تهمينه دراني هر آچر تي لاهور کان راولپنڊي ويندي هئي جئين پنهنجي قید مڙس سان ملاقات ڪري سگھي .هوءَ به لکي ٿي ته هڪ ڏينهن اسان جي ملاقات دوران اچانڪ ھڪ وڏي رڙٿي .رڙ ٻُڌي لڳو ڄڻ ڪوئي جسم مان روح کي زبردستي ڇڪي رھیو ھجي .مون پنھنجي ڪنن ۾ پنهنجون آڱریون وجھي ڇڏیون .
مصطفيٰ جون اکيون غصي سان ڦاٽڻ لڳیون هن ڪافي انتظار ڪيو ۽ پوءِ اوچتو اٿي بيٺو قلف لڳل دروازي وٽ ويو. هن زور سان دروازو سان ڌڪ ھڻي حڪم ڪيو ”اوپن.“ ڊنل گارڊن فوري طور تي دروازو کوليو. مصطفيٰ سپاھيءکي ڪیڙي ماڪوڙي وانگر هڪ طرف ڌڪیو ۽ ڪاوڙيل شیر وانگر ٽپو ڏنو جتان رڙیون اچي رهيون ھیون محافظ سپاھي کر صاحب جي پویان اچي رھیو ھیو ۾ آئون ٿورو فاصلو رکي ان سان گڏ ھلي رھی ھیس ، مان مون محسوس ڪیو تہ مصطفٰی تمام گھڻو ڪاوڙ ل ھیو ۽ مٿس ڄڻ تہ ڀوت سوار ھجي .
اسان هڪ وڏي ڪمپائونڊ ڏانهن وياسين جتي قيدي ٻن ٻن جي جوڙي ء ۾ ويٺا هئا اهي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ طرفان ڏيکاريل هڪ دل خراش منظر جا خاموش تماشائي هئا قيدين کي هڪ سبق سيکاريو پئي ویو تہ نافرماني جي ڪھڙي سزا ٿي سگھي ٿي۔ ھڪڙو قیدي پٽ تي اونڌو لیٽیل ھیو. پوليس هن کي لٺين سان ماري رھي هئي. هن جي جسم مان هنڌان ھنڌان خون نڪري رهيو هو ۽ هو نيم بیھوشي جي حالت ۾ هو ، هن جي جسم جو ڪجهه حصو اڃا تائين اهو درد محسوس ڪري سگهي ٿو جيڪو خوفناڪ ڪڙڪي جي صورت ۾ ظاهر ٿي چڪو هو. ان آخري رڙ کان پوء ھو سھڪي رھیو ھیو ، ماحول ۾ ھڪ عجیب خوف هراس هو. موت جھڙي خاموشي ڇانیل هئي.
مصطفيٰ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ڏيتیزيء سان وڌیو، هن جي اکين ۾ ڄڻ خون ڀریل ھجي ، هن ڊپٽي سپریڊنٽ کي ڳلي مان ورتو ، ان کان پوء مون هڪ زوردار چماٽ جو آواز ٻڌو ۽ پوءِ هڪ ٻي چماٽ . ڊپٽي سپریڊنٽ کي موٽ ۾ چوڻ يا ڪجهه ڪرڻ جي همت نه ٿي مصطفيٰ کر انهن قيدين مان هو جن جو ڊپٽي احترام ڪرڻ تي مجبور هو. مصطفي وڏي گرجدار آواز ۾ چيو ، ”جيڪڏهن مان وڌيڪ دانهون ڪندي ٻڌو ته مان توهان کي اتي ئي ماري ڇڏیندس ائین چئي ھو واپس ھلیو آیو قیدین ۾ جيڪڏهن همت ھجي ها ته هو ضرور داد ڏین ها پر پوءِ بہ قیدین جون اکيون ٿوري جي احساس سان ڀريل هيون ، مصطفيٰ اهو ظاهر ڪيو هو ته هو اڪيلا نه آهن ، پر هو انهن جو محافظ آهي.
ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مصطفيٰ جي ڪوٺڙيء ۾ آيو ، ٽي پوليس وارا بہ ساڻس گڏ هئا ، هو اڃا وائڙو لڳو پیو هو
”سائين ، توهان کي ھیترن قيدين جي سامهون مون کي ٿڦڙنه ھڻڻ گهرجي ها ، هاڻي اهي منهنجي عزت ڪڏهن نه ڪندا۔
”توھان ھنن جي عزت جي لائق آھيو؟ توهان خوف ۽ تشدد جي ڪري حڪومت نه ٿا ڪري سگھو ، آئون توهان کي نوڪري ء مان ڪڍائي ڇڏیندس ، توهان کي معاف نه ڪيو ويندو ، حرامزادا ، مون کان پري ٿي وڃ ، مان توهان سان ڳالهائڻ جو وقت ضايع نٿو ڪري سگهان ، وقت اچڻ تي توسان معاملو سڌوڪندس. “
مصطفيٰ ، جيڪو ڪنهن زماني ۾ پنجاب جو گورنر رهي چڪو هو ، پنهنجي ماضي جي مزاج کي ورجائي رھیو ھیو، هن بدقسمت آفیسر معذرت ڪئي ۽ شرمندي مان هليو ويو.
ڊیلي پاڪستان جي ٿورن سان

Leave a comment