الفت حسین پتافي
حصو پهريون)
ڌرتيءَ تي زندگي جو وجود هجڻ جا سبب ۽ زندگي جي واڌ ويجهه (ارتقا Evolution) ٿيڻ جي طريقيڪار کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ سائنسي حقيقتون به آهن جيڪي سمجهڻيون پونديون.


اسڀ کان پهرين سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ اٺن سيارن منجهان زمين به هڪ آهي، شروع جا چارئي سيارا مٽي، پٿر ۽ ڌاتوئن جا ٺهيل آهن، آخري چارئي سيارا گئسن جا ٺهيل آهن. زهره Venus سياري کي ڇڏي ڪري باقي سڀني سيارن جا پنهنجا پنهنجا چنڊ به آهن جيڪي ڪل ملائي ڪري 170 کن آهن. سڀني کان وڏو سيارو مشتري Jupiter ۽ سڀني کان ننڍو سيارو عطارد Mercury آهي.

جيئن ته هر ستاري جي ٺهڻ جو طريقيڪار Star formation process ساڳو آهي ان ڪري سج وانگر هر ستاري جا پنهنجا پنهنجا سيارا هوندا آهن، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪائنات ۾ موجود 1×10*22 يعني هڪ جي اڳيان 22 ٻڙيون جيترا ستارا آهن ۽ سيارا ان کان چار دفعا (چوڻfour times) تي وڌيڪ آهن.
هر ستاري جي چوڌاري هڪ ريجن هوندو آهي جنهن کي Goldilock zone چئبو آهي يعني جتي گرمي پد ايترو هجي جو پاڻي liquid حالت ۾ رهي سگهي، نه ايتري گرمي جو پاڻي ٻاڦ ٿي اڏامي وڃي نه ايتري ٿڌ جو جو پاڻي برف ٿي وڃي. Solar system ۾ زمين کان مريخ تائين Goldilock zone آهي ۽ اتي زندگي جو وجود ممڪن ٿي سگهيو يا ٿي سگهي ٿو. ان حساب سان چئي سگهجي ٿو ته ڪائنات ۾ گهٽ ۾ گهٽ کربين اهڙا سيارا آهن جن تي زندگي جو وجود ممڪن آهي.
زندگي جي وجود لاءِ صرف پاڻي ۽ صحيح گرمي پد ضروري نه آهي پر گهٽ ۾ گهٽ سئو کن اهڙيون ضروري شيون آهن جن جو ھجڻ زندگي جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي جن جو ذڪر به واري واري تي ضرورت مطابق ڪيو ويندو. سو ڳالهه پئي هلي سج جي سيارن جي. مريخ کان پوءِ مشتري آهي پر مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ Asteroid belt آهي، ايسٽرائڊ بيلٽ وري ڪهڙي بلا آهي، Asteroid belt کي هين سمجهو ته ساڍا چار ارب سال اڳ سولر سسٽم ٺهڻ وقت صرف اٺ سيارا نه هيا پر سمجهو ته سئو کن مختلف سائيز جا سيارا هيا، سج جي چوڌاري پنهنجي پنهنجي گولائي واري رستي orbit تي پيا هلندا هيا، سيارن جي رش هجڻ ڪري هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ معمول بڻيل هو. مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ ڪجهه ننڍا سيارا پاڻ ۾ ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا، اهي ٽڪرا ڪجهه ڪلوميٽر کان وٺي ڪجهه انچن تائين آهن، ان کان علاوه سمجهو ته واري جا ذرن جيتري ڌوڙ گهمي ٿي پئي ان کي Asteroid belt چئبو آهي. اهي ننڍا وڏا پٿر ۽ ڌاتوئن جا ٽڪرا اڄ به هڪٻئي سان ٽڪرائجندا آهن ۽ ڪجھ زمين طرف ايندا آهن جن کي اسين شهاب ثاقب، ٹوٹتا ہوا تارا يا comet or meteorite چوندا آهيون. اهي رات جو اسان کي زمين جي atmosphere ۾ داخل ٿيڻ وقت سڙي وڃڻ دوران چمڪندي نظر ايندا آهن، ياد رهي ته شهاب ثاقب هر وقت زمين ڏانهن ايندا رهندا آهن، جيڪا سائيز ۾ ننڍا هوندا آهن اهي زمين تي پهچڻ کان اڳ سڙي ويندا آهن ۽ ڪجھ زمين کي هٽ به ڪندا آهن جئين اڄ کان ساڍا ڇھ ڪروڙ سال اڳ هڪ asteroid زمين تي ڪريو ۽ پنجانوي سيڪڙو زندگي تباھ ٿي وئي جنهن ۾ ڊائنوسار به شامل هئا.
سولر سسٽم جي آخري سياري نيپچون جي ٻاهران به هڪ بيلٽ آهي جنهن کي kuiper belt چئبو آهي ۽ ان کان پوءِ Oort cloud آهي.
اڳين حصي ۾ پاڻ اهو ڏسندا سي ته زمين تي پاڻي ڪٿان آيو ۽ kuiper belt ۽ Oort cloud جو ڪھڙو ڪردار آهي زمين تي پاڻي پهچائڻ ۾ ۽ زندگي جي شروعات ٿيڻ ۾.
سولر سسٽم جي ڏورانهين ترين حصي کي Trans-Neptunian objects چئبو آهي، جنهن ۾ نيپچون کان بعد ۾ ايندڙ Dwarf Planets جنهن ۾ پلوٽو، ايريز ۽ ٻيا شامل آهن، ان کان علاوه اربين ايسٽرائڊس ۽ ڪاميٽس شامل آهن. سج پنهنجي جسامت ۾ ايترو ته وڏو آهي جو جيڪڏهن سج کي کوکلو ڪجي ته ان ۾ 13 لک زمينون سمائجي سگهجن ٿيون، نه صرف ايترو پر سولر سسٽم ۾هن وقت موجود 8 سيارا، 170 چنڊ ۽ اربين ايسٽرائڊس به جيڪڏهن گڏائجن ته به سج سولر سسٽم جي ڪل وزن جو نوانوي سيڪڙو ٿو بيهي. ان جي ڪري سج جي بي پناه ڪشش ثقل آهي ۽ سولر سسٽم ۾ موجود هر شي سج جو ٻاهران گردش ڪندي آهي.
