سنڌ ۾ ورچوئل تعلیمي ڪلاسز ڪینئن ھلائي سگھجن ٿا۔

Published on

in

ڪورونا وائرس سبب 26 فیبروري کان اسڪول بند آھن ان دوران ڪجھ پرائیویٽ اسڪولن جدید ٽیڪنولوجي جو استعمال ڪندي آن لائین تعلیمي سلسلو شروع ڪیو پر سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ان سلسلي ۾ ڪابہ اڳڀرائي نہ ڪئي جنھن سبب لکین ٻارڙا تعلیم کان محروم رھجي ویا جیتوڻیڪ ان دوران ئي پنجاب جي تعلیم واري وزارت آن لائین تعلیمي سلسلي لاء نہ صرف ڪوششون ورتیون بلڪہ ڪیبل آپریٽرن جي مدد سان گھر گھر تعلیمي چینل جو اجراء بہ ڪري ورتو جنھن ۾ مختلف سبجیڪٽن جا ماھر استاد سرڪاري ڪورس مطابق ورچوئل ڪلاسز وٺن ٿا۔

سنڌ جیڪا اڳ ئي تعلیمي میدان ۾ پوئتي آھي سرڪاري اسڪولن جي حالتِ زار بہ ڪنھن کان ڳجھي ڪانھي اتي ڪورونا جي وبا سبب تعلیم کي ناقابل تلافي نقصان پھتو آھي حالانڪہ سنڌ ۾ بہ آن لائین تعلیمي سلسلو شروع ڪرڻ جي ضرورت ھئي پر اڄ بہ تعلیمي وزیر سعید غني صاحب جو چوڻ ھیو تہ آن لائین تعلیمي سلسلو شروع ڪرڻ ڏاڍو ڏکیو ڪم آھي ان ۾ وقت لڳندو۔اچو تہ پاڻ جائزو وٺون تہ سنڌ ۾ اھو ڪم ڪینئن شروع ٿي سگھي ٿو ۽ ان لاء ڪھڙا وسیلہ درڪار آھن

پاڻ ڪنھن بہ تعلقي ھیڊ ڪوارٽر یا ٽائون کي ماڊل ڪري ٿا کڻون ۽ پلان ٿا ڪریون تہ اسڪولن بند ھئڻ جي صورت ۾ آن لائن ڪلاسز یا ورچوئل ایڪیڊمڪ سیشن ڪینئن شروع ڪري سگھجي ٿو۔

سنڌ ۾ انتھائي پڙھیل لکیل استادن جو وڏو تعداد رھي ٿو امید آھي تہ ھن پلان تحت آھي آن لائین تعلیمی سلسلي کي شروع ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪندا ۔

آن لائین تعلیمي سلسلو دنیا ۾ ٽن طریقن سان ھلایو پیو وڃي۔

1. End to end User Session

یعني ھر شاگرد تائین رسائي جنھن ۾ ھڪ ئي وقت ھر شاگرد وڊیو ڪانفرنس ڪال زریعي ڪلاس ۾ موجود رھي ٿو ۔استاد ائین ئي پڙھائي ٿو جینئن ڪلاس روم ۾ ، ان دوران ھو شاگرد کان سوال پڇي ٿو،شاگرد ڪاپيء تي ڪم کي اتاري ٿو ۽ استاد اھو ڪم آن لائین چیڪ ڪري ٿو ۔ ھن سیشن لاء ھیٺئین گھربل شیون آھن

۱۔موبائل فون

۲۔انٽرنیٽ جي سھولیت

موبائل ایپ گوگل میٽ ،مائڪروسافٽ ٽیم ،فیسبڪ میسینجر روم یا زوم ایپ جي انسالیشن

ھن سیشن ۾ استاد ھڪ روم ٺاھي ان جي لنڪ پنھنجي سڀني شاگردن ڏي موڪلیندو لنڪ ڪلڪ ڪرڻ سان شاگرد ان ڪلاس ۾ شامل ٿي ویندو

