حیدر ملاح
ٻڪريون پالڻ انتھائي بھترين ڪم آهي ، صرف عقل ۽ دانش کپي ، نون دوستن کي گذارش آهي ته ٻڪريون ٻسر ، کير واريون ۽ صحتمند خريد ڪجن 25 ٻڪرين لاء ھڪ سانھن انگريزي ۾ بريڊر رکڻ گھرجي ، ٻڪرين کي سردي ۽ گرمي توڙي مڇرن کان بچائجي ، ويڪسينيشن وقت سر ڪجي ، ٻڪريون پٺون وٺجن ، جيڪي ستن اٺن سالن تائين توھان جي فارم تي رھي سگھن ٿيون ، ٻڪرين جي خوراڪ سبز 5 ڪلو روزاني جي حساب سان ان سان گڏ خشڪ چارو بھ بوسو ۽ ڪڻڪ جا داڻا
استعمال ، ھڪ بالٽي بھ ڪلو ڪڻڪ جو بوسو ۽ اڌ ڪلو ڪڻڪ جا داڻا ڏھن ٻڪرين لاء ھڪ وقت ڪافي آھن باقي حساب لڳائي وٺو لاءِ مناسب آھورو ھجڻ گھرجي ،
ٻڪرين کي سال ۾ ٻه ڀيرا بريڊر ڏجي ھڪ اپريل مئي ٻيو سيپٽمبر آڪٽوبر باقي بريڊر الڳ واڙي تي موجود ھجن
آڪٽوبر ۾ پتي جي ويڪسين ڪرڻ گھرجي ،
ميڊيڪيشن سال۾ ٽي ڀيرا ريج جي دوا جيڪا ٻڪرين کي دست نه ڪرائي ڏيڻ گھرجي ، ٻڪرين کي تيڪ گنگھ زڪام لاءِ توھان وٽ غازي وارن جي اينرو ۽ جينٽا فارم تي موجود ھجڻ گھرجي ، وڏي ٻڪري کي ٽي سي سي ھڻڻ گھرجي ،
ٻڪري ٻارنھن مھينن کان 15 مھينن تائين ٻه دفعا ويامي ٿي چار مھينا ساڳي خوراڪ ڏيو چار مھينن کان پوءِ ڪڪڙن جي کڙ بھ بوسي ۽ ڪڻڪ جي داڻن سان ملائي ڏيو ۽ اڌ پاءُ ديسي گيھ ۽ لڏون جيترو ڳڙ ويامڻ تائين وقفي وقفي سان کارايو ھڪ ڄم سئولو ٿيندو ۽ ٻڪري جي جسم مان رت پت نڪري ويندو کير سٺو ڪندي ۽ ڪمزور نه ٿيندي
ڦرن جو ڄم گڏ ٿيندو انھن جي خيال رکڻ ۾ آساني ٿيندي ڇاڪاڻ ته اهص اوھان جو منافعو آھن
محنت ڪندا ته معاشي تنگي نه ڏسندا

Leave a comment