ڪیر ٿو چئي تہ آئون پاڪستاني فوج لاء ڪم ڪندي آھیان ۔ سنٿیارچي پاڪ فوج لاءَ ڪم ڪرڻ جي تردید ڪري ڇڏي

Published on

in

سنٿيا ڊان رچي ، هڪ آمريڪي بلاگر ۽ سوشل ميڊيا تي انتھائي مشھور ۽ متنازعہ صحافڻ جو چوڻ آهي ته هن ڪڏهن به پاڪستاني فوج لاءِ ڪم ناهي ڪيو. اهي سوشل ميڊيا اڪائونٽس جن تان هن جي ذات تي حملو ڪيو ويو هو آھي پيپلز پارٽي ۽ پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳنڍیل آهن. هن وٽ پيپلز پارٽي خلاف ثبوت آهن ۽ هن جا سفارتي دوست مناسب وقت تي گواهي ڏيندا.
سنٿيا انهن خيالن جو اظهار اسلام آباد مان وڊيو لنڪ تي واشنگٽن ڊي سي ۾ وي او اي جي ايرام عباسي سان هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.

سنٿيا گذریل مهيني پاڪستان جي اپوزيشن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن تي سنگين الزام هنيا هئا.
هن دعويٰ ڪئي ته 2011 ۾ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ھن سان زيادتي ڪئي ھئي جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي وفاقي وزير صحت مخدوم شهاب الدين هن کي جنسي طور ھر اسان ڪیو. پر پيپلز پارٽي جي اڳواڻن انهن الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ انهن الزامن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي لاءِ عدالتن سان پڻ رجوع ڪيو آهي.

هن چيو ته جڏهن ملڪ رياض جي ڌيئرن جي وڊيو منظر عام تي آئي جنهن ۾ هڪ عورت پنهنجي محافظن کي ٻي عورت تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهي هئي ، ان واقعي هن کي پاڪستان ۾ تلخ تجربن جي ياد ڏياري ،پوءِ هن کي اهي ڳالهيون ياد آیون جيڪي رحمان ملڪ هن کي ٻڌايون هيون.
سنٿيا چيو ته پاڪستان ۾ ریپ ڪلچر عام آهي پر هڪ شخص يا ڪجهه ماڻهن جي ڪري ان کي عام رويو سمجهڻ غلط آهي. جيتوڻيڪ ، هن جي مطابق ، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اها عادت بہ گهڻو ڪري ان پارٽي ۾ آهي جيڪا پاڻ کي لبرل ۽ ترقي پسند سڏيندي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ سنٿيا چيو ته نقيب الله محسود جي موت بابت ٽوئيٽ جو مقصد اهو هو ته هو ڪنهن ٻئي سبب مارجي ويو هو ۽ پي ٽي ايم ان کي هڪ ٻئي رنگ ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته سندس ٽوئيٽ ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جو مقصد نہ ھیو پر هن پوء به معذرت ڪئي

ٽویٽرتي وائرل ٿيڻ واري سندس ويزا درخواست جي حوالي سان سنٿيا چيو ته هن جو ويزا هميشه اسپانسر رهي آهي ۽ هن وٽ هر شي جا مڪمل دستاويز آهن.

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.