4.5 ارب سال اڳ سولر سسٽم جا سئو کن سيارچا۽ اربين ايسٽرائڊس Stable Orbits يا مستقل مدار حاصل ڪرڻ لاء هڪٻئي سا ٽڪرائجندا رهندا هيا، نتيجي ۾ 4.5 ارب سال اڳ سولر سسٽم افراتفري جو وقت هيو ۽ هر طرف تباهي ۽ chaos وارو ماحول هو. ان سڄي منظرنامي جي نتيجي ۾ ۽ سج جي گريوٽي جي ڪري ڪروڙين ايسٽرائڊس Stable Orbits نه هجڻ ڪري سج طرف ڇڪجي ايندا هيا ۽ رستي ۾ موجود زمين سميت ٻين سيارن سان ٽڪرائجندا رهندا هيا. ايترا ايسٽرائڊس زمين سان هر وقت ٽڪرائجڻ ڪري زمين هڪ باه جي گولي مثل هئي جتي پگهريل لوه ۽ پٿر جا سمنڊ هيا. هن دور کي جيڪو 10 ڪروڙ سالن جي لڳ ڀڳ هيو سائنسدان Early heavy bombardment وارو دورچوندا آهن، ان دور ۾ ئي زمين جو ايسٽرائڊس ڪرڻ جي ڪري ايترو سائيز ٿيو. ان ئي دور ۾، 4.35 ارب سال اڳ تقريبن مريخ جي سائيز جيترو هڪ سيارو جنهن کي سائنسدان ٿيا (Theia) چوندا آهن زمين سان ٽڪرائجي ويو ۽ زمين جو ڳپل حص پاڻ سان گڏ کڻي ويو، پر زمين جي گريوٽي جي ڪري اهو سيارو زمين جي گريوٽيشنل حد کان ٻاهر نه نڪري سگهيو ۽ زمين جي ٻاهران ئي گردش ڪرڻ لڳو ۽ آهستي آهستي موجوده زمين جو چنڊ ٿي ويو، جي بلڪل اوهان صحيح پڙهيو آهي، چنڊ جي پيدائش ائين ٿي هئي.
ياد رهي ته مشتري سولر سسٽم جو سڀني کان وڏو سيارو آهي ان جي ڪشش ثقل ۽ سج جي ڪشش ثقل ڪري سولر سسٽم جي ڪائپر بيلٽ ۽ اورٽ ڪلائوڊ ۾ به اڪثر مسئلا ٿيندا هيا ۽ ٿيندا آهن، تقريبن 4.1 کان 3.8 ارب سال اڳ ڪائپر بيلٽ مان اربين ڪاميٽس يا برف جا گولا ۽ ايسٽرائڊس جوزمين سان ٽڪرائڻ جو هڪ ٻيو دور شروع ٿيو جنهن کي سائنسدان The Late Heavy Bombardment (LHB) چوندا آهن،اربين ڪاميٽس ٽيه ڪروڙ سالن تائين زمين سان ٽڪرائجندا رهيا، جنهنجي نتيجي ۾ زمين تي هن وقت موجود تقريبن سمورو پاڻي پهتو ۽ جڏهن Late Heavy Bombardment جو دور ختم ٿيو ته زمين زندگي جي سفر جي شروعات ڪرڻ لاء تيار هئي. پاڻي جو زمين تي پهچڻ کان پوء ڇا ٿيو، اهو اڳين پوسٽ ۾.
هاڻي ڪجه سوالن جا جواب ته، ڪئين خبر پئي ته پاڻي 4 ارب سال پراڻو آهي، اها خبر پئي ڪجه ڪيميڪل ڪمپائونڊس جيڪي پاڻي اندر ئي ٺهندا آهن، انهن جي جڏهن ڪاربان ڊيٽنگ ۽ پوٽيشيم آرگان ڊيٽنگ واري ٽيڪنيڪ جي ذريعي عمر معلوم ڪئي وئي ته اهي ڪمپائونڊ 4.1 ارب سال پرانا هيا. هڪ ٻيو ڪيميڪل آهي جنهن کي زرڪن Zircon، ZrSiO4 چئبو آهي، هي ڪمپائونڊ پاڻي اندر ئي تيار ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به ڪاربان ڊيٽنگ ۽ پوٽيشيم آرگان ڊيٽنگ واري ٽيڪنيڪ ذريعي چيڪ ڪيو ويو تن 4 ارب سال پراڻو هو.
(حصو ٽيون):
ساڍا چار ارب سال اڳ زمين جي ٺهڻ کانپوءِ تقريبن ستر کان پنجهتر ڪروڙ سالن ۾ ٻه وڏا واقعا پيش آيا. پهرين Early heavy bombardment جو مرحلو آيو، ان ئي عرصي ۾ ٿيا Theia نالي مريخ جي سائز جو سيارو زمين سان ٽڪرائجي ويو ۽ چنڊ زمين جي ڪُک مان جنم ورتو، نه صرف ايترو پر ان ٽڪر جي نتيجي ۾ زمين پنهنجي axis يا محور تا 23-24 ڊگريون ٽيڏي ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي زمين تي موسمن جي تبديلي جو سبب بڻي، اهو ٽڪر head to head collision يعني آمهون سامهون ٽڪر نه هو پر پاسيرو ٽڪر هيو، جنهن جي نتيجي ۾ زمين پنهنجي محور تي اڄ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گھمڻ شروع ڪيو ۽ ان ٽڪر جي ڪري هڪ ڏينهن 24 ڪلاڪن جو نه پر 4 ڪلاڪن جو هيو، اها زمين جي ڦرڻ جي اسپيڊ سلو ٿيندي پئي وڃي ۽ اڳتي هلي لکين سالن ۾ زمين تي هڪ ڏينهن 25 ڪلاڪن جو ٿي ويندو ۽ وقت گذرڻ سان ڏينهن اڃا وڏو ٿيندو ويندو. جي اهو ٽڪر head to head collision هجي ته شايد زمين به ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ها ۽ شايد زندگي جو وجود ناممڪن بڻجي وڃي ها.
