ڪالم ڪھاڻي
حیدر ملاح
١٩٨٨ ۾ سنڌوءَ درياهه ۾ وڏي ٻوڏ آئي مانجهند سنڌو ڪناري هجڻ ڪري ١٩٧٦ ۾ آخري ڀيرو ٻڏي چڪو هو ان کان اڳ به سورنهن ڀيرا مانجهند ٻڏندو ۽ ٻيهر آباد ٿيندو رهيو آهي جڏهن به مانجهند پنھنجي گهٽ منافعي جي ڪاوربار جي مشهوري سبب جاه جلال تي پهچندو آهي ته درياهه بادشاھ مانجھند کي ڄڻ چوندو آهي جهل پير…
ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا، دربدر ٿيندا وري جڏهن واءُ سڻائو ٿيندو ته واپس اچي ساڳين پڊن تي آباد ٿيندا آهن، اها ڪرت صدين کان نسل در نسل جاري آهي.
٨٨ ۾ سرڪاري طور مانجهند جي ماڻهن کي حڪم ڏنو ويو ته چوويهه ڪلاڪن ۾ شهر خالي ڪري وڃو، ماڻهن جي اڪثريت ڀريل ڀڪيل گهرن کي ڇڏي سنڌ جي مختلف شهرن ڏانھن مٽن مائٽن ۽ دوستن جي اجهن ڏانهن رواني ٿي.
ان سال ڪو واءُ سڻايو وريو درياه ۾ وڏي چاڙھ باوجود مانجھند ٻوڏ کان محفوظ رهيو پر شهري تقريبن ٻن مهينن جي دربدري کانپوءِ واپس شهر ڏانهن موٽيا ته شهر ۾ ٻيو سڀ ڪجهه ساڳيو هو پر ڪنڊي فقير جي مڪان وٽ هڪ قبر جو اضافو ضرور ٿيو هو .
آئون ان وقت حيدرآباد ۾ پڙهي رهيو هئس پر گهر جا ٻيا ڀاتي سن ۾ اسان جي پيڙهين جي خانداني دوست گراڻو خاندان جي ماما حڪيم گراڻي جي ميزباني هيٺ سن ڏانهن شفٽ ٿي چڪا هئا، سن جي گراڻن سان اسان جو اهو گهر جي ڀاتي وارو رشتو اڄ به ائين ئي جاري آهي جيئن اسان جي وڏن جو رشتو هو.
هڪ ڏينهن مان جيئن ئي حيدرآباد مان مانجهند ۾ آيس ته مانجهند جي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ شاهه گودڙي درگاھ جي فقير منش سپاهي علي حسن چانڊيو سان ملاقات ٿي، علي حسن چانڊيو هاڻي ته پوليس مان رٽائرڊ آهي پر هن شريف ماڻهو جيترا سال ڊيوٽي ڪئي جتي به ويو اتي هن دوست ئي ٺاهيا، ماڻھن کي ڦرڻ ۽ تنگ ڪرڻ وارو ته هن جو مزاج ئي نه هو سو جتي به هجي ته هن جا سوين دوست.
مانجھند ۾ گهڻو وقت سروس ڪرڻ جي ڪري ڳوٺ جا سڀ ماڻهو هن جي دل سان عزت ڪندا هئا ۽ ڳوٺائي سمجهندا هئا، علي حسن چانڊئي ان سٺي ڪردار جي ڪري ٻين سپاهين جيان ڪڏهن به مانجهند ۾ هوٽل جي ماني نه کاڌي، ڪيترائي ماڻهو علي حسن جي دل سان خدمت ڪندا هئا.
علي حسن سان خبرون چارون ٿيون ته نئين قبر جي بابت مون هن کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته هڪ ڏينھن اطلاع مليو ته درياه جي پاڻي ۾ ڪنهن عورت جو لاش اچي ايريگيشن جي لانڍيءَ وٽ واٽر سپلا جي اليڪٽرڪ موٽرن جي فالاٽ ۾ فاٿو آهي سو اسان ايس ايڇ سان گڏجي لاش ڪڍرايو ۽ اتي ئي ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ منڇرين سان گڏجي دفنايو آهي.
مانجھند ۾ منڇرين جو پاڙو به لڳ ڀڳ ١٩٨٣ ڌاري ان وقت جڙيو جڏهن مانجهند جي پرئيي مڙس زميندار سرائي احمد خان ڀٽي منڇر کان لڏي آيل هنن مهاڻن کي مفت ۾ پنهنجي کاتي جي زمين ڏني، ان کان اڳ ڪيترائي سال منڇر جا هي مهاڻا مانجهند جي درياه ۾ ٻيڙين ۾ گهر ٺاهي منڇر جي مهاڻن جي روايتي رهڻي ڪهڻي جيان رهيل هئا، منڇر ڍنڍ تان لڏي اچڻ جي ڪري هنن جو پاڙو منڇري پاڙو ٿو سڏجي. ان وقت ناکـئو سليمان هنن جي ويڙهي جو وڏو هو جيڪو هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو. تازو هن جو وڏو پٽ ناکئو پيرو به وفات ڪري ويو آهي. ناکئو نظام ۽ ٻيا اڃان هن پاڙي جا پريا مڙس حال حيات آهن.
