چنڊ جو ٽڪڙو صرف چار ڪروڙ ۾

Published on

in

لنڊن ۾ چنڊ جو ھڪ ساڍا تیرھن ڪلو وزن جو ٽڪڙو وڪري لاء رکیو ویو آھي جیڪو اندازو آھي تہ چار ڪروڙ پاڪستاني روپین کان وڌیڪ ۾ وڪرو ٿیندو۔

چنڊ جو اھو ٽڪڙو سھارا جي ریگستان مان لڌو ویو ھیو جنھن بابت خیال آھي تہ اھو ڪنھن خلائي پٿر جي ٽڪر لڳڻ سان چنڊ کان الڳ ٿي ڌرتي تي اچي ڪریو

چنڊ جي ان ٽڪڙي جون ٽیسٽون ڪري ان جي ڀیٽ چنڊ جي سفر تي ویندڙ اپالو مشن طرفان پاڻ سان آندل سیمپلز سان ڪئي وئي جنھن کان پوء ان جي چنڊ جي ٽڪر طور تصدیق ڪئي وئي ۔

ھي زمین تي چنڊ جو پنجون وڏو ٽڪرو آھي ھیسیتائین زمین تي چنڊ جو ساڍا ڇھ سو ڪلو وزن جا مختلف ٽڪرا ملي چڪا آھن۔ جنھن مان اپالو مشن پنھنجي سٺ ۽ ستر واري ڏھاڪي ۾ چنڊ جي سفر دوران چار سو ڪلو جا پٿر جا ٽڪڙا آڻي چڪو آھي

چنڊ شروعات کان وٺي انسانن لاء تجسس جو زریعو رھیو آھي چنڊ لاء اندازو آھي تہ ساڍا چار ارب سال اڳ ھڪڙو مریخ جیترو وجود ڌرتيء ڏي ایندي ان جي گریوٽي ۾ قابو ٿي ان جي مدار ۾ گھمڻ لڳو۔

رائٽر جي ٿورن سان

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.