رڳو پ پ سنڌ جو ٺیڪو ناھي کنیو ۔ سنڌ اسان جي بہ آھي ۔ جلدي سنڌ اچون پیا ۔ شاھ محمود قریشي

Published on

in

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جيمشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪورونا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي. مستحڪم معيشتن جا هٿ پير ڏڪي ويا آهن. هن چيو ته حڪومت ان معاملي تي ڪنفيوزن جو شڪار نه آهي، واضح پاليسي آهي، قومي حڪمت عملي جوڙي آهي، سنڌ حڪومت به ان پاليسي جو حصو آهي. پيپلزپارٽي جي مشاورت شامل آهي. قومي رابطا ڪميٽي جو ميمبر سنڌ اسيمبلي به آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ڳالهه کي وزيراعظم اهميت ڏي ٿو. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي. انهن جي راءِ کي به اهميت ڏني وڃي ٿي. اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ان وبا جو حل لاڪ ڊائون آهي، هرگز نه، اهو هڪ جز آهي. ان جو اصل حل ويڪسين آهي جنهن جي تياري ۾ 18 مهينن کان ٻن سالن تائين جو عرصو لڳي سگهي ٿو. اسان کي ان جي ڦهلاءُ کي محدود ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ روزانو صبح کان شام تائين ان وبا بابت اجلاس ڪري ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ اهم آهي. پوري ايس او پيز سان قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو. اسان کي اجلاس گهرائڻ ۾ ڪا به پريشاني نه هئي. اجلاس جو مقصد اهو آهي ته توهان تجويزون ڏيو، پيپلزپارٽي جمهوريت ۽ حوصلي جو درس ڏيندي هئي هاڻي ڇا ٿي ويو. قومي اسيمبلي جو مڪمل اجلاس ٿي رهيو آهي. سنجيده مشوري تي قومي رابطا ڪميٽي ۾ غور ڪنداسين،اسان قومي يڪجهتي ۽ قومي سوچ سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، سنڌ اسان جو آهي، پيپلزپارٽي وفاق جي علامت هئي. ڪراچي کي ڇڏي اندرون سنڌ ۾ ڪٿي لاڪ ڊائون هو. سنڌ حڪومت نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪئي. انهن جي محنت کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته هڪ طرف اشرافيه جو طبقو آهي ۽ ٻئي طرف مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ آهن. اشرافيه لاڪ ڊائون جي ڳالهه ڪري ٿي انهن وٽ وسيلا آهن اهي زندهه رهي سگهن ٿا ٻيو طبقو جن وٽ وسيلا نه آهن اهي بک سان مري ويندا. اسان کي ڪورونا وائرس ۽ بک ۽ بدحالي کان پنهنجي ماڻهن کي بچائڻو آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم جي اهميت کي مڃون ٿا. صوبائي خودمختياري جا قائل آهيون. واضح طور تي چوان ٿو ته 18 هين ترميم کي دفن ڪرڻ اسان جي سياست نه آهي ان جا اهم رخ اڳ ۾ به قبول هئا هاڻي به قبول آهن. 10 سالن ۾ جيڪي تجربا ٿيا ان جي ڏس ۾ خامين کي گڏجي بهتر بڻايون ٿا. اسان وٽ اڪثريت نه آهي، اسان قومي پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، 18 هين ترميم صوبائي خودمختياري ڏيڻ آهي. اسان ووهان ۾ چين جي تجربن مان به فائدو کنيو. سنڌ حڪومت انهن شين تي قانونسازي ڪيئن ڪري سگهي ٿي جن جو ان کي ڪو اختيار نه آهي، بجلي ۽ گئس جا بل معاف ڪرڻ انهن جو اختيار نه آهي. سنڌ جي گورنر بهتري جي لاءِ سنڌ حڪومت جو آرڊيننس واپس موڪليو. سنڌ کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي ۽ آبادي جي تناسب کان وڌيڪ ڏنو، سنڌ سان نه ڪا زيادتي ٿي ۽ نه ئي ٿيندي. خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب وانگر اسان سنڌ ۾ اچي رهيا آهيون. سياست جو جواب سياست ۾ ڏينداسين. گڏجي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، هوڏانهن بلاول جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته بلاول کي پيار سان چوندس ته جيڪو ڪجهه چوڻو آهي کليل نموني چئو، منهنجو اصولي موقف اڄ به اهو ئي آهي جيڪو مون ريمنڊ ڊيوس واري اشور تي ورتو هو، هن سوال ڪيو ته آخر پ پ کي منهنجي ڪهڙي ڳالهه خراب لڳي؟ اسان سنڌ سان گڏ آهيون، بيوفائي ڪڏهن نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته سنڌ جي ٺيڪيداري رڳو توهان وٽ ناهي، اسان به سنڌ سان محبت ڪريون ٿا، سنڌ اسان جو حصو آهي، سنڌ جي ثقافت کان اسان پوري طرح واقف آهيون، هن چيو ته اسان ارڙهين ترميم جي اهميت کان واقف آهيون، بنا سبب ان ڳالهه کي اشو نه بڻایو

عوامي آواز

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.