وفاقي ايويائيشن وزير غلام سرور خان جي پاڪستان ۾ پائلٽ جي لائسنس کي قابل اعتراض قرار ڏيڻ کانپوءِ ، يورپي يونين جي ايئر سيفٽي ايجنسي (اي ايس اي) يورپي ملڪن کي فضائي آپريشن لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جو لائسنس معطل ڪري ڇڏيو.
پي آءِ اي جو لائسنس ڇهن مهينن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي ، منسوخي بابت پهرين جولاءِ کان ڪارروائي شروع ٿیڻي ھئي پر ، پاڪستان جي درخواست تي پي آءِ اي کي 3 جولاءِ تائين هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ، جنهن بعد پابندي جو نفاذ شروع ٿي ويندو.
يورپي يونين جي ايئر سيفٽي ايجنسي (ايسي اي) پاران موڪليل هڪ خط موجب ، گذريل سال جون ۾ پي آءِ اي ۽ اي آءِ ايس اي وچ ۾ ملاقاتون ٿيون ان کان پوء گذريل سال سيپٽمبر ۾ بہ ملاقات ٿي ، جنهن ۾ پي آءِ اي سان لاڳاپيل مختلف فني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي آءِ اي انهن کي پنج مختلف حفاظتي مسئلن تي تڪڙي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ، پر پي آءِ اي ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي.
پاڪستان ۾ ھوابازي بابت ليول ون ، حفاظتي انتظام وارو نظام بہ لاڳو نه ڪيو ويو آهي.
خط ۾ چیو ویو آھي تہ
24 جون تي ، پاڪستان جي هواي وزير غلام سرور خان پاڪستاني پارليامينٽ کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 860 پائلٽ جا 260 لائسنس جعلي هئا ۽ پائلٽ انهن کي فراڊ طور پاڪستاني اختيارين کان حاصل ڪيا .
ان صورتحال ۾ ، انهي بیان جي بنياد تي ، آيسا کي ڳڻتي آهي ته پاڪستاني پائلٽ جا لائسنس قابل استعمال نه آهن ۽ عالمي حفاظت جي معيار سان مطابقت نٿا رکن. 26 جون تي پي آءِ اي کان پڇا ڪئي وئي. جنھن جو جواب تہ ڏنو بهرحال 28 جون تي پي آءِ اي پاران موڪليل وضاحت ڪافي نه آهي.
ايوا جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي موجب ، جعلي لائسنس ٿيل سڀ پائلٽ گرائونڊ ڪيا ويا آهن. پر اهو ڪافي ناهي ، ۽ ايوا کي اڃا تائين شڪ آهي ته جعلي لائسننس سان وڌيڪ پائلٽ هوندا.
ايوا پنهنجي رپورٽ ۾ ڪراچي ۾ حادثي جو حوالو به ڏنو ۽ چيو ته ابتدائي تحقيقاتي رپورٽ موجب ، پاڪستان جي حفاظت واري انتظاماتي نظام ۾ ڪيتريون غلطيون مليون آهن.

Leave a comment