ھڪڙي اڻ تجربیڪار ماڻھو ء لاء سڀ کان وڏو سوال اھو ئي ھوندو آھي تہ ھو گھٽ خرچ ۾ پنھنجي لاء ڪو اھڙو ڪاروبار ڪینئن شروع ڪري جنھن سان سندس سیڙپ ڪیل رقم بہ محفوظ رھي سندس گھر جو چرخو ھلائڻ ۾ بہ مدد ٿئي ۔ سو پاڻ اڄ جائزو وٺنداسین تہ آھي ڪھڙا ننڍا ڪاروبار سنڌ ۾ ڪري سگھجن ٿا جن تي نہ صرف ٿورڙي سیڙپ آھي پر انھن مان ڪیترن ڪاروبارن لاء تہ اوھانکي دڪان جي بہ ضرورت ڪونھي اوھان اھي ڪم پنھنجي گھر کان بہ شروع ڪري سگھو ٿا۔
یاد رکڻ جھڙي ڳالھ اھا آھي تہ ڪو بہ ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ان تي مڪمل ھوم ورڪ ڪرڻ انتھائي ضروري آھي۔ مثال طور اوھان جیڪو ڪم شروع ڪرڻ وارا آھیو ان جي مارڪیٽ ۾ کپت ڪیتري آھي جیڪڏھن ساڳیو ڪم اڳ ۾ ئي ڪو ٻیو ڪري رھیو آھي تہ ان جو اگھ ،معیار ۽ گراھڪن جو ریسپانس ڇا آھي۔ اوھان جي ڪم جي ڪل لاڳت ڪیتري آھي ۽ مارڪیٽ ۾ اوھان کي قیمت ڪیتري ملندي ۔ڪم ۾ نقصان جو اندیشو ڪیترو آھي ۔وغیرہ وغیرہ
انھن سڀني شین کي ڪوشش ڪري ڪنھن رجسٽر ۾ لکو جینئن ڪاروبار شروع ڪرڻ کان پوء اوھان پنھنجي نقصان فائدي جو بھتر موازنو ڪري سگھو ۔ ان کان سواء ڪو بہ ڪاروبار شروع ڪرڻ کان اڳ ٻن یا ٽن ڪمن جي باري ۾ ورڪنگ ڪریو ان کان پوء انھن مان اھو ڪم چونڊیو
1. جنھن جي مارڪیٽ ۾ وڌیڪ کپت ھجي
2. جنھن ۾ فائدو (پرافٽ مارجن)بھتر ھجي
3. جنھن ۾ مال ضائع یا خراب ٿیڻ جو اندیشو گھٽ ھجي
4.سڀ کان وڌیڪ جیڪو اوھان آساني سان ڪري سگھو۔ ھاڻ اچو تہ ڏسون سنڌ جي مارڪیٽ اڪانومي اسان کي ڪھڙو ننڍن ڪاروبارن جو میدان مھیا ڪري سگھي ٿي۔
• اسٽیشنري: جیڪڏھن اوھان وٽ لک روپیا آھي تہ اوھان اسٽیشنري جو ڪم پنھنجي گھر کان ئي شروع ڪري سگھو ٿا۔ مارڪیٽ مان A2,A3A4سائیز جا پنا وٺي انھن کي ڪٽي اسڪول بڪ جي سائیز ۾ ڪري ھڪ بائینڊنگ مشین جي مدد سان بڪ رجسٽر لفافہ فائیل ٺاھي اوھان پنھنجي شھر ۽ تر جي اسڪولن ۽ آفیسن ۾ سپلاء ڪري سگھو ٿا یا وري پنھنجي شھر جي اسٽیشنري جي دڪانن تي ڏئي سگھو ٿا۔ ان کان سواء پلاسٽڪ جي استعمال سبب وڌنڌڙ پیپر بیگ جي وڪري مان بہ فائدو وٺي سگھجي ٿو ۔ان ڪم ۾ بچت جو مارجن پنجویھ کان ٽیھ سیڪڙو آھي۔
• ڪپڙن ڌوئڻ جا صابڻ: لک کان ڏیڍ لک جي خرچ سان ھي ڪاروبار بہ گھر کان ئي شروع ڪري سگھجي ٿو ۔ ان جي مولڊنگ مشین ھڪڙو ننڍڙو اوون ۽ صابڻ ۾ استعمال ٿیندڙ ڪچو مال مارڪیٽ ۾ دستیاب آھن ۔ لوڪل مارڪیٽ کان وٺي گھر سروس زریعي ھي پروڊڪٽ عام استعمال جي شيء ھجڻ ڪري آرام سان وڪجي سگھجي ٿو۔
• ڊسپوزل گلاس پلیٽون ۽ ڪپ : اڄڪلھ شادین مرادین کان وٺي گھرن ۾ ٿیندڙ تقریبن تائین ڊسپوزیبل شین جو استعمال وڌي رھیو آھي۔ ھن ڪاروبار تي بہ خرچ لک کان ڏیڍ لک آھي۔ مشین بہ عام مارڪیٽ ۾ ملي ٿي ۽ استعمال ٿیندڙ سامان بہ ۔پنھنجي شھر ۽ تر جي دڪانن تي وڪرو بہ ٿي ویندو۔
• نوڊلز ۽ چپس : ٻارن جا پسندیدہ نوڊلز ۽ چپس ڀلا ڪنھن کي خبر ڪونھي تہ انتھائي گھڻو وڪامندڙ شیون آھن ۔ لک کان ٻن لکن جي انویسٽ اوھان کي ھڪ مستقل روزگار ڏئي سگھي ي سو بہ گھر ویٺي ۔ معیاري شيء پنھنجو مارڪیٽ پاڻ ئي ٺاھي وٺندي
• پیزا ۽ برگر ۔ ٻہ لک روپین جي خرچ سان اوھان رڳو پنھنجي شھر جي مختلف اسڪولن جي بریڪ ٽائیم ۾ اسٽال لڳائي آرام سان سٺا پیسا ڪمائي سگھو ٿا ۔شرط آھي فوڊ ڪوالٽي بھتر ھجي ۔ ان کان سواء شام جي وقت تي بہ اھو ڪم ٿي سگھي ٿو ڪنھن ھوٽل یا ھوم ڊلیوري جو ڪم بہ ڪري سگھجي ٿو۔
سو في الحال اوھان جي اڳیان پنج آپشن آھن خرچ سڀني تي لڳ ڀڳ ساڳیو آھي۔ انھن ڪاروبارن لاء مائڪرو فنانس بینڪن کان قرض بہ ملي سگھي ٿو۔ باقي فیصلو اوھان کي ڪرڻو آھي تہ اوھان ڪھڙو ڪاروبار آساني سان ڪري سگھو ٿا پر یاد رکو ڪو بہ ڪاروبار شروع ڪرڻ کان اڳ ان جو مڪمل ھوم ورڪ ڪري پوء ئي ان ڪم ۾ ھٿ وجھجي۔

Leave a comment