سنڌي ٻولي جو ڊجيٽل واڌارو ۽ اسان جا ادارا

Published on

in

سنڌي ٻولي جي ڊجيٽل واڌارو ۽ ادارن جو ڪردار 

سنڌي ٻولي، پنهنجي قديم ورثي ۽ شاهوڪار ادب جي باوجود، اڃا تائين جديد ٽيڪنالاجي سان پاڻ کي مڪمل طور هم آهنگ نه ڪري سگهي آهي. ان جا بنيادي سبب سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل ادارن جي ناڪام پاليسيون، غيرفعاليت، ۽ غير سائنسي اپروچ آهي .

هونء ته اسان جي تقريبن سڀني ادارن جي ڪارگردگي ڏينهون ڏينهن پستي طرف ئي وڃي پئي پر ٻولي ۽ ادب سان لاڳاپيل ادارا ته اڃان وڌيڪ تنزلي جو شڪار آهن 

  • سنڌي ٻولي اٿارٽي کي ملندڙ بجيٽ جو وڏو حصو تحقيق بدران اشتهاري مهمن، بي مقصد سيمينارن، ۽ تقريبن تي خرچ ڪيو وڃي 
  • ادارو سنڌي لاءِ AI، مشين ٽرانسليشن، او سي آر، يا اسپيچ ريڪگنيشن تي ڪا خاص ڌيان نٿو ڏي.
  • ادارو اڃا تائين رڳو ڪتاب ڇپائڻ تي ڌيان ڏئي ٿو، جڏهن ته نئين نسل لاءِ ڊجيٽل مواد تيار ڪرڻ ان جي   ترجيح  ۾ ئي شامل ناهي.
  • ادارو عملي طور تي رڳو هڪ بيوروڪريٽڪ اداري جيان ڪم ڪري ٿو، جتي نوان خيال، نيون تجويزون، يا نوان پروجيڪٽ اڳتي نه ٿا وڌن.

حالانڪه سنڌي ٻولي اٿارٽي کي

  • سنڌي ٻوليءَ کي AI ۽ NLP ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ تحقيقاتي منصوبا شروع ڪرڻ وڃن.
  • مشين لرننگ ماڊلز ذريعي سنڌي ٻولي جي واڌاري تي ڪم ڪيو وڃي.
  • سنڌي او سي آر ۽ ويب فونٽس جي بهتري لاءِ فني ماهرن سان ڪم ڪيو وڃي.
  • سنڌي ٻولي جو وڏو ڊيٽا بيس (Corpus) ٺاهيو وڃي  AI ماڊلز لاءِ بنيادي مواد دستياب.

ان کان سواء سنڌي  ٻولي اٿارٽي کي پنهنجي موجوده پاليسين تي نظر ثاني ڪندي هيٺين قدمن تي ڪم جي شروعات ڪرڻ گهرجي:

  • سنڌي مشين ٽرانسليشن سسٽم: سنڌي کان انگريزي، اردو، ۽ ٻين ٻولين ۾ اعليٰ معيار جي ترجمي لاءِ AI تي ٻڌل اوزار تيار ڪرڻ.
  • سنڌي ڪارپس (Corpus) ڊولپمينٽ: ڊجيٽل سنڌي متن جو وڏو ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ، جيڪو AI ماڊلز لاءِ تربيت جو ڪم ڏئي.
  • سنڌي لٽريچر کي ويب-لينگويج تي آڻڻ: سنڌي ڪتابن، شاعري، ۽ علمي مواد کي HTML، JSON، ۽ XML جهڙن ويب فارميٽن ۾ آڻڻ ته جيئن جديد براوزر ۽ AI ٽولز ان کي بهتر پڙهي سگهن.
  • سنڌي وڪيپيڊيا کي وسيع ڪرڻ: سنڌي وڪيپيڊيا تي سائنسي، ادبي، ۽ تاريخي مواد جي واڌاري لاءِ بجيٽ رکڻ.

2. ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج سائنس  ۾ ٻولي سان لاڳاپيل ڪميٽيڊ ماهر سائين امر فياض ٻرڙو ته موجود آهي مگر 

هن ادارا جي قيام کي سال گذري ويا، پر هن وقت تائين صرف “ڀٽائي پيڊيا” پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا به محدود استعمال لائق آهي.

  • AI ۽ Computational Linguistics تي ڪم ناهي ٿيو: انسٽيٽيوٽ کي سنڌي ٻولي جي لينگويج سائنس جي واڌاري لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر هن وقت تائين ڪوبه خاص مشين ٽرانسليشن، او سي آر، يا اسپيچ ٽيڪنالاجي تي ڪم سامهون ناهي آيو.

حالانڪه لينگيوج سائنس جي نالي ۾ قائم ڪيل هن اداري کي ته پنهنجي شروعات ئي 

  • سنڌي لاءِ نيورل نيٽورڪ تي ڪم سان ڪرڻ گهرجي ها  AI ماڊلز ٺاهڻ.
  • ان کان سواء سنڌي  اسپيچ ٽيڪنالاجي ۽ وائس اسسٽنٽس تي ڪم ڪيو وڃي ها.
  • سنڌي ٻولي جو ڪارپس ٺاهڻ ۽ هن کي AI لاءِ اپڊيٽ ڪرڻ ضروري ڪم ڪرڻ گهرجن ها.
  • اوپن سورس سنڌي ٽيڪسٽ ڊيٽابيس ٺاهڻ تي ڪم ڪيو وڃي ها هن وقت به ضرورت آهي ته هي ادارو   لينگويج سائنس جي حوالي سان هيٺين پروجيڪٽس تي پنهنجون توانايون صرف ڪري 
  • (Optical Character Recognition) اهڙو بهتر  سافٽويئر  تيار ڪيو وڃي  جيڪو سنڌي ٽيڪسٽ کي تصوير مان سڃاڻي ۽ ان کي ڊجيٽل فارم ۾ آڻي سگهي.
  • سنڌي نيچرل لينگويج پروسيسنگ (NLP): سنڌي لاءِ AI ۽ NLP تي تحقيق ۽ ڊولپمينٽ، جيئن چيٽ جي پي ٽي جهڙن ماڊلز ۾ سنڌي ٻولي جي سڌريل شموليت ٿئي.
  • سنڌي ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ (TTS) ۽ اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ (STT): جديد وائس ريڪگنيشن ۽ ٽيڪسٽ رِيڊنگ سسٽم جيڪي سنڌي ۾ ڪم ڪن.
  • سنڌي ويب فونٽس ۽ يونيڪ ڪوڊ: سڀني براوزرن تي بهتر ڪم ڪندڙ سنڌي فونٽس جي ڊولپمينٽ.
  • ڊجيٽل ڪتبخانه ۽ سنڌي ڪوڊيڪس: سنڌي ادب، لوڪ ڏاهپ، ۽ تاريخي دستاويزن کي ويب يا ايپس جي صورت ۾ پيش ڪرڻ.

سنڌ  جي يونيورسٽين ۾ به سنڌي ٻولي جا شعبا ۽ مختلف شخصتين جي نالي انسٽيٽيوٽ  ۽  چيئرس قائم آهن پر قديم اپروچ ۽ غير موثر حڪمت عملي سبب اهي ٻولي جي واڌاري لاء ڪوبه قابل ذڪر ڪم سر انجام ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن 

  • سنڌي شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيق رڳو رسالن، مقالن، يا ڪتابن تائين محدود آهي. ان کي آنلائن ڊيٽابيس، ايپس، يا ويب پليٽفارمز تي منتقل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي.
  •  اڄ جي دور ۾ Computational Linguistics، AI in Language Processing، ۽ Machine Learning تي تحقيق ضروري آهي، پر سنڌي شعبا اڃا تائين صرف ادب ۽ تاريخ تي ڪم ڪري رهيا آهن.
  •  يونيورسٽين جي تحقيق رڳو ڊگري وٺڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو عام سنڌي ڳالهائيندڙ کي ڪو خاص فائدو نٿو ٿئي.

