موٽر سائیڪل جي قیمت ۾ ویھن ھزارن تائین جو اضافو

پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيڻ واري موٽر سائيڪل ـ سي ڊي ـ 70 ـ جي قيمت ۾ 1400 روپيا اضافو ٿي ویو آهي. ان جي قيمت هاڻي 76،900 روپيا ٿي وئي آھي
هونڊا جي موٽر سائيڪلن مان هڪ ٻي ، CG-125 ، جي قيمت 2.400 روپيا وڌي آهي. اھا موٽر سائيڪل هاڻ128900 روپيا آهي. انهي جي سیلف اسٽارٽ بائیڪ جي قيمت پڻ 3000 روپين وڌي ڪري ھاڻ 152،900 رپيا ڪئي وئي آهي.
هونڊا پاڪستان ۾ موٽرسائيڪل وڪڻندڙ سڀ کان وڏو برانڊ آهي. پاڪستان آٽو موٽيڪ مینوفیکچررز ايسوسيئيشن جي ڊيٽا مطابق ، ان جون موٽر سائيڪلون پاڪستان ۾ جولاءِ 2019 کان مئي 2020 تائين جي ٻن ۽ ٽن ڦیٿن وارین گاڏين واري سيلز جو 64 سيڪڙو آهن.
هونڊا اڪیلي سر 783،863 موٽر سائيڪلون وڪرو ڪيون جڏهن ته ٻین ڪمپنین جي وڪري جو تعداد 1،221،943 يونٽ آھي
Leave a comment