ڪورونا وائرس جي وبا جتي دنیا اندر معیشیت کي ڪاپاري ڌڪ ھنیو آھي اتي آن لائین ڪاروبار جي ٽیڪنیڪ ڪاروبار جي ھڪ نئین جھان کي جنم ڏنو آھي۔ سمارٽ فون ۽ فور جي انٽرنیٽ ان ڪاروبار کي وسعت ڏني آھي پر سنڌ ۾ اڃان تائین ماڻھو مونجھاري جو شڪار آھن تہ آن لائین ڪاروبار جي جھان ۾ ڪینئن داخل ٿجي ۽ ڪینئن ڪامیابي ماڻجي ۔
آن لائین ڪاروبار جتي بظاھر آسان نظر اچي ٿو دراصل ان لاء انتھائي محنت ۽ مستقل مزاجي جي ضرورت آھي ۔
اچو تہ پاڻ جائزو وٺون تہ آن لائین ڪاروبار ڪینئن ڪري سگھجي ٿو ۽ سنڌ ۾ ڪھڙا آن لائین ڪاروبار ڪري سگھجن ٿا۔
سڀ کان پھرین ڏسڻ اھو آھي تہ مارڪیٽ ۾ ڪھڙین شین جي گھرج آھي
مثال طور پاڻ قاسم آباد ۾ رھون ٿا جتي ماڻھن لاء پلمبر ،الیڪٽریشن ، واڍو،صفائي وارن لاء ماڻھو پریشان ٿا رھن تہ اتي انھن ماڻھن جو نیٽ ورڪ جوڙي سروسز مھیا ڪرڻ جو آن لائین ڪاروبار ڪري سگھجي ٿو۔ ان لاء ھڪ موبائل ایپ زریعي ئي ڪم شروع ڪري سگھجي ٿو ۔
سو شروعات ڪرڻي آھي پروڊڪٽ کان
پروڊڪٽ جي باري ۾ مڪمل ڊیٽا گڏ ڪري پنھنجو ھوم ورڪ مڪمل ڪجي
ان کان پوء ٻیو مرحلو آھي پروڊڪٽ کي ماڻھن تائین پھچائڻ لاء ڊیٽا بیس جي تیاري جنھن ۾ پروڊڪٽ جا مڪمل تفصیل ان جي باري ۾ خرید ڪندڙ جي ذھن ۾ ڪھڙا سوال ٿي سگھن ٿا انھن جا ممڪنہ جواب پیمنٽ جو طریقہ ڪار پروڊڪٽ پھچڻ جو طریقہ ڪار ۔وغیرہ شامل ھجن انھن کي آن لائین سسٽم سان ڳنڍجي
آن لائین ڊیٽا بیس لاء بھترین آپشن ویب سائیٽ آھي پر ان لاء ڊومین ۽ سٺي ڊولپر جون خدمتون ضروري آھن شروعات ۾ اھو ڪم بلاگ زریعي بہ شروع ڪري سگھجي ٿو جیڪو مفت ۾ خودرو طریقي سان بہ ٿي سگھي ٿو۔
پروڊڪٽ کي ماڻھن تائین پھچائڻ
ھاڻ اھم مرحلو آھي پروڊڪٽ جي سٺي تشھیر ۽ ماڻھن تائین پھچ ۔
بھترین ایڊورٽائیز ئي اڪانامڪس جي تالي جي ڪنجي آھي ۔
سوشل میڊیا سائیٽس تشھیر جو بھتر زریعو آھي پر سڀ کان اڳ ڏسو تہ اوھان جنھن ایریا ۾ پنھنجو پروڊڪٽ کپائڻ چاھیو ٿا اتان جي گراھڪن تائین ڪینئن پھچجي
سوشل میڊیا زریعي
اشتھاري مھم یعني وال چاڪنگ ،پمفلیٽ پوسٽر زریعي
ایس ایم ایس زریعي
سڀ کان اڳ سوشل میڊیا سائیٽس جي مخصوص لوڪیشن نیئر باء آپشن زریعي ان مخصوص علائقي جي ماڻھن تائین رسائي حاصل ڪري پنھنجو پروڊڪٽ متعارف ڪرایو ۔ پنھنجي ھیلپ لائین زریعي مسلسل رابطي ۾ رھو جیترو ٿي سگھي پنھنجي گراھڪن جي ڊیٽا گڏ ڪریو کین باقائدہ اپ ڊیٽ ڪندا رھو ۔
اوھان جا پھریان ٻہ کان ٽي مھینا اعتماد سازي ،رابطي ۽ پروڊڪٽ جي مارڪیٽنگ ۾ لڳندا ۔
پنھنجي ڳالھ کي ان انداز سان رکو جینئن گراھڪن جي اوھان جي پروڊڪٽ ۾ دلچسپی پیدا ٿئي
