سو اڳ ۾ ته ائين هوندو هيو جو ٻهراڙي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ جتي بجلي جو پري پري تائين نالو نشان نه هوندو هيو اتان رات جو مٿي نهاربو هيو ته هڪ وڏو حسين منظر اکين ايان اچي ويندو هيو ..
آسمان تارن جي جهڳٽن سان ڀريل ڪي ستارا صفا ويجهو ۽ چمڪندڙ پيا نظر ايندا ته ڪي پريان به پيا اکين کي وڻندا هيا..
ويجهي ماضيءَ تائين به اهو ڪنهن خواب وانگر هيو ته اسان جي گليڪسي کان ٻاهر جي دنيا ڇا آهي ان جي خبر چار وٺڻ خلائي سائنسدانن لاءِ سدائين مٿي جو سور رهيو آهي.
ڳالهه هڻي وڃي هنڌ ائين ڪيو آهي جو هاڻي سائنسدانن تقريبن چار سو ارب ستارن جو اندازو ته لڳائي ورتو آهي پر سڀني کان سٺي اڳڀرائي اها ٿي آهي جو ملڪي وي يعني اسان واري ڪائنات جي ڀر سان رهندڙن اسان جي پاڙيسري ستارن ۽ ان جي محور جي چوڌاري ڦرندڙ سيارن جي به ڄاڻ ملڻ جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي.
انن مان ڪيترا ته گيسن جي ديوقامت جيوپيٽر جهڙا ته ڪي وري زمين ۽ مريخ جهڙا پٿراوان ۽ ميداني سيارا به آهن.
اجهو تازو ئي اسان جي ڪائنات کان رڳو 4.5 نوري سال يعني ڪي چاليهه ٽرلين ڪلوميٽر پري هڪ سياري Proxima b کي ڳولي لڌو آهي جيڪو به تقريبن زمين جي شڪل جهڙو آهي..ڳالهه اتي ئي دنگ ڪونهي ڪيو پر سائنسدانن جديد کان جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي هزار نوري ورهين تائين جي فاصلي وارا سيارا به دريافت ڪيا آهن..
ڏک جي ڳالهه رڳو اها آهي جو پاڻ وٽ اتي پهچڻ جو رستو ۽ سوري ڪونهي نڪو پاڻ ويجهي مستقبل تائين اتي پهچڻ جو تصور به ڪري سگهون ٿا جو پنهنجي ڪائنات جي گھاٽائي واري حد ٽپڻ کان پوءِ ٿيندڙ زنده بچڻ جي ڪنهن امڪان تي في الحال سوچڻ به بيوقوفي آهي..
پر سٺي خبر اها به آهي ته هاڻي پنهنجي ڪائنات جي پاڙيسري سيارن جي خبر چار رکڻ ڪو ايڏو ڏکيو ڪم به ڪونهي رهيو.
خلائي سائنس هاڻي ان قابل بنجي چڪي آهي جو ڪائنات جي پاڙيسري سيارن جي گرمي پد کي رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو..ماحولياتي اثرن بابت ڄاڻ وٺي سگهجي ٿي ۽ ڪنهن ڏينهن اهو به ممڪن آهي ته اسانجي ڪائنات کان ٻاهر ڪنهن سياري تي زندگيءَ جي به ڪا کڙڪ پئجي وڃي..
ڪائنات جو پهريون پاڙيسري سيارو 51 Pegasi b هيو جيڪو اسان واري ڪائنات کان پنجاه نوري سالن جي فاصلي تي موجود آهي ۱۹۹۵ ۾ لڌل ان سياري ڄڻ ته اسان جي ڪائنات کان ٻاهر جي هڪ جهان ڏانهن دري کولي وڌي جيتوڻيڪ ۱۹۸۸ ۾ هڪ سياري Tadmor جون ڪجه نشانيون مليون پر ۱۹۹۲ ۾ ان تحقيق مان انڪري هٿ ڪڍيا ويا جو ان جي باري ۾ مڪمل معلومات هٿ ڪرڻ مسشڪل هئي ۽ پر سائنسي جدت نيٺ ۲۰۰۲ ۾ ساڳئي سياري جي هجڻ جي تصديق ڪري ورتي .. هاڻي ته تصديق ٿيل سيارن جو انگ وڃي خيرن سان ٽي هزار ست سو تائين پهتو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌي پيو.اميد اها پئي ڪئي وڃي ته ڪائنات کان ٻاهر سيارن جي متعلق تصديق ٿيل معلومات ۲۰۳۰ تائين وڃي هزارن تائين پڄندي ان جو سبب وڏي پئماني تي روبوٽڪ ٽيلي اسڪوپڪ ڪيمرائن جو خلا ۾ موڪلڻ به آهي جيڪي رڳو ڪائنات جي پاڙيسري سيارن جي جاسوسي ڪندا.رڳو ناسا جي موڪليل ڪيپلر ٽيلي اسڪوپ ستاويه سو تصديق شده سيارا ڳولي لڌا آهن..ان سلسلي ۾ وڏي ڪاميابي TRAPPIST-1 system نالي گليڪسي آهي جتي لڳ ڀڳ زمين جي سائيز جا ست سيارا هڪ ڳاڙهي ستاري يا سج جي محور جي چوڌاري ڦرن ٿا.
Leave a comment