۲۔آن لائین ٽیچنگ

ھن لاء استاد یوٽیوب جي مدد سان لیڪچر /لیسن پلان رڪارڊ ڪري رکندو ۽ اھڙي لنڪ میسیج یا واٽز اپ زریعي شاگردن سان ونڊ ڪري ٻئي ڏینھن کین یوٽیوب لیڪچر ڏسي فیڊ بڪ ڏیڻ لاء چوي تہ اوھان ڇا سکیو ۽ اوھان جي ذھن ۾ ڪھڙا سوال آھن آھي سوال یوٽیوب جي ڪمینٽ سیڪشن ۾ پڇڻ لاء چوي جینئن انھن جا جواب ٻئي لیسن ۾ ڏئي سگھي ھن ۾ شاگردن جو آن لائین ھجڻ ضروري ڪونھي نہ وري ھر شاگرد وٽ موبائل ھجڻ ضروري آھي ۔ ھي لیڪچر شاگرد ھڪ ٻئي سان رڪارڊ ڪري شیئر بہ ڪري سگھن ٿا۔

ورچوئل ڪلاسز وایا ڪیبل سروس

شھر ۾ ڪیبل سروس موجود آھي ۽ تقریبن ھر گھر ۾ ٽي وي بہ آھي ۔

ھن تعلیمي سلسلي ۾ مختلف استاد مختلف سبجیڪٽس جا ویھ منٽ جا لیڪچر پنھنجي موبائل زریعي رڪارڊ ڪري ان کي فلیش یا لیپ ٽاپ زریعي ڪیبل نیٽ ورڪ زریعي روزانہ ھڪ ڪلاڪ جا ڪلاسز نشر ڪن ان کان اڳ ان جي ڪیبل نیٽ ورڪ زریعي تشھیر ڪجي ۽ شاگردن کي ورچویئل ڪلاس جي ٽائیم کان آگاہ ڪجي ۔ ڪیبل نیٽ ورڪ ورڪ زریعي ورچوئل ڪلاسز جو سلسلو پنجاب ۾ شروع ڪیو ویو آھي جنھن زریعي ڪیبل آپریٽرز کي چیو ویو آھي تہ ٻہ ڪلاڪ جا سیشن چوویھن ڪلاڪن ۾ رپیٽ ڪري ھلائین مثال طور صبح جو یارھین بجي وري ساڳیو سیشن یارھین بجي رات جو ھلائجي یا اھڙي وقت جڏھن بجلي موجود ھجي ۔

ھن سیشن زریعي استاد ھفتي جا لیڪچر رڪارڊ ڪري ھڪ فوڪل پرسن کي ڏي ۔ جیڪو پروگرامن کي ترتیب ڏئي ٽائیم ٽیبل مرتب ڪري ڪیبل واري جي زریعي نشر ڪرڻ جو بندوبست ڪري ۔ان سلسلي ۾ جیڪڏھن ڪیبل وارا نٽائن یا بھانو ڪن تہ انتظامي مدد بہ وٺي سگھجي ٿي ۔

ڪوبہ ڪم ڪرڻ لاء نیڪ نیتي پھریون سبب ۽ ڪامیابي ء لاءِ انتظامي جوڙجڪ اھم ھجي ٿي الحمدللّٰہ سنڌ جي استادن ۾ نیڪ نیتي جو جذبو ۽ ڪم ڪرڻ جون صلاحیتون وافر مقدار ۾ موجود آھن ۔

امید ڪري سگھجي ٿي تہ سنڌ جا باھمت استاد مٿین ٽنھي طریقن مان جیڪو بھتر سمجھندو ان زریعي تعلیمي سلسلي کي شروع ڪري سنڌ ۽ دنیا ۾ پنھنجو ۽ پنھنجي شھر جو نالو روشن ڪندا۔

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.