حالانڪه يونيورسٽين جي سنڌي شعبن کي گهرجي ته 

  • سنڌي ۾ اوپن سورس تحقيق ۽ ڊجيٽل لائبريريون ٺاهڻ گهرجن.
  • سنڌي ٻولي جي AI ۽ Computational Linguistics تي تحقيق کي هٿي ڏني وڃي.
  • ڊجيٽل پليٽفارمز جهڙوڪ “Google Scholar”، “ResearchGate”، ۽ “Academia.edu” تي سنڌي تحقيق کي اپلوڊ ڪرڻ لازمي بڻايو وڃي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ اياز، يا ٻين علمي شخصيتن جي نالي سان جيڪي ادارا قائم ڪيا ويا آهن، انهن جو ڪم صرف سالگره ۽ ورسي ملهائڻ تائين محدود رهيو آهي.

  • مثال طور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو سنڌي لوڪ ڏاهپ بابت تمام وڏو ڪم آهي، پر اهو آنلائن موبائل ايپس، ويب سائيٽس، يا ملٽي ميڊيا مواد ٺاهڻ تي ڌيان ئي ناهي اين اي بلوچ  ڊجيٽل آرڪائيو” جهڙو ويب پليٽفارم ٺاهجي، جتي سندس سمورو ڪم ڊجيٽل ايڊيشن ۾ موجود هجي.
  • يونيورسٽيون پنهنجي تحقيق کي رڳو ڇپائڻ بدران ويب تي پبلش ڪن ۽ اوپن سورس ڊيٽابيس تي اپلوڊ ڪن.
  • سنڌي ٻولي جي ڊجيٽل پڙهائي (E-Learning): يونيورسٽيون سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڪورسن تيار ڪن ۽ آنلائن لرننگ پليٽفارمز تي پيش ڪن.
  • AI، ڊيٽا سائنس، ۽ سنڌي ٻولي: ڪمپيوٽر سائنس وارن شعبن کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ NLP، AI، ۽ او سي آر تي تحقيق ڪرڻ جي هدايت ڏني وڃي.
  • “اين اي بلوچ  ڊجيٽل آرڪائيو” جهڙو
  • سندس ڪم کي AI فرينڊلي فارميٽ ۾ آڻڻ لاءِ MetaData ۽ Structured Data تيار ڪيو وڃي.
  • شيخ اياز، سراج الحق ميمڻ، يا ٻين شخصيتن جي تحقيق کي آنلائن اي بُڪس، آڊيو بُڪس، ۽ انٽرايڪٽو فارميٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.
  • ادارن کي رڳو يادگيري تقريبن بدران ڊجيٽل پروجيڪٽن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ياد رکو ته 

سنڌي ٻولي جي ترقي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ادارن جي روايتي ۽ غير جديد سوچ آهي. سنڌي ٻولي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، AI، مشين لرننگ، ۽ ويب-لينگويج تي ڪم ڪرڻ کانسواءِ اسان سنڌي کي عالمي سطح تي کڻي نه ٿا سگهون.
جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جا لاڳاپيل ادارا، يونيورسٽيون، ۽ تحقيق ڪندڙ شخصيتون نئين حڪمت عملي اختيار ڪن ته سنڌي جديد ڊجيٽل دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهي ٿي.

سنڌي ٻولي جي ڊجيٽل واڌاري لاءِ حڪمت عملي

سنڌي ٻولي جي ڊجيٽل دنيا ۾ ترقي نه ڪرڻ جا بنيادي سبب جديد ٽيڪنالاجي سان عدم هم آهنگي، غيرفعال ادارا، ۽ تحقيقي فنڊن جو غير موزون استعمال آهن.

جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جا ادارا، يونيورسٽيون، ۽ تحقيق ڪندڙ شخصيتون گڏجي ڪم ڪن ته سنڌي جي ڊجيٽل دنيا ۾ حقيقي واڌاري لاءِ راهه هموار ٿي سگهي ٿي. AI ۽ جديد ويب ٽيڪنالاجيز کي سنڌي ٻوليءَ سان لاڳو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.