Indusdaily.com

News information &Entertainment

آمریڪا ڪورونا کان سڀ کان وڌیڪ متاثر ٿیڻ بعد انساني سانحہ جو شڪار ٿیڻ لڳو ۔

ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻھو نوڪریون وڃڻ کان پوء گھر جي ڪرائي لاء پریشان ، ڪرایو نہ ڏیڻ سبب مالڪ طرفان گھرن جا تالا تبدیل ڪرڼ معمول بنیل جیڪڏھن ڪرائیدار گھرن ۾ موجود آھن تہ مالڪ مڪان بجلي گیس ۽ پاڻيء جا ڪنیڪشن ڪٽیو ڇڏین ۔

ماڻھو کاڌو کائڻ لاء پاڻ کي فلاحي تنظیمن جي سینٽرن تي رجسٽر ڪرائي رھیا آھیان ۔ جن ماڻھن جا گھر کسجي ویا آھن آھي رات جو میٽرو ٽرین ۾ سوار ٿي وڃن ٿا ۽ رات جي ننڊ میٽرو ٽرین ۾ ئي پوري ڪن ٿا۔ ائین محسوس ٿي رھیو آھي تہ ڪورونا کان پوء آمریڪا ۾ ھڪ وڏو معاشي ڀونچال ڪر کڻي رھیو آھي

حوالو بي بي سي

Leave a comment