ان مرحلي کان پوءِ late heavy bombardment جو دور شروع ٿيو جنهن ۾ ڪيئي ڪروڙ سالن تائين ڪاميٽس يا برف جا گولا زمين سان ٽڪرائجندا رهيا ۽ اڄ زمين تي موجود تقريبن سمورو پاڻي هن طريقي سان زمين تي پهتو ۽ خير سان زمين پنهنجا ستر ڪروڙ سال پورا ڪيا.
تقريبن ٽي ارب اسي ڪروڙ سال اڳ جي زمين جو جائزو وٺون ته زمين ڪجهه هن طرح جي هئي:
1. زمين تي ايٽماسفر ته ھيو پر آڪسيجن نه هئي ان ڪري اوزون جو تهه به نه هيو، جنهنجي نتيجي ۾ سج جون الٽراوايوليٽ شعاعون بغير رڪاوٽ جي زمين تي پهچنديون هيون، ۽ زمين ڪنهن به طرح زندگي لاءِ موزون نه هئي.
2. زمين جي اندرين بناوت ڪجهه هن ريت هئي، جئين ته زمين شروع واري دور ۾ هڪ پگهريل لاوي مثل هئي يعني زمين هڪ رجيل لوه ۽ پٿر جو گولو هو. جئين ته ڌاتوئن جي گهاٽائي يا density وڌيڪ هوندي آهي ۽ ڳري شي ترو ئي وڃي وٺندي آهي، ان جي ڪري سڀ ڌاتو جنهن ۾ لوه، نڪل، ڪوبالٽ، شيهو يا lead ۽ تابڪار ڌاتو radioactive metals زمين جي سينٽر ۾ گڏ ٿيندا ويا، اهڙي طريقي سان زمين جر ڪور Core ٺهي وئي. زمين جو نيم قطر يا radius تقريبن ڇھ هزار ڪلوميٽر سطح کان هيٺ آهي، ان ڪري زمين جي سينٽر ۾ تمام گهڻو گرمي پد آهي. زمين جي ڪور رجيل لوه جي ٺهيل آهي ۽ اڄ تائين ان گهمندڙ revolving ڪور جي ڪري زمين تي مقناطيسي شيلڊ Magnetic Shield يا Magneto sphere وجود ۾ آيو.
3. زمين جي بيحد گرم ڪور ۽ ان کان ڪجهه مٿي هڪ ٻيو تهه آهي جنهن کي The mantle ۽ سطح واري تهه کي Crust چئبو آهي. اهي ٻئي تهه به سطح جي مقابلي ۾ وڌيڪ گرم هوندا آهن. زمين جو مٿاڇرو تهه يا Crust تقريبن 50 کان 70 ڪلوميٽر اونهو آهي ۽ ان ئي تهه ۾ سڀ معدنيات جن تي انسان جي رسائي آهي نڪرندي آهن، ان ئي تهه ۾ سڀ سمنڊ آهن، ان ئي تهه ۾ ڌرتي جون ٽيڪٽانڪ پليٽس Tectonic Plates آهن جيڪي گرمي جي وهڪري، زمين جي ڪور کان سطح تائين، جي ڪري هيٺ مٿي ٿينديون رهنديون آهن ۽ جن جي ڪري زلزلا ايندا آهن، زمين تي موجود سڀ جبل tectonic Plates جي هڪٻئي سان ٽڪرائڻ ڪري ٺهيا آهن، سڀ کنڊ continents جو ٺهڻ ۽ وري ڊهڻ به ان tectonic Plates جي ڪري ئي آهي، نه صرف ايترو پر زمين تي موجود کاڻيون زمين جي هيٺين تهن مان معدنيات کڻي سطح تائين آڻينديون آهن.
هاڻي اچون ٿا ته زمين تي 3.8 ارب سالن کان پوءِ ڇا ٿيو. زمين تي گذريل ستر ڪروڙ سالن ۾ پاڻي پهچي چڪو هيو، سطح سج جي شعائن ڪري تابڪاريل هئي ۽ سطح زهريلي گئسن سان ڀريل هئي. جئين ته پاڻي radioactivity يا تابڪاري لاءِ هڪ شيلڊ جو ڪم ڪندي آهي ان ڪري ان وقت جا سمنڊ تابڪاري کان بچيل هئا. سمنڊن جي تهه ۾ زمين جي ڪور مان thermal vents نڪرندا آهن، جيڪي گرمي ۽ زهريليون گئسون سمنڊ ۾ داخل ڪنديون آهن، جيڪي سلسلو اڄ به جاري آهي.
ان مرحلي کانپوءِ مزيدار ۽ وات گودو ڪندڙ ڪم شروع ٿيا، جيڪو پاڻ اڳين حصي ۾ شيئر ڪندا سي ته سمنڊن جي تهه ۾ ڇا ٿيو، آڪسيجن ڪٿان آئي، امينو ايسڊس ۽ پروٽين جو زندگي جي شروعات ڪرڻ ۾ ڪهڙو رول آهي، organic matter ۽ microbial life ڇا هوندي آهي، cell replica ڇا هوندو آهي، وغيره وغيره.
( حصو چوٿون)
ٽي ڪروڙ اسي سال اڳ خيرن سان ڌرتي تي سمنڊ به ٺهي ويا هيا، پر اوزون جو تهه نه هجڻ ڪري ڌرتي گهڻي ڀاڱي سج جي شعاعن جي ڪري تابڪاريل هئي، زندگي جي واڌ ويجهه سطح تي ناممڪن هئي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته زندگي آخر آئي ڪٿان. ان سوال جي جواب کان پهرين ڪجهه وڌيڪ وضاحتون ضروري آهن. ياد رهي ته زمين تي ان وقت تائين يعني ستر ڪروڙ سالن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو گهڻي ڀاڱي مريخ تي به ٿيو، يعني ان دوران مريخ تي به پاڻي هو، ايٽماسفر هو، ميگنيٽڪ شيلڊ هئي ۽ اتي به زندگي جي لاءِ تقريبن سڀ ضرورتون پوريون هيون.
