تیل جون قیمتون 2002 کان پوء پھریون دفعو انتھائي گھٽ سطح تي اچي ویون آھن جیڪا جیتوڻیڪ تیل درآمد ڪندڙ ملڪن لاء تہ سٺي خبر آھي پر ڪورونا سبب تیل جي گھٽ واھپي سبب تیل قیمتن جي گھٽتائي جو ڪو خاص فائدو بہ نہ پیو ٿئي
پر اڄ نہ تہ سڀاڻ صحیح جي مصداق جیڪڏھن تیل ذخیرو ڪري رکجي تہ سڀاڻي تیل جون قیمتون وڌن تہ اڄ جو سستو ورتل تیل سڀاڻ جي مھنگائي ۾ ڪم اچي سگھي ٿو پر ان لاء بنیادي سوال آھي ذخیري جي صلاحیت جو ۔۔
انٽرنیشنل انرجي ایجنسي پنھنجي میمبر ملڪن کي پابند ڪیو آھي تہ آھي گھٽ ۾ گھٽ نوي ڏینھن جي استعمال جیترو تیل ذخیرو ڪري رکن پر اھو انتھائي ڏکیو ڪم آھي جنھن تي چین جھڙو ملڪ بہ اڃان پورو ناھي لٿو
جیتوڻیڪ چین وٽ ھن وقت بہ ایشیا ۾ تیل ذخیرو ڪرڻ جي سڀ کان وڏي صلاحیت آھي پر اھا نوي ڏینھن جي معیار مطابق ناھي ۔ چین 550 ملین بیرل تیل ذخیرو ڪري سگھي ٿو جیڪو ان جي اسي۔ ڏینھن جي ضرورت لاء ڪافي آھي ۔ تیل گڏ ڪرڻ لاء سڀ کان وڏا ذخیرہ تہ آمریڪا وٽ آھن جیڪو 660 ملین بیرل تیل گڏ ڪري سگھي ٿو
جاپان 500 ملین بیرل تیل گڏ ڪري سگھي ٿو جیڪو ان جي ستن مھینن جي ضرورت لاء ڪافي آھي۔
ڏکڻ ڪوریا وٽ 96 ملین بیرل تیل ذخیرو ڪرڻ جي گنجائش آھي جیڪا نوي ڏینھن لاء ڪافي آھي
انڊیا جي تیل ذخیرو ڪرڻ جي صلاحیت صرف چالیھ ملین بیرل آھي جیڪا صرف ڏھن ڏینھن جون ضرورتوں پوریون ڪري سگھي ٿي ۔
پاڪستان کي ان معاملي ۾ انڊیا تي سبقت آھي ۔ ھن وقت پاڪستان وٽ تیل ذخیرو ڪرڻ جي صلاحیت پندرھن کان سترھن ڏینھن جي آھي ڪجھ اسٽوریج ٽینڪ تعمیر جي مرحلي ۾ آھن جنھن کان پوء پاڪستان ویھن ڏینھن جو تیل گڏ ڪري سگھندو۔

Leave a comment