آمریڪا جي لیبر ڊپارٽمنٽ پنھنجي جاري ڪیل انگ اکرن ۾ ٻڌایو آھي تہ ڪورونا لاڪ ڊائون سبب ھیسیتائین سوا ڇھ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آمریڪي شھري پنھنجي روزگار تان ھٿ ڌوئي چڪا آھن جن مان رڳو گذریل ھفتي سوا ٽي ڪروڙ بیروزگارن آمریڪی حڪومت جي اعلانیل بیروزگاري الائونس جا فارم جمع ڪرایا آھن ۔
آمریڪا جي ڪجھ ریاستن ۾ جیتوڻیڪ آھستي آھستي ڪاروباري سرگرمین کي کولیو پیو وڃي پر موجودہ صورتحال ۾ لڳي پیو تہ صورتحال آگسٽ کان اڳ معمول تي اچي نہ سگھندي ۔
ڪورونا سبب آمریڪا ۾ بیروزگاري جو اندازو ساڍا ڇھ ڪروڙ ماڻھن تائین لڳایو ویو ھیو۔
حوالو:وال اسٽریٽ جنرل

Leave a comment