ٻي ڳالهه ته early and late heavy bombardment جي دوران زمين ۽ مريخ سميت سڀني سيارن سان ٽڪرائجندڙ ايسٽرائڊس ۽ ڪاميٽس جو سلسلو به ستر ڪروڙ سالن کان پوءِ گهٽجي ويو هيو ۽ سڀني سيارن جا گهڻي ڀاڱي stable orbits هيا.
زندگي جي شروعات جي باري ۾ سائنسدانن جا مختلف رايا آهن، جيڪي هڪ ٻئي کان مختلف آهن ۽ يقين سان چئي نه ٿو سگهجي ته زندگي ڪيئن شروع ٿي، بحرحال هڪ ڏينهن خاطري رکو ته اسانجي زندگي ۾ ئي ان راز تان پردو کڄي ويندو. ٽيئي نظريا ڪجهه هن ريت آهن.
1. جئين ته زمين تي موجود زندگي کي اسان Corban based life چوندا آهيون. انسان توڙي هر جاندار ڪاربان جو ٺهيل آهي. ڪاربان ٻين عنصرن خاص طور تي آڪسيجن ۽ هائڊروجن سان گڏجي آرگينڪ ڪمپائونڊس ٺاهيندو آهي، سڀئي جاندار نوي پنجانوي سيڪڙو آرگينڪ ڪمپائونڊس جا ٺهيل آهن. ڪيميڪل ڪمپائونڊس nature ۾ بغير ڪنهن سپورٽ جي به ٺهندا آهن يا ڪنهن سپورٽ يا catalyst يا ڪنهن ٻي مددگار جي صورت ۾ به ٺهندا آهن. اهي مددگار parameters گرمي پد، خاص پريشر، ويڪيوم، پاڻي جو مقدار وغيره ٿي سگهن ٿا. جئين ته زمين جي سطح تي تابڪاري هئي ۽ سمنڊ اندر نه هئي ڇو ته پاڻي هڪ قسم جي radioactive shield آهي. سمنڊ جي تھ ۾ تمام گهڻو پريشر هوندو آهي ۽ زمين جي ڪور مان نڪرندڙ لاوو، گرم گيسون ۽ هرقسم جي معدنيات ۽ پاڻي، انهن عنصرن جي موجودگي ۾ ٿي سگهي ٿو ڪو اهڙو ڪيميڪل ڙي ايڪشن يا chain of chemical reactions ٿيا هجن ۽ نتيجي ۾ ڪي خاص آرگينڪ ڪمپائونڊر ٺهيا هجن جنهن جي خاصيت هجي ته پنهنجن ماليڪيلز جي ڪاپي در ڪاپي ٺاهي سگهندو هجي. اڳتي هلي اهو ڪمپائونڊ امينو ايسڊس ۾ تبديل ٿي ويا. ياد رهي ته امينو ايسڊس اسان laboratory ۾ به ٺاهي سگهون ٿا ۽ ڪٿي به ٺهي سگهن ٿا. ڪل ملائي ڪري شايد ويھ کن امينو ايسڊس جا قسم آهن. هتي اهو مڃڻو پوندو ته سائنسدانن کي اها خبر نه آهي ته، اهڙو ڪهڙو ڪيميڪل ري ايڪشن هيو جو امينو ايسڊس جهڙو آرگينڪ ڪمپائونڊ ٺهيو.
2. ٻي ٿيوري اها آهي ته زندگي شايد ڪنهن ڪاميٽ يعني سولر سسٽم جي آخري حدن مان ايندڙ برف جا گولن ذريعي هتي آئي هجي. اهو وري ڪئين ممڪن آهي، اهو سوال جائز آهي. هي دعوا ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: جيڪي ڪاميٽس يا برف جا گولا ۽ ايسٽرائڊس گذريل پنجاھ سالن ۾ زمين تي ڪريا آهن انهن جي study مان خبر پئي آهي ته، هڪ ته انهن مان اڪثر جي عمر زمين کان به وڌيڪ آهي يعني ساڍا 4 ارب سالن کان به وڌيڪ ۽ انهن تي آرگينڪ ڪمپائونڊر به موجود هيا. ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪاميٽس سمنڊن ۾ ڪريا هجن ۽ مناسب ماحول ملڻ تي امينو ايسڊس ۾ تبديل ٿي ويا هجن. وري هڪ ٻيو سوال ته ايترا پراڻا ڪاميٽس وري ڪٿان آيا، ان جو جواب پاڻ اڳين مرحلي ۾ ڏيندا سي جڏهن نيبيولا ۽ ڪائنات ۾ موجود ستارن ۽ سيارن جي ٺهڻ جو طريقو ڊسڪس ڪندا سي.
