Indusdaily.com

News information &Entertainment

ڪمال ، لانڍي ، مظفر آباد ڪالوني ، ڪراچي جو رهواسي ، انهن هزارين ماڻهن ۾ شامل هو ، جيڪي 12 مئي 2007 تي هن وقت جي معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ وڃي رھیا ھیا .
چالیھن سالن جي ڪمال سواتي چيو ته هو ڪنهن سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ ناهي هو پاڙي جي ٻين ماڻهن سان ايئرپورٽ تي وڃي رهيو هو جڏهن ڪالابورڊ تي جلوس تي حملي ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا ، ۽ هڪ ماڻهو مارجي ويو.

اسان مسجد ۾ پناهه ورتي جتي 100 کان 150 ماڻهو اڳ ئي لڪيل هئا.هڪ شخص مون کي سڃاتو ۽ منهنجي سوٽ کي فون ڪيو جيڪو ٻه پوليس موبائلن سان گڏ اچي پهتو ۽ اسان کي اسپتال وٺي ويو.
ڪمال سواتي ، پنجن ٻارن جو پيءُ ، ریڙھ جي ھڏيءَ ۾ ڌڪ لڳڻ کان معذور ٿي ويو جڏهن ته واقعي کان اڳ هو سبزي جي گاڏي زریعي گذران ڪندو ھیو،هاڻي پاڙیسري سندس مدد ڪن ٿا.

2007 ۾ ، ان وقت جو صدر جنرل پرويز مشرف ، عدليه جي بحالي لاءِ هڪ تحريڪ کي منهن ڏئي رھیو ھیو . 12 مئي تي معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪراچي آمد جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ريلي منعقد ڪئي وئي گروپن وچ ۾ ٽڪراءُ شروع ٿي ويو 40 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن زهره يوسف جو چوڻ آهي ته جنرل مشرف نه ٿيهو ته چيف جسٽس پنهنجي مقبوليت ثابت ڪرڻ لاءِ سموري ملڪ جو سفر ڪري.

صورتحال کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن چيف جسٽس خلاف ڪارروائي جو سبب معلوم نہ ٿي سگهي. اها بدقسمتي آهي ته ان ڏينهن 40 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا ويا پر ماڻهن کي اڃا تائين انصاف ناهي مليو.
12 مئي تي افتخار محمد چوڌري سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي 50 هين سالگره جي تقريب کي خطاب ڪرڻ لاء اچي رھیوهو. ان ڏينهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ڌرڻن جي ڪري ڪجھ جج عدالتن ۾ به داخل نه ٿي سگهيا.

ڪراچي بار جي اڳوڻو صدر محمود الحسن چيو ته: وڪيل تہ ان وقت جدوجهد ۾ مصروف هئا عدليه ۽ حڪومت کان پڇڻ گهرجي ته هنن ڇا ڪيو. اهو معلوم ڪرڻ تہ حڪومت جو ڪم هو ته اهو ڇو ٿيو ۽ اهو ڪنھن ڪيو.
هن چيو ته خبر ناھي سمجھوتو ٿیو يا نه ، پر سچ اھو آھي تہ حڪومت يا عدليه طرفان ڪوبه قدم نه کنيو ويو ، ”بھرحال جڏهن مشرف واپس آيو ته سندس خلاف هڪ ريفرنس ۱۲مئي واقعہ جو بہ داخل ٿيڻ گهرجي ها.
جڏھن تہ انساني حقن جي ڪارڪن اقبال ڪاظمي جي درخواست اڃا تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيل آهي.

جنرل پرويز مشرف کي به 2012 ۾ درخواست ۾ فریق بڻايو ويو ۽ عدالت هن جي حاضريءَ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم به ڏنو هو. اقبال ڪاظمي جو چوڻ آهي ته سندس موقف آهي ته هي جيڪي هن واقعي جا بنيادي ڪردار آهن انهن کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي.
هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن زهرا يوسف چيو آهي ته 12 مئي ڪراچي لاءِ هڪ اهم موڙ هو. 2007 ع کان 2013 تائين تشدد وڌي وئي ، سڀ کان وڌيڪ لساني تشدد ٿيو.

قائداعظم يونيورسٽي جي استاد فرحان صديقي جو چوڻ آهي ته ان واقعي سبب شهر ۾ لساني تضاد ٻيهر ڪر کنیو، جنهن جو ڪراچيءَ جي سياست ، معيشت ۽ معاشري تي تمام گهڻو برواثر پيو آهي. ان کانپوء ماحول خراب ۽ بدتر ٿي ویو.
”جیڪڏھن ڪا پارٽي يا گروهه پاڻ کي ٻين تي مسلط ڪرڻ چاهي ٿو ، اهو هميشه تشدد جو نتيجو هوندو. سبب اهو آهي ته ڪراچي ۾ لساني گروهن جي وچ ۾ طاقت جو توازن ڏاڍو مضبوط رھیوآهي.“

تشدد ۾ سوين ماڻهو ماريا ويا ۽ اهو سلسلو 2013 تائين جاري رهيو .آخرڪار وفاقي حڪومت کي ڪراچي ۾ آپريشن ڪرڻو پيو ، جنهن انهن لساني تنظيمن جي ويڙهاڪ گروهن کي ڪمزور ڪيو ، پر لساني جذبات اڄ بہ ائین ئي قائم آهن.
فرحان صديقي چوي ٿو ته هن آپريشن جي نتيجي ۾ لسانيات وڌي وئي آهي ۽ مضبوط نظر اچي رهي آهي ، اها مهاجر ۽ هڪ صوبي جي نعري جو پڻ مطالبو ڪري رهي آهي ، پر ساڳئي وقت ایم ڪیو ایم مان مصطفيٰ ڪمال جي پاڪ سرزمين پارٽي بہ نڪتي جيڪا فيالحال تہ هر لساني يونٽ مان ھجڻ باوجود وحدت جي ڳالهه ڪري رھي آھي ۔

تحریر ریاض سھیل

بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام

Leave a comment