ورلڊ فوڊ پروگرام جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب 70 لک وڌيڪ ماڻهو بک جو شڪار ٿیندا ۔6.7 ملين ماڻهن جي واڌ سان ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ 47 ملين ماڻھو هاڻي فاقه ڪن ٿا.
وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا سالن کان جنگ ، سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي مسئلن جو شڪار آهي ، ۽ هي علائقو هاڻي ڪورونا وائرس جي ڪري اڃان وڌیڪ بدحالي جو شڪارآهي ، جنهن هن جي مسئلن ۾ اضافو ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي ايجنسيون ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪري چڪيون آهن ته خطي ۾ ڪمزور حڪومتون ڪورونا وائرس سان وڙهڻ يا هن سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه نہ ٿيون رکن
عالمي بحران تي ورلڊ فوڊ پروگرام طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي 20 سيڪڙو آبادي بک ۽ خوراڪ جي گهٽتائي جو شڪار آهي جنھن ۾ اڪثریت وچ اوڀر جي آهي.
ايجنسي جي ترجمان ايلزبيٿ بيئر چيو ته رپورٽ ۾ پيشنگوئي ڪئي وئي آھي ته ھيءَ عالمي وبا خطي ۾ بک ۽ بدحالي جو مسئلو ٻيڻو ڪري ڇڏيندي. کاڌي جو ٿورومقدار جيڪو هتي موجود هیو سو پڻ غائب آهي جڏهن ته روزي ڪمائڻ جا ذریعا گهٽ یا ختم ٿي رهيا آهن.

Leave a comment