Indusdaily.com

News information &Entertainment

ڳچ عرصي کان اگهور ننڍ ۾ ستل فرد لاوارثي ۽ لاتعلقيء جي ته ڳالهه ئي نٿا ڪن اهي فرد پنھنجي چهرن تان مايوسي ناڪاميابين جي مر لاهڻ جي لاء تيار ئي ناهن، شايد سماج اندر انهن فردن جي اکين تي پٽيون ٻڌل آھن جو شھر ۾ گند ڪچرو انهن کي نظر ئي نٿو اچي.

ڪو ڪوڪ کي ڪنائي ته ڪيترن جو روح رڙيون رانڀاٽ پيو ڪري، جڏھن احساس ئي مري وڃي ۽ چڪناچور وجود جي وارثي لاء اهي ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍن، هتي هر ماڻھو پنھنجا سور انهن سان سلي ٿڪي پيو آھي.

هتي هر ماڻھو پنهنجي خواهشن کي بناڪفن جي سيني ۾ دفن ڪري روئي رهيو آهي، اڀرندڙ سج جي سلامي ڀرڻ وارا احساسن کان اڻ واقف ٿيو ويٺا آهن، اهي برساتي ڏيڏر شترنجي مهرا واعده قول قرار ڪري منهن موڙي ويا.

اقتدار جي مسلڪ تي ويٺل تائين ته عوام پهچي نٿو ۽ عام ماڻھو پهچي به نٿو سگهي پر جن هنبوشيون هڻي چيو ته شھر جي واثي اسان ڪنداسين …….هاڻ انهن کي لاتعلقي ڪرڻ گهرجي خودارا خصيص ذاتي مفادن تي نه وڪجو پنهنجي شهر جي وارثي ڪريو.

شھمير خان ڳنڀير/مانجهند

Leave a comment