قومي اسمبليءَ جي ميمبر جون ذميواريون
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل رولز آف بزنس تحت قومي اسمبلي جي ميمبر جون هيٺ ڄاڻايل ذميواريون آهن .
1. قومي اسمبليءَ جي ميمبر جو سڀ کان وڏو ڪم قانون سازي آهي.اسمبليءَ ۾ قانون سازي بلن زريعي ٿئي ٿي جنهن ۾ ميمبر ملڪ جي خارجه پاليسي دفاع داخلي معاملن ۽ ٻين اهم ملڪي معاملن لاءِ قانون سازي جو بل پيش ڪري اسمبليءَ ۾ ان تي بحث ڪري.
2. پارليامنٽ جينئن ته حڪومتي ڪاروهنوار جو اهم ادارو ٿئي ٿو ان سلسلي ۾ قومي اسمبلي جي ميمبر جو ڪم آهي ته هو حڪومتي ڪاروهنوار کي چيڪ ڪندو رهي. ايم اين اي کي آئيني اختيار آهي ته هو حڪومت جي ڪنهن به محڪمي جي جانچ پڙتال ڪري سگهي ٿو ان جي خرچن ۽ انتظام بابت پڇا ۽ حساب ڪتاب وٺي سگهي ٿو.
3. اسمبلي ميمبر سوالن جوابن جي وقفي دوران ڪنهن به عوامي ڀلائيءَ جي معاملي کان وٺي حڪومتي ڪاروهنوار بابت سوال جوب ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.
4. جيڪڏهن ڪو ميمبر ڪنهن سوال جي جواب تي مطمئن نٿو ٿئي ته کيس اختيار آهي ته هو ان معاملي بابت تحريڪ التوا پيش ڪري اسمبليءَ ۾ ان معاملي تي بحث ڪرائي.
5. هر ميمبر جي ذميواري آهي ته هو ملڪي بجيٽ تي بحث ڪري ۽ ان ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪري ان کان سواءِ پنهنجي حلقي جي مسئلن کي اسمبليءَ ۾ پيش ڪري.
6. ايم اين اي جي ذميواري آهي آهي ته اسمبليءَ جي کليل سيشن ۾ وزير اعظم کان وٺي صدر جي تقرير تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ۽ حڪومتي پاليسين تي پنهنجي راءِ ڏي.
7. قومي اسمبلي جو ميمبر قانون سازي کان وٺي ملڪي وهنوار ۽ پڇا ڳاڇا لاءِ اسمبلي جي قئم ڪيل اسٽينڊنگ ڪميٽيٽن جو ميمبر ٿي سگهي ٿو..هر بل کي پهريان بحث لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو آهي.ائين ميمبر ملڪي عوام لاءِ قانون سازي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
8. ايم اين اي جي هڪ اهم ذميواري پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا مسئلا اسمبليءَ جي فلور تي حڪومتي ذميوارن اڳيان پيش ڪرڻ هجي ٿو.
9. ايم اين اي جينئن ته عوام جو نمائندو آهي انڪري ان جي مٿان ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو تڪ جي عوام جي اهم مسئلن جي حل بابت پنهنجي ڊمانڊ لکت ۾ اسمبليءَ ۾ پيش ڪري جنهن سان تڪ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ علائقي اندر ترقي جو رستو کلندو.
10. ايم اين اي جينئن ته عوام جو انتظامي معاملن لاءِ نمائندو هجي ٿو انڪري ان جي ذميواري هجي ٿي ته هو مسلسل چيڪ ڪندو رهي ته سندس حلقي جي عوام کي سندن تعليم صحت روڊ رستن ۽ نوڪرين وغيره ۾ پورو حصو ملي رهيو آهي يا نه جيڪڏهن نه ته انهن جي مسئلن لاءِ انتظاميه سان رابطي ۾ اچي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ.

Leave a comment