سنڌ جي قومپرست سياست:  الزامن جي موسم 

Published on

in

1950ع ۽ 60ع جي ڏهاڪن ۾ ون يونٽ جهڙي جابراڻي پاليسي خلاف سنڌي قومپرست تحريڪ اڀري، جنهن جو بنيادي نعرو هيو: “سنڌ جي خودمختياري، وسيلن تي مالڪي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي بحالي”. جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، ۽ ٻين اڳواڻن جي قيادت ۾ هي تحريڪ عوامي جذبي، مزاحمتي فڪر ۽ سياسي سجاڳيءَ جو مرڪز بڻجي وئي

• قومپرست سياست ۾ هڪ ٻئي تي “ايجنٽ” هجڻ جا الزام نوان نه آهن. عبد الواحد آريسر پنهنجي ڪتاب روئداد هڪ رات جي ۾ بشير قريشي تي الزام هنيو ته هن جسقم تي قبضو ڪيو، ڀتي خوري جو رواج وڌو ۽ جئي سنڌ جي نالي تي ماڻهن کان پيسا ورتا. آريسر جي نظر ۾ بشير قريشي بظاهر درويش، پر دراصل مفاد پرست هو.

ان جي جواب ۾ جسقم بشير خان جي ڌر آريسر تي الزام لڳايو ته هو شراب خوري ۾ مبتلا هو ۽ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ بدران نشي ۾ گم رهندو هو. شفي برفت، جيڪو جئي سنڌ متحده محاذ جو جلاوطن اڳواڻ آهي، بشير قريشي ۽ نياز ڪالاڻي تي الزام هنيو ته اهي پاڪستان جي مقتدره قوتن سان واسطن ۾ هئا ۽ کيس به انهن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

عزيز ڀنگوار جا انڪشاف 

جئي سنڌ جي هڪ رهنما عزيز  ڀنگوار پنهنجي ڪتاب مان ڏوهي هان ۾ مختلف انڪشاف ڪيا آهن ۽ قومپرست تحريڪ جي اندروني تضادن، شخصيت پرستي ۽ نظرياتي بحرانن تي پهريون دستاويزي ڪم، جيڪو تحريڪ جي شروعاتي دور ۾ اندروني انتشار جا اشارا ڏئي ٿو.

ماٺار جي چؤواٽي تي بيٺل سنڌي قومپرستي – عطا محمد شاهاڻي B

عزيز ڀنگوار جو ڪتاب مان ڏوهي هان، سرمد ميراڻي جو پير پنهنجا گلاب ٿي ويندا، آريسر جو روئداد هڪ رات جي ۽ عطا محمد شاهاڻي جو تازو ڪتاب ماٺار جي چؤواٽي تي بيٺل سنڌي قومپرستي، سڀ ان ڳالهه جا شاهدي ڏين ٿا ته جئي سنڌ جي تحريڪ اندروني طور تي شديد ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهي آهي.

شاهاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ قومپرست اڳواڻن جي نظرياتي ڪمزوري، اقتدار جي راند، ۽ عوامي مسئلن کان غفلت کي اجاگر ڪيو آهي. سندس تجزيو ٻڌائي ٿو ته قومپرست سياست هاڻي هڪ چؤواٽي تي بيٺل، بيوس ۽ لاچار نظر اچي ٿي، جتي اڳواڻ پاڻ ۾ مقابلي بدران اتحاد جي کوٽ جو شڪار آهن

هڪ ٻئي تجزياتي تحرير سنڌ جي سياست جو بدلجندڙ منظرنامو ۾  ساحر ٻپڙ لکي ٿو ته 

“قومپرست پارٽيون مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويون، اتحاد جي کوٽ، نظرياتي ڪمزوري ۽ پاڻ ۾ مقابلي واري رجحان قومپرست سياست کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.”

سرمد ميراڻي جو ڪتاب پير پنهنجا گلاب ٿي ويندا

ميراڻي  نه صرف قومپرست تحريڪ جي ميڊيا تصوير، عوامي تاثر ۽ نظرياتي تضادن تي تنقيدي نظر وجهي ٿو، خاص طور تي سوشل ميڊيا جي دور ۾ اڳواڻن جي شخصيت پرستيءَ کي اجاگر ڪري ٿو. هو ڪتاب جي صفحي 37 تي انڪشاف ڪري ٿو ته موري جي هڪ قومي اڳواڻ آچر لنڊ کي شڪ هيو ته سندس ڀائٽئي کي بشير قريشي نياز ڪالاڻي ۽ بشير خاصخيلي مارايو جنهن تي هو احتجاجن پريس ڪلب ڪراچي تي به وڃي ويٺو هيو ، ان قسم جو ٻيو الزام آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ عبدلحڪيم نوتيار جي قتل جي حوالي سان به بشير قريشي ۽ بشير خاصخيلي تي لڳايو آهي . 

Leave a comment


Hey!

Hey there, fellow Robloxian! Whether you’re here to discover hidden gem games, level up your building skills, or just stay in the loop with the latest events, you’re in the right place. This blog is all about sharing the coolest things in the Roblox universe—from developer tips to epic game reviews. So grab your Bloxy Cola, hit that follow button, and let’s explore the world of Roblox together! 🚀


Join the Club

Stay updated with our latest tips and other news by joining our newsletter.