Indusdaily.com

News information &Entertainment

نيب اختيارين موجب ڊرامي پري زاد جي شوٽنگ اسلام آباد ۾ واقع اهڙي هڪ محل ۾ ڪئي وئي، جيڪا ڪرپشن سان تيار ڪيل ملڪيت هئي۔
هي انڪشاف اڱاري ڏينهن نيب هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب سهيل ناصر ۽ ڊائريڪٽر آپريشنز امجد مجيد اولکه پاران ڏنل ميڊيا بريفنگ دوران ٿيو۔

پريس ڪانفرنس ۾ هنن ٻڌايو ته مشهور ڊرامو پري زاد اسلام آباد جي نجي هائوسنگ سوسائٽي گلبرگ گرِين ۾ واقع هڪ وڏي گهر ۾ شوٽ ڪيو ويو هو، جيڪو انتهائي وسيع ۽ شاهانه انداز ۾ تعمير ڪيو ويو هو۔

اردو نيوز پاران وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي ڊپٽي چيئرمين نيب سهيل ناصر ٻڌايو ته هي رهائش گاهه اصل ۾ ڪوھستان اسڪينڊل مان حاصل ڪيل مبينا ڪرپشن جي رقم سان تعمير ڪئي وئي هئي۔

واضح رهي ته پري زاد هڪ مقبول پاڪستاني ٽيليويزن ڊرامو هو، جنهن جي ڪهاڻي هڪ عام ۽ گهٽ آمدني واري شخص جي زندگي، سماجي ناهموارين ۽ طبقاتي فرق جي چوڌاري گهمندي آهي۔
هن ڊرامي پنهنجي منفرد ڪهاڻي، مضبوط مکالمن ۽ مرڪزي ڪردار جي اداڪاري سبب ناظرين ۾ خاصي مقبوليت حاصل ڪئي هئي۔

ڊرامو پري زاد جا ڪيترائي منظر اصل هنڌن تي شوٽ ڪيا ويا هئا، جن ۾ ڪراچي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد شامل آهن۔

نيب هيڊڪوارٽرز ۾ ڏنل ميڊيا بريفنگ دوران نيب جي اعليٰ اختيارين ٻڌايو ته ڪوھستان اسڪينڊل جي شروعات هڪ ڪلارڪ کان ٿي، جنهن تي اربين رپين جي خردبرد جو الزام آهي ۽ جنهن خلاف نيب جون جاچون جاري آهن۔

جاچ دوران اسلام آباد ۾ به سندس ڪجهه اثاثا سامهون آيا، جن ۾ گلبرگ گرِين ۾ واقع هڪ عاليشان رهائش گاهه به شامل هئي۔

نيب موجب هي محل ۽ ٻيا لاڳاپيل اثاثا ريڪور ڪري خيبر پختونخوا حڪومت حوالي ڪيا ويا آهن۔

اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪوھستان اسڪينڊل بظاهر ننڍي پيماني تي شروع ٿيو، پر وقت سان گڏ ان جي ماليت وڌندي وڌندي لڳ ڀڳ 40 ارب رپين تائين پهچي وئي۔

هنن اسڪينڊل بابت وڌيڪ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته
’ريڪوري دوران فلمي انداز ۾ لڪايل رقم هٿ آئي۔‘

ڊپٽي چيئرمين نيب موجب ديوارن جي اندر، اٽي جي ڊبن، گهيءَ جي ڊبن ۽ پينٽ جي ڊبن مان به ڪروڙين رپيا ريڪور ڪيا ويا۔

ميڊيا بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته نيب هن ئي اسڪينڊل ۾ ڪرپشن سان حاصل ڪيل ڪيتريون  لگزري گاڏيون به هٿ ڪيون، جيڪي ڳجهي نموني مختلف هنڌن تي لڪائي رکيون ويون هيون۔

ان کان علاوه ٽرڪ ڊرائيورن، بينڪ ڊرائيورن ۽ ٻين غير لاڳاپيل ماڻهن جي اڪائونٽن ۾ به ڳجهي نموني ڪروڙين رپيا رکيا ويا هئا۔

صحافين جي سوال تي مني لانڊرنگ ڪيسن بابت بريفنگ ڏيندي ڊپٽي چيئرمين نيب چيو ته عام تاثر اهو آهي ته شايد پاڪستان مني لانڊرنگ جو سبب بڻجي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ پاڪستان ان جو شڪار آهي۔

’جڏهن مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ عالمي ادارن يا ٻين ملڪن سان رابطو ڪيو وڃي ٿو ته اڪثر وقت تي بروقت ۽ مثبت جواب نٿو ملي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ستن کان اٺن سالن کان پوءِ جواب اچي ٿو، جنهن ۾ وري ساڳي ڄاڻ گهري وڃي ٿي، جيڪا اڳ ئي فراهم ڪئي وئي هوندي آهي۔‘

هن وڌيڪ ٻڌايو ته تازو عرصي ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن سان اميد آهي ته مني لانڊرنگ جي ريڪوري وارن معاملن ۾ اڳڀرائي ٿيندي۔

62 کرب 13 ارب جي ريڪوري

ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر اداري جي مجموعي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2025ع ۾ نيب مجموعي طور 62 کرب 13 ارب رپين جي ريڪارڊ ريڪوري ڪئي آهي، جيڪا اداري جي قيام کان وٺي اڄ تائين سڀ کان وڏين ريڪورين مان هڪ آهي۔

نيب جي اعليٰ اختيارين ٻڌايو ته سنڌ ۾ به لکين ايڪڙ اهڙي زمين ريڪور ڪري حڪومت سنڌ حوالي ڪئي وئي، جنهن بابت لاڳاپيل ادارن کي خبر ئي نه هئي ته اها سرڪاري زمين آهي۔

ان کان سواءِ ملڪ ڀر ۾ مجموعي طور 29 لک 80 هزار ايڪڙ قبضي هيٺ سرڪاري ۽ جنگلاتي زمين واگزار ڪرائي وئي، جنهن جي ماليت 59 کرب 80 ارب رپيا آهي۔

متاثر ماڻهن کي رقم جي واپسي ۽ اوورسيز پاڪستانين لاءِ خاص سيلز

ڊپٽي چيئرمين نيب موجب نيشنل بينڪ سان ٿيل معاهدي تحت 2 ارب 80 ڪروڙ رپيا ڌوڪيبازي کان متاثر 12 هزار 892 ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽن ۾ سڌي طرح منتقل ڪيا ويا۔

صحافين کي اهو به ٻڌايو ويو ته نيب اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ خاص سيلز قائم ڪيا آهن۔
ان کان علاوه نيب ۾ ڪيسن کي اي آءِ جي مدد سان به حل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته تمام جلد هفتي جا ست ئي ڏينهن، 24 ڪلاڪ هيلپ لائين به شروع ڪئي ويندي۔

بريفنگ موجب جلد ئي اهڙو نظام به متعارف ڪرايو ويندو، جنهن ذريعي شهري ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان اڳ ضروري ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا۔

’نيب ۾ هن وقت اي فائلنگ سسٽم فعال آهي، جنهن سبب ڪاغذ جو استعمال گهٽجي ويو آهي ۽ ماحول دوست قدمن ڏانهن اڳڀرائي ٿي رهي آهي۔‘

Leave a comment