مون ان کان پڇا ڪئي ته لاش مان ڇا اندازو آهي ته ڪيترا ڏينھن پراڻو آهي يا ڪيئن ان جو موت ٿيو آهي ته علي حسن جو چوڻ هو ته لڳي ٿو ته لاش ٽي چار ڏينهن پراڻو آهي. هن کي ڪهاڙين سان قتل ڪيو ويو هو. ڳاڙهي رنگ جو جوڙو پاتل هن ناري جي عمر ويهن سالن جي اندر هوندي ۽ سندس ڪنن ۾ سونيون واليون پيل هنيون.
ائين اڪيلي قبر ڪجهه سالن کانپوءِ، ڳاڙهن ۽ ساون پڙن پوڻ ۽ مٺي ڀت جي ڪري مشهور ٿيڻ شروع ٿي . ٿيو ڇا ته منڇرين جي ئي ڪنهن مائي ڳوٺ جي مختلف گهرن ۾ وڃي ڳالهه ڪئي ته هي قبر بي بي سڳوريءَ جي آهي ۽ ان مونکي خواب ۾ چيو آهي ته مونکي بي گناھ قتل ڪيو ويو آهي جيڪو به مٺو ديڳڙو اچي لاهي خيرات ڪندو ته ان جون سڀ من جون مرادون پوريون ٿينديون.
ڪن ماڻهن وري اها به ڳالهه هُلائي جيڪا بنا تصديق جي اڃان تائين مانجھند ۾ مشهور آهي ته هن قبر ۾ دفن ٿيل نوجوان عورت جو تعلق سنڌ جي قديم شهر آمري جي سيدن جي ڪنهن خاندان سان آهي،جنهن کي پنهنجي ڪنهن ڀاءُ رات جي اونداهي ۾ ڪهاڙين سان قتل ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، ان بابت ان خيال جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ته قبر ۾ دفن ٿيل نوجوان ناري جي امڙ به ڪيترن سالن تائين قبر تي ايندي رهندي هئي، ان امڙ ئي انهن سان مٿين ڳالهه ڪئي هئي پر مون ان خيال بابت تصديق لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي، ڪافي ڀيرا آمري به ويس مختلف ماڻهن کان پڇا به ڪيم ته ڇا واقعي آمري جي سيدن اهو ظلم ڪيو پر گهڻي پڇا ڳاڇا ڪرڻ باوجود به مون کي هڪ به اهڙي ڪا شاهدي نه ملي سگهي آهي جنهن سان ثابت ٿئي ته هن ناري جو تعلق آمري ڳوٺ ۾ آباد سيدن سان هجي.
جيئن ته قبر ۾ موجوده عورت جون ڪي خاص ڪرامتون ته ناهن، جيڪي هتي بيان ڪرڻ جهڙيون هجن، ان جي باوجود به هن قبر تي روز بروز دعائن گهرندڙن جو اضافو ٿيندو پيو وڃي، قبر ۾ مدفون ٿيل عورت جي نالي جي به ڪنھن کي به خبر ناهي ان ڪري سڀ ماڻهو ان کي بي بي سڳوري ڪري پڪارين ٿا.
هاڻي ساڳين منڇرين جي ڪنهن مائي ڳوٺ ۾ مختلف ماين سان خواب جو ذڪر ڪندي چيو ته بي بي چوي ٿي آئون پاڪ دامن بي بي آهيان سو منهنجي اڪيلي قبر جي ڀر مان مرد گذرن ٿا مونکي چوديواري ڏياريو. خواب جي تڪميل ٿي ۽ چوديواري به اچي ويئي آهي.
بي نام هن قبر تي مردن جي وڃڻ تي هاڻي پابندي لاڳو آهي چيو وڃي ٿو ته جيڪو به مرد ويندو سو سلامت واپس نه موٽندو باقي مانجهند شهر توڙي آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان عورتون هر روز هن قبر تي نه رڳو دعائون گهرڻ ۽ باسون باسڻ اچن ٿيون پر مٺو ديڳڙو به پاڻ سان کڻي اچن ٿيون.
قبر جي سار سنڀال به قبر جي پاڙي ۾ رهندڙ مخصوص گهر جا ڀاتي ئي ڪن ٿا.
مهينو اڳ جڏهن ڪورونا وائرس اڃان ملڪ ۾ هر ماڻهو وٽ زور شور سان بحث هيٺ هو ته شام جي وقت واڪ تي ويندي قبر وٽان گذر ٿيو.
عورتن جو وڏو ڊنب ۽ ٻارن جو ٽولو ڏسي هڪ پوڙهيءَ کان پڇيم امان ڪيڏانهن نڪتيون آهيو، جواب ۾ پوڙهيءَ چيو ابا چون ٿا ڪا مئي ماري ڪورونا بيماري آئي آهي سو بي بي سڳوري خواب ۾ چيو آهي مٺو ديڳڙو لاهيو ته ڪورونا کي هتي ئي ختم ڪري ڇڏيان سو مٺو ديڳڙو کنيو بي بي سڳوريءَ ڏي پيا وڃون.
ٽن ڏينهن کان پوءِ مانجهند جي ڄائي اقرا ميمڻ لاءِ خبر پئي ته ان جي ڪورونا وائرس جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي ۽ ھوءَ ڪوٽڙي جي آئسوليشن سينٽر ۾ داخل آھي ۽ تڙپي رهي آهي.
حيدر ملاح
نوٽ : فوٽو ۾ ڏيکاريل چوديواري جي اندر بي نام قبر آهي مانجهند جي ماڻھن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته ان ۾ بي بي سڳوري دفن ٿيل آهي.
هن بي نام قبر بابت ڪا جي اوهان وٽ اضافي ڄاڻ آهي ته ضرور مونسان ونڊ ڪريو.

Leave a comment