گوگل توھان جي باري ۾ ڇاٿو ڄاڻي۔

Published on

in

گوگل آھستي آھستي اسان جي زندگي سان ایترو تہ جڙي ویو آھي جو اھو اسان جي باري ۾ ایترو ڪھٿو ڄاڻي جیترو اسان پاڻ بہ نٿا ڄاڻون ۔

جي ھا جیتري اسان کي خود خبر ڪانھي گوگل اسان جي ان کان وڌیڪ خبر ٿو رکي ۔

اسان جي پسند ڇاھي ناپسند ڇاھي اسان ڇا ٿا ڏسون ،ڇا ٿا پڙھون، اسان ڪٿي و یاسین ، ڪنھن سان گڏ ویا سین ،ڇو ویاسین گوگل سڀ سنڀالي ٿو رکي ۔

گوگل سرچ

گوگل سرچ تي اوھان جو لکیل ھڪڙو اکر گوگل جي ڊیٽا بیس جو ھمیشہ لاء حصو ٿي وڃي ٿو۔ اوھان ڪھڙیون ویب سائیٽس کولیو ٿا گوگل اوھان جي حرڪتن کي ٽریڪ ڪري ٿو ویندي اوھان گوگل سرچ بدران ٻین ویب ٽولز زریعي ڪجھ ڏسو پڙھو یا ٻڌو ٿا تہ اتي بہ گوگل پنھنجي ڪنھن نہ ڪنھن پروڊڪٽ زریعي اسان تي نظر ڄمایو ویٺو آھي۔

گوگل ھاڻ سرچ ڪمپني بدران ھڪ مڪمل جاسوسي یا ٽریڪنگ كمپني بنجي چڪو آھي جیڪو ھر وقت اسان جي تاڙ ۾ ھجي ۽ مزي جي ڳالھ تہ ان تاڙ جو موقعو بہ اسین پاڻ ئي گوگل کي ڏئي چڪا آھیون۔

یوٽیوب وڊیوز

فورجي ٽیڪنالاجي وڊیوز کي ڏسڻ جي سھولیت کي آسان ڪري ڇڏیو آھي جنھن ڪري گوگل جو پروڊڪٽ یو ٽیوب بہ اسان جي زندگي جو حصو بنجي ویو آھي ٻارن جي ڪارٽونن ،نوجوانن جي موویز جھونن جي مذھبي تقریرن عورتن جي فیشن ۽رڌ پچاس تائین اھڙو باقي ڇا رھیو آھي جیڪو یو ٽیوب تي ناھي ۔اوھان یوٽیوب تي ھڪ دفعو پنھنجي پسند جي ویڊیو ڳولي ڇا ڏٺي ٻیھر اوھان یوٽیوب کولیو تہ یوٽیوب بنا ٻڌائڻ جي اوھان جي پسند جي موضوع واریون وڊیو کڻي اوھان جي اڳیان رکندو ۔

اینڊرائیڊ فون

سمارٽ فون ۾ اینڊرائیڊ آپریٽنگ سسٽم دنیا ۾ گھڻي ۾ گھڻو استعمال ٿیندڙ سسٽم آھي ۽ گوگل ان سسٽم جو خالق ۽ مالڪ آھي ۔

اینڊرائیڊ اوھان جي لوڪیشن فون ۾ موجود نمبرن کان وٺي اوھان جي تصویرن ویندي جیڪي اوھان ڊلیٽ بہ ڪري ڇڏیو تہ بہ گوگل ان جو رڪارڊ بہ محفوظ رکي ٿو۔ گوگل پلي اسٽور تان اوھان ڪھڙیون ایپس استعمال ڪیون ڪڏھن ڪیون ڪٿي ڪیون ڪنھن سان گڏ استعمال ڪیون گوگل کان ڪجھ بہ ڳجھو ڪونھي ۔

گوگل میپس اوھان جي ھلڻ گھمڻ شاپنگ کي ٽریڪ ڪري ٿو ۽ گوگل ھیلٿ تہ صفا قدم قدم جو حساب ٿو رکي ۔

توھان میسیجز ڪیا ،ڊلیٽ بہ ڪیا متان مطمئن ھجو تہ ھاڻ قصو ختم گوگل وٽ اوھان جي ڪیل سڀني میسیجز جو حساب ڪتاب آھي ساڳیو حال اوھان جي فوٽو جو آھي اوھان فوٽو ڊلیٽ ڪري مزي سان موبائل وڪڻي ویٺا آھیو ۽ اوھان کان اوھان جو جي میل ڊلیٽ ڪرڻ وسري ویو آھي تہ جنھن موبائل ورتو اھو گوگل فوٽوز زریعي اوھان جي سڀني تصویرن کي ویٺو ڏسندو ۔یعني گوگل فوٽوز اوھان جي سڀني فوٽو جا البم ٺاھیو سنڀالیو ویٺو آھي سو بہ تاریخ ۽ جڳھ سمیت۔

جي میل تہ وري اوھان جي سموري ڪاروباري ذاتي ۽ سماجي خط ڪتابت جو رڪارڊ پاڻ وٽ محفوظ رکیو ویٺو آھي ۔

مزي جي ڳالھ پڙھو ۔

جیڪڏھن اوھان گوگل سرچ ۾ آواز زریعي سرچ ڪریو ٿا تہ گوگل اوھان جو آواز بہ محفوظ ڪریو ویٺو آھي ۔یقین نہ اچي تہ ڪنھن ڏینھن گوگل ایڪٽوٽي پیج تي وڃي رڪارڊنگ بہ ٻڌي سگھو ٿا۔

گوگل اوھان جي جاسوسي ڇو ٿو ڪري

ڳالھ ھینئن آھي تہ گوگل جو سڄو ڌنڌو ایڊورٽائیزنگ ڪمپنین تي ٿو ھلي ۽ ھو اوھان جي پسند ناپسند کي ٽریڪ ڪري انھن ڪمپنین جي پراڊڪٽس لاء گراھڪ ٺاھي ٿو۔اوھان جي ڪپڙن کان موسیقي جي پسند تائین جا لکین پروڊڪ اوھان لاء سیڪنڊن ۾ اوھان اڳیان حاضر ڪري گوگل دراصل انھن ڪمپنیز لاء ھڪ وچئین فرد وارو ڪردار ادا ڪري رھیو آھي پر جتي اھا سھولیت سرمائیدارن لاء فائدیمند بنجي ٿي اتي ئي ڪروڙین ماڻھن جي پرائیویسي بہ داؤ تي لڳل آھي ۔

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.