جاپان ۾ احتیاطي تدبیرن جو بھتر استعمال ڪندي ڪورونا جي مریضن جي تیمارداري تربیت یافتہ روبوٽن جي حوالي ڪئي وئي آھي ۔
اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن تان بون گھٽائڻ لاء اھڙا مریض جن جي ڪورونا ٽیسٽ تہ پازیٽو آئي آھي پر کین ڪا گھڻي تڪلیف ڪانھي انھن لاء جاپان جي مختلف ھوٽلن ۾ ڏھ ھزار ڪمرا مختص ڪیا ویا آھن جن کي وري ٽي سو مریضن جو ھڪ بلاڪ ٺاھي انھن لاء روبوٽ مختص ڪیا ویا آھن جیڪی سندن صحت کاڌي پیتي جو خیال رکڻ سان گڏ کین بنیادي صحت جي اصولن کان آگاہ ڪندا جن ۾ ماسڪ پائڻ ھٿ ڌوئڻ وغیرہ شامل آھن ۔
روبوٽن کان پوء ڊاڪٽرن تي بوج گھٽجي ویندو ھاڻ صرف ٻہ نرسون ٽي سو مریضن لاء موجود ھوندیون جڏھن تہ صرف ھڪڙو ڊاڪٽر اھو بہ رڳو ڏینھن جو موجود ھوندو۔
جاپان ۾ ھن وقت ڪورونا جا چوڏھن ھزار کان وڌیڪ مریض آھن جڏھن تہ پنج سو جي لڳ ڀڳ ڪورونا مریض زندگيءَ جي بازي ھارائي چڪا آھن ۔

Leave a comment