آئون به حجابن ۾ اڪيلو ۽ اُٻاڻڪو ٿي گهران نڪري پوندو آھيان جڏھن درد حد کان وڌي ويندا آھن ته دل سنڌو ڏانهن اڇلون کائي قدرت جا نظارا پسڻ لاء تانگهه ڪندي آھي. نمي شام مهل سنڌو جي بنهه ويجهو هليو ويندو هوس. اتان سنڌو جون هستيون ۽ مستيون ڏسڻ وٽان هونديون هيون. ملاحن جي ٻيڙين جا سڙهه ائين لڳندا هئا ڄڻ خانه بدوشن جا خيما. اهڙو حسين دلڪش منظر ڏسي آئون پنهنجي محال مانجهند جي تاريخ ۾ گم ٿي ويندو آھيان. وڏا ڳالهه ڪندا هئا ته اهو به وقت هو جڏھن مانجهند ۾ بندر گاه هو هتان جا ماڻھو ٻيڙين وسيلي واپار ڪندا هئا اڄ منهنجي اڳيان سنڌو جو ماضي ڦرڻ لڳندو آھي پر هن وقت نه ته سنڌو درياء ۾ اهي موجون آھن نه ئي درياء جا اهي گس بس انهن پٽن پيچرن تي واري اڏامي پئي ھتي رهواسي قدرت جي طرفان مليل نعمت پيئڻ جي پاڻي کان به محروم آھن
شھمير خان ڳنڀير/ مانجهند
Leave a comment