جڏھن دنیا ڪورونا سبب گھرن تائین محدود ٿي وئی تہ دنیا وٽ واحد ویندو بچیو آن لائین گیمنگ ٽیلیوزن ۽ سوشل میڊیا سرفنگ ،دنیا جو رجحان ڏسجي تہ گھڻو ۾ گھڻو ڊائونلوڊ ٿیندڙ گیم پب جي ھئي جنھن زریعي نوجوانن آن لائین انٽیلیجنس زریعي پاڻ کي مصروف پئي رکیو ،سوشل میڊیا سائیٽس ۾ وري فیس بڪ ۽ ٽڪ ٽاڪ زریعي پاڻ کي مصروف رکیو
سنڌ ۾ پھرین تہ ٽرینڊ ٺھیو تہ پاڻ ڪٿي ملیا ھیاسین جنھن ۾ سوشل میڊیا جي دوستن پنھنجي پھرین ملاقات جي کٽین مٺین یادن کي شیئر ڪیو جنھن ۾ ڪافي دلچسپ پوسٽون بہ ڏسڻ ۾ آیون پر ان کان پوء سنڌ جي ٻھراڙین ۾ مزیدار ٽرینڊ جڙیو فیس بڪ الیڪشن جو جنھن ڏسندي ئي سنڌ جي ٻھراڙین ۾ ٽاپ ٽرینڊ جي جاء وڃي ورتي ۔
فیس بڪ الیڪشن دوران گروپ ۾ ڪن بہ ٻن ڄڻن جو مقابلو ھوندو آھي جنھن لاء ٽن ڪلاڪن کان ٽن ڏینھن تائین ورڪ ڪرڻ جو ٽائیم ۽ ووٽن لاء ٻارھن کان چوویھن ڪلاڪن جو وقت مختص ڪیو ویندو آھي ورڪ دوران امیدوار پاڻ ۽ پنھنجي واسطیدارن زریعي واٽزاپ ،میسینجر فون ڪالز کان وٺي روبرو ورڪ واري پروسیس ۾ اچیو ووٽ لاء نہ رڳو منٿ ڪن پر پوء موبائل لوڊ تي ووٽ کپائڻ وارو رجحان بہ سامھون آیو ۔
ڪجھ ھمراھن تہ پاڙي جي ننڍڙي وڏیري وانگر مون وٽ ٽیھ ووٽ آھن في ووٽ لاء ٽیھ روپین جو لوڍ ڪرائي ۽ ٽیھ ئي ووٽ ڳڻي وٺ جا ھوڪا ڏیندي نظر آیا تہ ڪي ھمراھ وري ٻنھي امیدوارن کي پك ڏیندي ٻنھي پاسي موبائل لوڊ جو مزو وٺندا رھیا ۔
ھڪڙي ھمراھ ٻڌایو تہ مونکي ھڪڙي امیدوار ڪال پیڪیج ڪرائي ڏنو تہ ٻئي کان ھفتي جو انٽرنیٽ پیڪیج ڪرایم۔
ان دوران نہ رڳو ھلڪي ڦلڪي نوڪ جھونڪ ٿیندي رھي ٿي پر ڪٿي تہ معاملو گارین ۽ جھیڙن ۽ ان کان پوء فیصلن تي وڃیو پھچي تہ ڪٿي ڌانڌلین جون دانھون بہ ٻڌیون ویون ۔
فیس بڪ جي ھڪ صارف لکیو تہ ڌانڌلین خلاف اپیل ٻڌڻ لاء فیس بڪ جي چئن چڱن تي مشتمل فیس بڪ الیڪشن ٽریبونل بہ جوڙیو وڃي جینئن الیڪشن جا سڀ تقاضا پورا ٿي سگھن ۔

Leave a comment