ماڪڙ زندہ یا مردہ پڪڙي اچو ۔ وفاقي سرڪار ھارین کان زندہ یا مردہ ماڪڙ خرید ڪندي

Published on

in

سنڌ حڪومت ماڪڙ جي وڪرو ٿيڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ سرڪار ماڪڙ کي زنده يا مردہ خريد ڪرڻ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي ، ماڪڙ زنده يا مرده خريد ڪرڻ جو فيصلو وفاق جوآهي نه ڪي سنڌ جو وفاق جي اهڙن فيصلن هارين کي نقصان پهچايو آهي.

هڪ طرف سنڌ ۾ ماڪڙ سنڌ ۾ فصل کائي رھي آهي ٻي طرف وفاق هارين کي ماڪڙ پڪڙڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي وفاق سنڌ سرڪار کي ٿرپارڪر ۾ هڪ مرڪز قائم ڪرڻ بابت پڻ ڄاڻ نه ڏني آهي اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته ٿرپارڪر ۾ سنڌ حڪومت نہ پر وفاق پاران ماڪڙ خريد ڪرڻ لاءِ هڪ مرڪز قائم ڪيو ويو آهي ، اهڙا فيصلا نيازي حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي ، وفاق کي گهرجي ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي ، پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۾ فضائي اسپري ۽ گاڏين لاءِ زميني آپريشن لاءِ نوان جهاز موڪلي ، ھن چیو تہ انهي کان اڳ چيو ويو ته ٽائیگر فورس ماڪڙکي تباهه ڪندي ، ھاڻ ٽائگر فورس ڪيڏانهن وئي کائنس ماڪڙ مارڻ جو ڪم ڇو نٿو ورتو وڃي ؟

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.