3. ٽين ۽ آخري طريقو اهو آهي ته متان زندگي مريخ تي پهرين ٺهي هجي پوءِ زمين تي پهتي هجي. اهو وري ڪئين، اهو سڀ انڪري جو late heavy bombardment دوران جڏهن مريخ ۽ زمين سميت ڪاميٽس ۽ ايسٽرائڊس پئي ڪريا ۽ اهو سڀ عمل وڏن وڏن ايسٽرائڊس ڪرڻ ڪري ايترو شديد ۽ هيان ڏاريندڙ هيو جو مريخ سياري جا ٽڪرا به زمين تي اچي ڪرندا هيا، اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها ڪئين خبر پئي ته ڪوبه زمين تي ملندڙ پٿر زمين جو نه پر مريخ جو آهي. جيالاجيڪل ايڪسپرٽس جنهن جو ڪم زمين جي بناوت ۽ ساخت اسٽڊي ڪرڻ هوندو آهي، انهن مطابق زمين تي موجود هر قسم جي پٿرن، ڪمپائونڊر جي اسٽڊي ڪرڻ کان پوءِ اهي ڀلي ڀت خبر آهي ته زمين تي جيڪي پٿر يا جبل آهن انهن جي ڪهڙي ڪيميڪل ڪمپوزيشن آهي ۽ ڪهڙي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، هاڻي ڪجهه اهڙا پٿر مليا آهن جيڪي زمين جا ته ٿي نه ٿا سگهن، انڪري ڪافي امڪان آهن ته اهي مريخ تان آيل آهن يا چنڊ تان. چنڊ واري ڳالھ انڪري ذڪر هيٺ آئي جو جڏهن انسان 1969 ۾ چنڊ تي ويو هيو ته اتان ڪيئي سئو ڪلو چنڊ جي مٽي ۽ پٿر به ساڻ کڻي آيا هيا ۽ جڏهن زمين تي موجود ڪجهه پٿرن جي ڀيٽ ڪئي وئي ته آهي چنڊ تان آندل پٿرن جهڙا هيا، ڪيميڪل توڙي جيالاجيڪل خاصيتون هڪجهڙيون هيون. انسان جڏهن ڪجهه سالن ۾ مريخ تي ويندو ته ڪافي ڳالهيون واضع ٿي وينديون. مريخ جي باري ۾ هڪ سوال ته جي اتي زندگي شروع ٿي ۽ پاڻي به هيو ته پوءِ ڇا ٿيو، ان جي مختصر وضاحت ته زمين کان الاهي ننڍو آهي ۽ ان حساب سان ان جي ڪور به ننڍي هوندي، ننڍي سائز جي ڪري ڪور گهڻو عرصو جٽاء به ڪري سگهي ۽ مريخ جي ميگنيٽڪ شيلڊ ختم ٿي وئي رهيل ڪسر سج جي الٽراوايوليٽ شعائن پوري ڪري ڇڏي، اهو سڀ ڪجهه لڳ ڀڳ ٻه ارب سال اڳ ٿيو. فرض ڪيو ته زمين جي ڪور اڄ بيهجي وڃي ته هتي زندگي چنڊ هفتن ۾ ختم ٿي ويندي.
جئين ته سيل cell، زندگي جو بنيادي عنصر ۾ پروٽين جو خاص عمل دخل هوندو آهي. پروٽين جي ڪري ئي Cell replication سميت DNA پروگرامنگ وغيره ٿيندي آهي. پروٽين وري امينو ايسڊس جو ڪامبينيشن هوندو آهي ۽ امينو ايسڊس هڪ آرگينڪ ڪمپائونڊ آهي.
منهنجي بائيولاجي فيلڊ نه آهي، ڪا ڪمي بيشي ته هوندي ان لاءِ معذرت.
جئين مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سائنسدان خاطري سان ڪنهن ڳالھ تي متفق نه آهن ته زندگي جو وجود ڪئين شروع ٿيو. بحرحال زندگي جي شروعات ته ٿي هئي سا به تقريبن ٽي ارب اسي ڪروڙ سال اڳ، ڪو ته طريقو هوندو جنهنجي پڪي ڄاڻ هجي، متان ڪو جادو ٿيو هجي، ڪو معجزو يا ڪجهه عقيدن موجب سندن خلقيندڙ باھ ٻارڻ جي شروعات ڪئي ۽ ڀڀڙ مچندو ويو.
(حصو پنجون):
ٽي ارب اسي ڪروڙ سال اڳ زمين زندگي جي واڌ ويجهه لاءِ تيار هئي، ستر اسي ڪروڙ سالن کان وٺي ايسٽرائڊس ۽ ڪاميٽس جي برسات رڪجي وئي هئي، زمين رجيل لوه ۽ پٿر جي بال وارو دور گذاري چڪي هئي، آهستي آهستي ٿڌي ٿيڻ شروع ٿي رهي هئي، سمنڊ ٺهي چڪا هيا. زمين جي ايٽماسفر جي بناوت ڪجهه هن طرح هئي:
https://academictips.org/blogs/timeline-of-life-evolution-on-earth/
Earth’s atmosphere became mostly carbon dioxide, water vapor, methane, and ammonia.
تقريبن ٽي ارب ستر ڪروڙ اڳ سمنڊن ۾ پهرين هڪ گهرڙي وارو جيوَ uni cellular life پيدا ٿي. اڳيان تقريبن ٽي ارب سالن تائين زندگي صرف سمنڊن ۾ ئي هئي، خشڪي تي زندگي جو نالو نشان نه هو.
انهن ٽن ارب سالن ۾ Stromatolites اسٽروميٽولائيٽ جهڙ سائنو بيڪٽيريا فوٽوسينٿيسز جي عمل ذريعي ماحول ۾ آڪسيجن پيدا ڪندا رهيا ۽ ٽن ارب سالن تائين زمين جي ماحول ۾ آڪسيجن ايتري مقدار ۾ پيدا ٿي وئي جو تقريبن سٺ ڪروڙ سال اڳ اوزون جو تهه فضا ۾ ٺهي ويو ۽ سج جا الٽراوايوليٽ ڪرڻا زمين تي اچڻ رڪجي ويا ۽ زندگي جو جنم خشڪي تي به ٿيڻ جو ماحول ٺهي ويو.
تقريبن هڪ ارب سال اڳ سمنڊن ۾ multicellular life جي شروعات ٿي.
تقريبن نوي ڪروڙ سال اڳ زمين تي هڪ ڏينهن 18 ڪلاڪن جو هيو.
تقريبن 65 ڪروڙ سال اڳ زمين تيvolcanic activity يعني ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽڻ ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي اخراج بند ٿيڻ ڪري زمين مڪمل طور تي برف جو گولو بڻجي وئي يعني سمورا سمنڊ ۽ خشڪي برف سان ڍڪجي ان دور کي سائنسدان Snowball Earth چوندا آهن. ڏيڍ ڪروڙ سالن تائين زمين برف جو گولو رهي ۽ سمنڊن ۾ رهندڙ جانور، ۽ بيڪٽيريا 70% ختم ٿي ويا. آخرڪار volcanic activity وري شروع ٿي وئي، گرين هائوس گيسز جو اخراج شروع ٿيو ۽ وري زمين پهرين جهڙي ٿي وئي.58 ڪروڙ سال اڳ جيلي فش جهڙا جانور وجود ۾ آيا، 57 ڪروڙ سال اڳ : Arthropods appeared, ancestors of insects ۽ سمنڊن ۾ جيت جڻيا ٺهيا، 56 ڪروڙ سال اڳ Earliest fungi جو جنم ٿيو، 53 ڪروڙ سال اڳ پهرين مڇي جو جنم ٿيو ۽ سمنڊن ۾ تقريبن هر قسم جا جانور پيدا ٿي ويا هيا.
