڪافي ساريون وصفون آهن.
شعوري فرد بڻجڻ لاء تعليم هڪ بهترين توڙي بنيادي ڏاڪو آهي ڇو تہ تعليم سان فرد کي مخلتف جڳهن، ملڪن، شهرن توڙي قومن جي رهڻي ڪهڻي توڙي حالتن جي سُڌ پوي ٿي جنهن جي آڌار تي اهو فرد ان قوم، شهر يا ملڪ بابت ڪا بہ راء جوڙي سگهي ٿو.
وري ان جي برعڪس ڪنهن فرد جي لاشعور هجڻ لاء اهي حدون مقرر ڪرڻ بہ ڪنهن حساب سان بهتر نہ آهن، شعور عمومن طور تي ماڻهو جي پنهنجي زندگي جي جاکوڙ واري حالتن مان پيدا ٿيندو آهي، ڪافي فرد بنا الف، ب، پڙهيل هوندي ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن بابت چڱي خاصي معلومات رکندا آهن، اهڙا عمل سندن مشغلا هوندا آهن
پڙهيل لکيل فردن مان وري اگر جي ڪو فرد حالات حاضره کان بخوبي واقف بہ هجي، سندس عملي ڪردار جي ڪنهن تائين هن معاشري کي گهرج بہ هجي پر ان جي برعڪس هو صرف پنهنجي ذاتي زندگي گذارڻ ۾ مصروف عمل هجي ۽ صرف جو صرف پنهنجي ذات تائين محدود هجي تہ ڇا ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڀلا لاشعور چئبو، اهڙي فرد کي ڪهڙن اصولن ۽ ضابطن تحت اسان توهان شعوري فردن جي ڳاڻاٽي ۾ ڳڻينداسين.
اهڙا ڪافي سارا فرد اسان جي معاشري ۾ موجود آهن، هي پڙهيل لکيل فردن جو هڪ اهڙو گروھ آهي جيڪي هميشه پاڻ ڪجھ ڪرڻ بجاءَ ٻين جي ڪلهن تي بندوق رکي ڪري هلائڻ واري اميد تحت زندگي بصر ڪري رهيا آهن، ان مزاج جي اعلي صفت انسانن کي هر مفاد، هر سهوليت، هر وسيلو صرف جو صرف پنهنجي قطب آڻڻ جو فڪر هوندو آهي.
يوسف جميل لغاري
Leave a comment