ان سلسلي ۾ اوھان آن لائین ویب سائیٽس وزٽ ڪریو ۽ ڏسو تہ آھي گراھڪن ۾ دلچسپي پیدا ڪرڻ لاء ڪھڙا طریقہ ڪار استعمال ڪن ٿا۔
سڀ کان وڏو معاملو آھي ماڻھن کي پنھنجي پروڊڪٽ ڏانھن متوجہ ڪرائڻ مثال طور کین اھو محسوس ڪرائڻ تہ مارڪیٽ مان عام پلمبر ۽ اسان جي آن لائین سروسز زریعي پلمبر گھرائڻ ۾ ڪھڙو فرق آھي گراھڪ کي ڪھڙو فائدو پوندو۔
پنھنجي پروڊڪٽ لاء وضاحت ڪریو تہ اھو اوھان لاء ڪینئن ۽ ڪیتریون آسانیوُن پیدا ڪري سگھي ٿو۔
انھن ماڻھن جا رایا شیئر ڪریو جیڪي اوھان جو پروڊڪٽ استعمال ڪري چڪا ھجن۔
ماڻھن کان رایا پڇو تہ اوھان پنھنجو پروڊڪٽ ڪینئن بھتر ڪري سگھو ٿا۔
مختلف وقتن تي آفرز جو اعلان ڪیو ۔ ننڍڙا انعام ماڻھن کي اوھان ڏي متوجہ ڪندا ۔
پنھنجي پروڊڪٽ جي گارنٽي ڏیو ان سان اعتماد وڌندو۔
مخصوص وقت لاء رعایتي پیڪیجز جو اعلان ڪریو ۔
خریداري ۽ پیمنٽ جا آسان طریقہ ڪار رکو۔
یاد رکو ویب سائیٽ تي خریداري جو آپشن ٻن ڪلڪس کان وڌیڪ نہ ھجي ڇو تہ منجھیل سسٽم خریدار کي تنگ ڪندو ۔
توھان جو بلاگ یا ویبسائیٽ توھان جو دڪان آھي ان کي آسان ۽ وڻندڙ رکو جینئن گراھڪن کي اوھان جي پروڊڪٽ ۾ دلچسپي پیدا ٿئي ۔
گراھڪن تائین مسلسل رسائي لاء اوھان جو فوري ریسپانس ۽ آن لائین موجود ھجڻ اوھان جي ڪاروبار کي سپورٽ ڪندو ۔ اھو نوٽ ڪیو ویو آھي تہ جیڪي آن لائین اسٽور فوري ریسپانس نٿا ڏین ماڻھو انھن ۾ دلچسپي نٿا رکن۔
پنھنجي ڪم ۾ ماھر ٿیو مسلسل آن لائین ڪاروبار جون ویب سائیٽس وزٽ ڪیو ،ان سلسلي ۾ ماھرن جا آرٽیڪلز پڙھندا رھو جینئن اوھان آن لائین ڪاروبار ۾ ایندڙ تبدیلین بابت باخبر رھو ۔ اوھان جیترا باخبر ھوندا اوترو اوھان نھنجي گراھڪن کي مطمئن ڪري سگھندا ۔
پنھنجي پروڊڪٽ جي باري ۾ سوشل میڊیا ۽ بلاگ/سائیٽ تي ننڍا ننڍا آرٽیڪلز مختصر وڊیوز رکو ان جو مواد اھڙو رکو جینئن استعمال ڪندڙ کي اوھان جو پروڊڪٽ مفید لڳي یاد رکو اوھان جو ٽارگیٽ گراھڪ کي اوھان جو پروڊڪٽ کپائڻ آھي انڪري سوشل سائیٽس تي اوھان جو فوڪس اوھان جو ڪاروبار ھجڻ کپي پاڻ کي مذھبي سیاسي بحثن کان پاسیرو رکو۔
گراھڪن سان مسلسل رابطو انتھائي اھم آھي ۔ھڪ سروي موجب 36 سیڪڙو گراھڪن ٻڌایو تہ انھن جي مستقل ھڪ سائیٽ تان خریداري جو سبب انھن طرفان مسلسل رابطو میسیجز پنھنجا پیڪیجز ۽ آفرز موڪلڻ آھي ۔
ڪوشش ڪري رعایتي ڪوپن یا ڪوڊ متعارف ڪرایو جینئن گراھڪ ٻئي دفعا خریداري مھل آھي ڪوڊ استعمال ڪري رعایت وٺي سگھن۔
خریداري کان پوء مھرباني واري میسیج سان گڏ مستقبل لاء مستقل گراھڪن لاء ڪا آفر شامل ڪریو۔ یاد رکو آن لائین ڪاروبار جو موازنو زمیني ڪاروبار کان پنج دفعا وڌیڪ آھي پر اھو صرف ان صورت ۾ ممڪن آھي جڏھن اوھان صارفین کي پنھنجي پروڊڪٽ جي مفید ھجڻ بابت مڃائي وٺو ۔ ساڻس مسلسل رابطي ۾ رھو ۽ کین ٻین آن لائین اسٽورن کان وڌیڪ سٺي سروس ڏیو۔