تقريبن 43 ڪروڙ سال اڳ گرين الجي جنهن کي پاڻ خشڪي تا ايندڙ پهريون ٻوٽو چئي سگهون ٿا سمنڊن ۽ ڍنڍن جي ڪناري پيدا ٿيڻ لڳا.
37 ڪروڙ سال اڳ First amphibians, ancestors of frogs, toads, etc پيدا ٿيا ۽ خشڪي طرف زندگي جي شروعات ٿي، ڪيڪڙا به تڏهن کان وٺي سمنڊ ۽ خشڪي تي رهن پيا.
35 ڪروڙ سال اڳ سڄي زمين تي ٻوٽا، جهنگ جيت، شڪاري جانور ۽ اڏامندڙ ڪيڙا پيدا ٿيا.
32 ڪروڙ سال اڳ reptiles يا ريڙهيون پائيندڙ جانور پيدا ٿيا.
تقريبن 25 ڪروڙ سال اڳ Super volcanic eruption يعني وڏي پئماني تي ڌرتي جا جبل لاوو ۽ زهريلين گئسن جو خارج ٿيون، هي واقعو موجوده سائبيريا ۾ شروع ٿيو. بي انتها زهريلين گئسن ڪري سڄي ڌرتي تي ڪيترن ئي مهينن يا سالن تائين اونده ٿي وئي، سج جي روشني نه پهچڻ ڪري گرمي پد ڪري ويو، تيزابي مينهن وسڻ ڪري سڄو ايڪو سسٽم تباھ ٿي ويو، نتيجي ۾ پنجانوي سيڪڙو زمين تي زندگي تباھ ٿي وئي. هن تباهي واري دور کي The Permian Extinction چئبو آهي آهستي آهستي زمين وري پنهنجي اصلي حالت ۾ آئي ۽ وري زندگي پير ڄمائي ورتا زمين تي.
22 ڪروڙ سال اڳ پهريان ڊائنوسار پيدا ٿيا.
20 ڪروڙ سال اڳ خير سان مئمل جانور پيدا ٿيا، 15 ڪروڙ سال اڳ پکي پيدا ٿيا.
تقريبن 16 ڪروڙ سال اڳ زمين تي ڊائنوسار جي حڪومت رهي ۽ آخر ڪار ساڍا ڇھ ڪروڙ سال اڳ هڪ اهڙو حادثو پيش آيو جو نوي سيڪڙو زندگي تباھ ٿي وئي ۽ ڊائنوسارن جي ڌرتي تي حڪومت وارو دور پورو ٿيو.
ڌرتي ٽي تقريبن پنج دفعا وڏي پئماني تي اهڙي تباهي آئي آهي جو ڌرتي تان زندگي جو وجود تقريبن ختم ٿي ويو هو پر وري زندگي ۽ موت جي ويڙه ۾ زندگي کي فتح نصيب ٿي ۽ لائف اڄ به روان دوران آهي، اهڙن پنج ڍورن کي سائنسدان The big five mass extinctions چوندا آهن.
(حصو ڇهون)
ڌرتي تي تقريبن 21 ڪروڙ سال اڳ کان وٺي ساڍا ڇھ ڪروڙ سال اڳ تائين ڊائنوسارن جي حڪومت هئي. هي ديو قامت جانور صرف چوپايا نه هئا پر هر قسم جي قد بت ۽ شڪلين وارا هيا، پر هڪڙي ڳالهه گهڻي ڀاڱي سڀني ۾ ساڳي هئي آهي سائز ۾ تمام وڏا هيا ۽ اهي ڊائنوسار ديو قامت پکين، ديو قامت ڪيڙن، گاه ٻوٽا، گوشت کائيندڙ ۽ سمنڊ اندر رهندڙ جانور هيا. ڊائنوسارن جي اڪثريت مئمل نه هئي، مطلب اهي ٻچا نه ڄڻيندا هيا پر آنا لاهيندا هيا، ڳوه، واڳون ۽ نانگ وانگر.
ان زماني ۾ ڌرتي اڄ کان وڌيڪ گرم هئي ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ اڄ جي مقابلي ۾ چوڻ تي وڌيڪ هئي انڪري مينهن جام پوندا هيا، نتيجي ۾ جهنگ ٻيلا وڻڪاري به جام هئي. جڏهن کاڌو پيتو جام هوندو آهي ته کائڻ وارا به جام هوندا آهن، سندن صحت قد بت به بهتر هوندو آهي. ان ماحول ۾ ڊائنوسارز جو قد قامت وڌندو ويو. ان سان اهو به فائدو ٿيو ته ٽي ريڪس Tyrannosaurus يا T-Rex جيڪو زمين جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور شڪاري جانور هيو ان جي حملي کان سائز جو فائدو وٺي بچي پئي سگهيا. ٻيو فائدو اهو هو ته هڪ ئي جاء تان وڻن تان بغير محنت ڪئي وڌ ۾ وڌ پن ۽ ٽاريون کائي سگهڻ. ٽيون سبب Professor Mike Benton (University of Bristol) مطابق اهو آهي ته شروع شروع ۾ ڊائنوسارز جا قد نارمل هيا پر آهستي آهستي جڏهن آڪسيجن جو مقدار زمين تي وڌندو ويو ته جانورن کي ان سان ايڊجسٽ ٿيڻ لاءِ وڏي Respiratory system يعني ساه کڻڻ جي سسٽم جي ضرورت پئي، اهڙي طريقي سان اڪثر جانورن جا قد وڏا ٿيندا ويا. اڄ انسان جيڪي ڊائنوسارس جا پنڊ پهڻ کوٽي ڪڍيا آهن يا جيڪي هڏا مليا آهن انهن مطابق سڀ کان وڏو ڊائنوسار هڪ سئو فٽن جي لڳ ڀڳ هيو.
