جینئن جینئن ترڪي جو ڊرامو ارتغول سلطان ڪامیابي جا نوان رڪارڊ ٺاھي رھیو آھي تینئن ئي ڊرامي جي ڪرادارن سان بہ پاڪستاني ناظرین پنھنجي جذباتي وابستگي ظاھر ڪري رھیا آھن پر ان صورتحال ۾ ڊرامي ۾ حلیمان سلطان جو ڪرادر ادا ڪندڙ اسرا پاڪستاني ناظرین جي ڪري ان وقت ٽاپ ٽرینڊ ۾ اچي وئي جڏھن سندس مختصر ڪپڙن ۾ تصویرون وائرل ٿیون
مدثر خان نالي ھڪ صارف ٽویٽر تي لکیو تہ جڏھن حلیمان کي سلطان ارتغول بچایو تہ مون ٻہ نفل پڙھیا پر اسان جي حلیمان باجي کي مختصر ڪپڙن ۾ ڏسي ڏاڍو ڏک ٿیوآھي کیس گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي نالي جي لڄ رکڻ کپي
حبیب اللہ ڀٽي نالي ھمراھ لکیو تہ اسان دعاگو آھیو تہ اسراجو اندر بہ ڊرامي جي ڪردار وانگر صاف شفاف ھجي ۽ ھو ان ڪرادر ۾ لھي وڃي


شیخ ھومیس پنھنجي ڪمینٽ ۾ لکیو
استغفراللّٰہ حلیمان باجي
سید فھد علي نالي ھمراھ لکیو باجي حلیمان آھي ڪپڙا توکي نٿا ٺھن آخرڪار تون اسلامي تاریخ جو وڏو ڪردار آھین
ڊاڪٽر ڪاظمي لکیو ۔ پاڪستاني ماڻھن جي نفسیات سڌرڻ واري ئي ڪانھي
حرا نالي صارف لکیو سڀني کان مزي جو جملو آھي “استغفراللّٰہ حلیمان باجي”
فرحان سید لکیو تہ پاڪستاني ھجوم جنھن ڪلچر جي پویان ڇتو لڳو وتي اھو ڪلچر تہ ترڪيء ۾ ئي ڪڏھوڪو مري چڪو آھي۔
جاوید اقبال نالي ھمراھ لکیو ۔
“اسرا توکي انھن ڪپڙن ۾ ڏسي مونکي توکان نفرت ٿي وئي آھي “ڄڻ اھو جملو پڙھي مائي برقعو پائي وٺندي ۔
سڪندر شاھ قائد اعظم جي تصویر سان ھڪ قول پوسٽ ڪیو آھي تہ “ سڀ چوتیا منھنجي دیس ۾ رھندا آھن”
Leave a comment