پاڪستاني ڪرڪیٽ جي میچ فڪسنگ ڪھاڻي

Published on

in

نوي واري ڏھاڪي کي پاڪستاني ڪرڪیٽ جو روشن دور چئجي تہ وڌاء نہ ٿیندو۔ ان ئي دور ۾ ٻیانوي وارو ورلڊ ڪپ کٽیو ۽ ان ئي ڏھاڪي ۾ ٽي ملڪي ورلڊ سیریز بہ پاڪستان جي ڪرڪیٽ کي دنیا ۾ مشھور ڪیو پر ان ئي ڏھاڪي جي ڏکوئیندڙ ڪھاڻي آھي میچ فڪسنگ

ان ئي دور ۾ پاڪستاني ٽیم اھڙا بہ میچ کیڏیا جن ۾ ٽیم جي ڪجھ راندیگرن جي ڪارگردگي خراب نہ بلڪہ بدتر رھي ان سلسلي ۾ ۹۴ ۾ کیڏیل ھڪ میچ جو ذڪر سڀ کان پھرین ملي ٿو جڏھن پاڪستاني ٽیم اٺاویھ رنسن تان شڪست کاڌي۔ ان میچ ۾ سڀ کان پھرین باسط علي ۽ سعید انور جو ڪردار زیر بحث آیو،لیڪن سندن خلاف ڪوبہ ثبوت نہ ملڻ ڪري ڳالھ آئي وئي ٿي وئي ۔

سنگر ڪپ ڪولمبو ۱۹۹۴ ۾ پاڪستان جو مقابلو ھڪ دفعو وري آسٽریلیا سان ھیو ۔ڪپتان سلیم ملڪ ٽاس کٽي فیلڊنگ جو فیصلو ڪیو ،وسیم اڪرم ۽ مشتاق احمد جي تباھ ڪن بولنگ آڏو آسٽریلیا جا اسٽار ٽڪي نہ سگھیا ۽ ۱۷۹ جي اسڪول تي ست وڪیٽن تي پھرین اننگ ختم ٿي

مگر بیٽنگ ۾ اچڻ کان پوء پاڪستاني اسٽارز جي حالت بہ عجیب رھي سعید انور46 رنسن کان پوء باوجود رنر جي سھولیت جي ڪابہ ڪارگردگي ڏیکاري نہ سگھیو

انضمام الحق 69 بالن تي صرف 29 رنسون ٺاھیون ڪپتان سلیم ملڪ 51 بالن تي 22 رنسون ٺاھي ٽیم کي مشڪلات ۾ وجھي ڇڏیو۔گیلن میڪ گراٿ جي بال تي وسیم اڪرم جي آئوٽ ٿیڻ تي ماڻھن کي ایتري ڪاوڙ ڪانہ آئي جیتري باسط علي جي شین وان ھٿان آئوٽ ٿیڻ تي جیڪو ۱۳ بالن ۾ ھڪ بہ رنس نہ ٺاھي سگھیو۔ائین پاڪستاني ٽیم صفا سولو حدف حاصل ڪرڻ بدران 151 رنسن تي ڍیر ٿي وئي ۔

سنگر ڪپ کان پوء ڪراچي ٽیسٽ بہ میچ فڪسنگ جي موضوع جو حصو رھي

سپٽمبر آڪٽوبر ۱۹۹۴ ۾ ٿیل ھن میچ ۾ آسٽریلیا ئي حریف ھیو ۽ ھيء واحد میچ ھئي جنھن کان پوء میچ فڪسنگ جا الزام کلي سامھون آیا ۔آسٽریلوي راندیگرن شین وان ،مارڪ وا ۽ ٽم وي کلي ڪري پاڪستاني ڪیپٽن سلیم ملڪ تي الزام لڳایا تہ ھن خراب ڪارگردگي ڏیکارڻ لاء پیسن جئ آفر ڪئي ھئي

۱۹۹۵ ۾ ٿیل ھراري ٽیسٽ بہ پاڻ سان گڏ اھڙا ئي حیران ڪن الزام کڻي آئي سلیم ملڪ جي ڪپتاني وارو دور بہ عجیب رھیو ھن جي دور ۾ ٽیم تمام گھڻیون میچوں کٽیون ۽ ڪن میچن ۾ تہ حیران ڪندڙ فتح بہ ڏسڻ ۾ آئي ۔

وائس آف آمریڪا اردو جي ٿورن سان

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.