هتي هڪ ٻي ڳالهه جو به ذڪر ٿيندو هلي: جئين ته ڌرتي جون ٽيڪٽانڪ پليٽس جنهن تي سڀ خشڪي جا وڏا ٽُڪرا يا کنڊ سمجهو ته بيٺل آهن، اهي ٽيڪٽانڪ پليٽس ڌرتي جي ڪور مان نڪرندڙ گرمي جي ڪري هر وقت حرڪت ۾ هونديون آهن، تقريبن 1 کان 3 انچ سال ۾، ان حرڪت جي نتيجي ۾ کنڊ ڊهندا رهندا آهن وري گڏ ٿيندا رهندا آهن. اڄ کان 33 ڪروڙ سال اڳ هڪ Super continent يعني مها کنڊ هيو جنهن کي Pangea، پانجيا چئبو آهي. اهو مها کنڊ تقريبن 17 ڪروڙ سال اڳ يعني ڊائنوسارس جي اوائلي دور ۾ ٽٽڻ شروع ٿيو ۽ اڄ اسانکي نظر ايندڙ مختلف کنڊ ٺهڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان سپر کنڊ جي ٽٽڻ جي نتيجي ۾ ڊائنوسار مختلف خشڪي جي ٽڪرن تي رهجي ويا، مختلف ماحول آبهوا وغيره جي ڪري مختلف طريقي سان ارتقا جي مرحلن مان گذريا. ان ڪري ئي اڄ جيڪي ڊائنوسارن جا پنڊ پهڻ يا هڏا آفريڪا، آسٽريليا يا اتر آمريڪا مان مليا آهن اهي هڪٻئي کان ڪافي مختلف آهن.
ان پندرنهن ڪروڙ سالن ۾ صرف هتي ڊائنوسار ئي نه هيا پر ٻيا جانور به هيا پر انهن جي لاءِ اهڙي ڊائنوسار ڊاميننٽ ماحول ۾ واڌ ويجهه ڪرڻ ڪافي مشڪل هيو، سندن غذا ۽ موقعا limited هيا، اڪثر اهڙا جانور رات جو ئي نڪرندا هيا ۽ قد بت ۾ ننڍا هوندا هيا. موجوده سڀني مئمل جانورن جو grand grand ancestor بہ ان دور ۾ رهندو هيو. ان مئمل کي Raccoon-size Loxolophus چئبو آهي. سندس قد موجوده نوريئڙو يا ڪئي جيترو هيو ۽ رات جو ئي زمين ۾ ٺهيل ٻرن مان نڪرندو هيو.
شروع وارين پوسٽن ۾ ايسٽرائڊس جي باري ۾ ٻڌائي آيا آهيون ته ڪئين اهي مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ موجود Asteroid belt مان هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ ڪري پنهنجي آربٽ orbit مان ٿڙي ڪري سج جي گريوٽي ڪري زمين طرف ايندا آهن ۽ ڪجھ ڌرتيءَ سان به ٽڪرائجي ويندا آهن. تقريبن ساڍا ڇھ ڪروڙ سال اڳ اهڙوئي هڪ ايسٽرائڊ جنهن کي Chicxulub impactor يا Chicxulub asteroid, چئبو آهي زمين سان ٽڪرائجي ويو. ان ايسٽرائڊ جو سائز پنجاھ ڪلوميٽرن کان وڌيڪ هيو يعني ڪراچي شهر جيترو هڪ پٿر 20 kilometers per second يعني 20 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي اسپيڊ سان موجوده آمريڪا جي ڏکڻ ۾ گلف آف ميڪسيڪو جي ڀرسان ميڪسيڪو ملڪ جي ڪناري تي اڏيل شهر Chicxulub Pueblo ڀرسان زمين سان ٽڪرائجي ويو. ان Impact يا ٽڪر جي نتيجي ۾ پنج هزار فٽ اوچيون لهرون پيدا ٿيون ۽ رستي ۽ ايندڙ هر شي کي تباھ برباد ٿي وئي، نه صرف ايترو پر اجي نتيجي ۾ مٽي ۽ خاڪ ash جا بادل پوري ڌرتي کي وڪوڙي ويا. ڌرتي تي ڪيترن ئي مهينن تائين سج جي روشني نه پهچڻ ڪري گرمي پد ڪري ويو ۽ ٻوٽا وڻ بغير سج جي روشنيءَ جي ڪري سڄي سڙي ويا. نتيجي ۾ ان ٽڪر جي نتيجي ۾ بچي ويل جانور به ختم ٿي ويا. اهڙي تباهي جو مثال ڌرتي جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي.
ان تباهي جي نتيجي ۾ صرف ڪجهه جانور ئي بچي سگهيا جيڪي زير زمين رهندا هيا يا ٽڪراءُ واري علائقي کان هزارين ڪلوميٽر پري سمنڊ ۾.
(حصو ستون)
ساڍا ڇھ ڪروڙ سال اڳ ايسٽرائڊ (شهاب ثاقب) جو زمين سان ٽڪرائجڻ ڪري لڳ ڀڳ نوي سيڪڙو خشڪي تي رهندڙ وڻ، ٻوٽا توڙي جانور ۽ ستر سيڪڙو سامونڊي جانور ختم ٿي ويا هيا. ڊائنوسارن پندرنهن ڪروڙ سالن کان وڌيڪ زمين تي وڏي ڏهڪاء ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي، کين ڪوبه چيلينج ڪرڻ نه هيو، تان جو هڪ ايسٽرائڊ کين نيست و نابود ڪري باقي forms of animal and plant species لاءِ ارتقا جا دروازا کوليا. تقريبن سائنسدانن جو خيال آهي ته جي ڊائنوسار ختم نه ٿين ها ته انسانن جو ڌرتي تي اچڻ ناممڪن هو.
جاندارن جي درجہ بندي هيٺين قسمن ۾ ڪري سگهجي ٿي؛
1. وڻ يا ٻوٽا، جنهن ۾ هر قسم جا ننڍا وڏا ٻوٽا جيڪي photosynthesis فوٽو سنٿيسز ذريعي کاڌو تيار ڪن شامل آهن.