ھاڻ اچو تہ ڏسون پاڻ سنڌ ۾ ڪھڙا آن لائین ڪاروبار ڪري سگھون ٿا
۱۔ آن لائین سروسز ۔یعني ڌوٻي کان وٺي پلمبر صفائي ڪندڙ الیڪٽریشن وغیرہ جنھن ۾ مختلف ڪمن جي ٽیڪنیشنز جو نیٽ ورڪ آن لائین ھڪ ایپ زریعي جڙیل ھوندو۔ ھیلپ لائین تي ڪال ڪري یا ایپ بڪنگ زریعي ماڻھو آھي سروسز وٺي سگھن ٿا۔ ان سان نوجوانن لاء روزگار جا موقعا ملڻ سان گڏ صارفین کي بنا جنجھٽ جي صرف ھڪ ایپ یا ڪال زریعي ڌوٻي کان درزي ۽ پلمبر جون سھولیتون گھر ویٺي ملندیون۔ ھي سروس سنڌ جي ضلعي ھیڊڪوارٽرن ء ویھ کان ٽیھ ھزار آبادي وارن شھرن ۾ ھلي سگھي ٿي ۔
2. آٽو اسٽور جنھن ۾ موٽر سائیڪل کان وٺي استعمال ٿیل ڪارن تائین پروڊڪٽ موجود ھجن اوھان جي ذھن ۾ ایندو تہ پاك ویلز اولیڪس یا شورومز جي ھوندي ھي آن لائین آٽو اسٽور ڪینئن ڪامیاب ویندو تہ جواب سولو آھي ھر ماڻھو جي ھٿ ۾ موبائل آھي ھو چاھي ٿو تہ ویجھو فوري ریسپانس ڏیندڙ سستي سروس طرف توجہ ڏئي ۔
3. آن لان کاڌا۔وڏن شھرن م۾ ھي سروس عام ٿي رھي آھي ماڻھو چاھین ٿا تہ گھڻي جنجھٽ بدران جیڪڏھن لذیذ کاڌو گھٽ پیسن ۾ گھر ویٺي ملي تہ ٻیو ڇا کپي ۔
4. آن لائین ڪپڙا بیڊ شیٽون وغیرہ خاص طور عورتن ۽ ٻارن جي ڪپڙن جو آن لائین وڪرو وڌي رھیو آھي ۔سٺي ڊزائینر عورت لاء ھي ڪاروبار تمام بھتر آھي اھا پنھنجي ڊزائینز زریعي عورتن کي پاڻ ڏي ڇڪي سگھي ٿي ۔
5. عام استعمال جي شین جو آن لائین اسٽور جنھن ۾ گروسري کان وٺي موبائل ایڪسیسریز شامل ھجن ۔
6. آن لائین ٽیوشن اسٽور زریعي ھڪ ئي استاد ھڪ ئي وقت مختلف ٻارن کي ٽیوشن پڙھائي انھن جو ڪم چیڪ ڪري سگھي ٿو ھن سلسلي ۾ ان ڪم جون مددگار ایپ جینئن زوم مائیڪروسافٽ ٽیم یا گوگل ڪلاس روم اڳ ئي موجود آھن جن جي سھڪار سان آن لائین ٽیوشن سینٽر ھلائي اگھجي ٿو۔
7. ڪیٽرنگ ۽ ایونٽ ڊزائینر جنھن ۾ تقریبن جي فوٽو گرافي کان وٺي رڌ پچاء جون سھولیتون موجود ھجن۔
8. آن لائین ھوٽلنگ فوڊ پانڊا جي ڪامیاب لانچ کان پوء آن لائین فوڊ ڊلیوري یعني گھر گھر کاڌو پھچائڻ جو تصور عام آھی اوھان بہ پنھنجي ھوٽل جي کاڌن جي بھترین تشھیر سان آن لائین بڪنگ ڪري ھڪ ٻن بائیڪ رائیڊرن زریعي پنھنجي ڪاروبار کي وسعت ڏئي سگھي ٿا۔ یاد رکو جتي آن لائین ڪاروبار بظاھر موبائل ڪلڪس زریعي آسان نظر اچي ٿو اتي اھو اوھان کان وقت ،صلاحیتن ،بھتر ڊیلنگ جو گھرجائو آھي اوھان جیترو مستقل مزاجي سان ڪم ڪندا اوترو ئي وڌیڪ ڪمائي سگھندا


Leave a comment