ھڪ تازي ریسرچ زریعي ماحولیاتي ماھرن اندیشو ظاھر ڪیو آھي تہ ڇھ ھزار سالن کان پوء ڌرتيءَ جو گرمي پد وڌي رھیو آھي ۽ ایندڙ پنجاھ سالن ۾ ڌرتي بدترین گرميءَ جو منھن ڏسندي ۔
خدشو ظاھر ڪیو پیو وڃي تہ ۲۰۷۰ع ۾ دنیا جا ھڪ ارب کان وڌیڪ ماڻھو انتھائي شدید گرميءَ کي منھن ڏئي رھیا ھوندا۔
گارڊین ۾ شایع ٿیل ھڪ ریسرچ رپورٽ مان خبر پوي ٿي تہ آفریڪا گرميءَ جي وڏي لپیٽ ۾ اچي ویندو سھارا علائقي ۾ شدید ڏڪار ۽ بدترین گرميءَ واري حالت ھوندي ۔
ایگسیٽر یونیورسٽي جي ٽن لینٽن موجب اسین مسلسل گرمي پد ۾ ایندڙ تبدیلین کي جانچي رھیا آھیون پر گرمي اسان جي توقع کان وڌیڪ وڌي رھي آھي
“محسوس ائین پیو ٿئي تہ ایندڙ پنجاھ سالن ۾ گرمي پد ۾ خطرناڪ اضافو ٿیڻ وڃي پیو جنھن جا انساني حیاتيءَ تي ھاڃیڪار اثر پوندا “۔
ھونء تہ دنیا جي ماڻھن جي اڪثریت ڇھ سینٽي گریڊ کان اٺاویھ سینٽي گریڊ سالیاني ایوریج گرمي پد وارن علائقن ۾ عھي ٿي جیڪي نہ رڳو ماڻھن جي حیاتي پر جانورن ۽ پوک لاء بہ بھترین ٽیمپریچر آھي پر ھاڻ محسوس پیو ٿئي تہ ویجھو مستقبل گرمي پد ۾ اضافو آڻي انساني حیاتي لاء مشڪلاتوں دیا ڪرڻ جون تیاریوں ڪري رھیو آھي ۔ اندازو آھي تہ ٽي سینٽي گریڊ گرمي پد وڌندو جنھن سان دنیا جا ٽیھ سیڪڙو ماڻھو متاثر ٿیندا پر گھڻو اثر آفریڪا جي سھارا ریگستان واري علائقي ۾ رھندڙن جي زندگيء تي پوندو جتي گرمي سبب سوڪھڙي واري صورتحال ھوندي ۽ ماڻھو ڏڪار کي منھن ڏیندا۔جڏھن تہ مجموعي طور گرمي پد وڌڻ سان انڊیا پاڪستان انڊونیشیا سوڊان نائیجیریا فلپائن بنگلادیش ۽ ٿائلینڊ جي ماڻھن کي گھڻین تڪلیفن کي منھن ڏیڻو پوندو ،ڪن علائقن ۾ ایئر ڪنڊیشنڊ کان سواء رھڻ ڏکیو ٿي پوندو پر اھو ھر ماڻھو لاء ممڪن ڪونھي انڪري گرم علائقن کان ٿڌن ۽ ھلڪي گرم علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ۾ اضافو ٿیندو جتي وري کاڌ خوراڪ جو ڏڪار ٿیندو۔

Leave a comment