2. جانور Animals ، جنهن ۾ ميمل mammal يعني ٻچن کي کير پياريندڙ جانور، reptiles جئين ڳوه واڳون نانگ وغيره، جيت جڻيا insects ۽ سڀئي پکي birds شامل آهن.
3. بيڪٽيريا ۽ جراثيم Bacteria and all
forms of germs and viruses.
مٿي ذڪر ڪيل سڀني life forms مان ميمل جانور سڀ کان وڌيڪ developed يا بهترين نموني ارتقا ٿيل آهي. ڊائنوسار جي دور ۾ ئي سڀني ميمل جانورن جو ancestor موجود ته ھيو پر کيس واڌ ويجهه ڪرڻ جا ڊائنوسارن جي موجودگي ڪي خاص موقعا نه پئي مليا. ياد رهي ته evolution Theory جو بنيادي نقطو ئي اهو آهي ته available resources موسم، مينهن، ماحول، سردي گرمي ۽ مختلف جاگرافيائي حالتن ۾ ڪهڙو جاندار survive ٿو ڪري ۽ ڪئين پنهنجي نسل کي اڳتي ٿو وڌائي. هن جو بهترين مثال ٿر ۽ اڀرندي سنڌ ۾ چاليھ سال اڳ هرڻن جي موجودگي ۽ انساني آبادي جي ڦھلاء ۽ شڪار ڪري سندن ختم ٿي وڃڻ آهي.
ساڳي طريقي سان لکن جي تعداد ۾ رهندڙ ڊائنوسار جنهن جي خوراڪ گهڻي ڀاڱي وڻ ٻوٽا هيا ۽ وڻن تي به ڊائنوسارن جي ڪري شديد دٻاءُ هيو ۽ ان طريقي سان نه پئي وڌيا جئين ڊائنوسارن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن کي اوج ملي.
ڊائنوسارن جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ صرف ڪجهه لک سالن ۾ ئي زندگي وري نئين روپ ۾ ڌرتي تي اوج ماڻي ۽ بچي ويل جانورن ۽ ٻوٽن کي واڌ ويجهه ۽ ارتقا جو بهترين موقعو مليو، خاص طور تي مئمل نسل کي. ان وقت ميمل جانور صرف اڌڪلو جا هيا، ۽ ستت ئي يعني هڪ لک سالن ۾ ڪجهه هن ريت سندن جسم ۽ وزن وڌيو Within 100,000 years of the extinction event, mammals reached about 13 pounds (6 kg). By 300,000 years after the extinction, they got to 55 pounds (25 kg), with the first purely herbivorous mammalian species. By 700,000 years after the asteroid, some mammals weighed
more than 110 pounds (50 kg).
اهڙا ثبوت دنيا جي ڪافي حصن ۽ مليا آهن جنهن بنياد تي مٿين دعوا ڪئي وئي آهي، خاص طور تي آمريڪا ۾ East of Colorado Springs مان ثابت پنڊ پهڻ مليا آهن ۽ ميوزيم ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
گذريل پنج ڪروڙ سالن ۾ هيٺين ترتيب جي حساب سان مختلف جانور پيدا ٿيا.
ساڍا پنج ڪروڙ سال اڳ وهيل مڇي
پنج ڪروڙ ويھ لک سال اڳ چمڙا
چار ڪروڙ سال اڳ پوپٽ ۽ ٻيا جيت
ٽي ڪروڙ سال اڳ ٻلي ۽ سوئر وغيره
اڍائي ڪروڙ سال اڳ هرڻ
ٻه ڪروڙ سال اڳ زرافا، رڇ وغيره
ڏيڍ ڪروڙ سال اڳ پکي وجود ۾ آيا
هڪ ڪروڙ چاليھ لک سال اڳ پهريون گوريلا ۽ great apes وجود ۾ آيا جنهن جي هڪ برانچ مان سائنسدانن مطابق موجودہ ڀولو، چمپنزي ۽ انسان پيدا ٿيا.
هڪ ڪروڙ سال اڳ موجوده تقريبن سڀئي مئمل جانور، انسانن کي ڇڏي ڪري پيدا ٿي ويا هيا.
سائنسدانن ڪافي ثبوتن آڌار تي اها ڳالھ دعوا سان چون ٿا ته ڪافي جانور هڪ ئي نسل جا آهن ۽ مختلف سببن جي ڪري، خاص طور تي علائقو، جاگرافيائي حالتون، کاڌي جي گهٽ يا وڌ هجڻ ڪري لکن سالن جي عرصي ۾ هزارن نسلن کان پوءِ ٻين جانورن ۾ تبديل ٿي ويا. مثال طور، ٻلي cat family مان شينهن، چيتو، ليوپرڊ، جيگوار وغيره، هرڻن جا هڪ سئو کان وڌيڪ قسم جنهن ۾ ٻڪري به شامل آهي، ڪتو بگهڙ، لومڙي گدڙ ۽ هائنا Hina يا چراخ، گهوڙو گڏھ خچرن ۽ ذرافن جا ڪيئي قسم، ڀولڙن جا سوين قسم مختلف سائيزن ۾ ڪرڙيون، ڳوهون، نور وغيره به اسان اڄ به ڏسي سگهون ٿا. انهن مختلف ڪيٽيگريز جي جانورن جا ڪروموسومز نوانوي سيڪڙو هڪجهڙا آهن. نه صرف ايترو پر زنده شي جا ڪروسومز به ڪافي حد تائين هڪجهڙا آهن ايتري قدر جو بائيلاجيڪلي انسان ۽ ڪيلو پنجاھ سيڪڙو هڪ جهڙا آهن.
اڳين حصي ۾ پاڻ گذريل هڪ ڪروڙ سال کان وٺي گذريل ڏھ لک سالن ۾ ڇا ٿيو ان جو جائزو وٺندا سين خاص طور تي آفريڪا کنڊ جو ڦاٽڻ ۽ ڇھ هزار ڪلوميٽر ڊگهي, موزمبيق کان ويندي اسرائيل تائين Great African ridge جي ظاهر ٿيڻ سان ڪهڙيون موسمياتي تبديليون آيون ۽ آفريڪي جانورن تي ڪهڙيون تبديليون آيون ان جو جائزو وٺندا سين.
Leave a comment