یونیورسٽي آف واشنگٽن جي انسٽیٽیوٽ آف ھیلٿ میٽرڪس جي تازي تحقیق ٻڌائي ٿي تہ آمریڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب اندازي کان وڌیڪ ماڻھو مرڻ جو امڪان آھي ۔
رائٽر ۾ شایع ٿیل رپورٽ موجب جو لاء تائین اندازو آھي تہ ھڪ لک پنجٽیھ ھزار ماڻھو ڪورونا سبب پنھنجي حیاتی تان ھٿ ڌوئي چڪا ھوندا ۔ اداري ان جو سبب آمریڪي صدر پاران ڪاروبار کولڻ واري اعلان کي ڄاڻائیندي چیو آھي تہ ماڻھن جي میل جول سان نہ صرف ڪورونا جي ڪیسن ۾ اضافو ٿیندو پر موت جي شرح پڻ وڌندي۔اداري جي ڊائریڪٽر ڪرسٽوفر میوري موجب ڪاروبار کولڻ سان معاشي سرگرمین کي ضرور ٽیڪ ملندي پر انساني زندگی جو ناقابل تلافي نقصان ٿیندو۔
اسان جو اندازو آھي تہ ڪورونا جو سلسلو اونھاري ۾ بہ ائین ئي ھلندو في الحال ڪورونا تي گرمي جي اثرن بابت ڪجھ بہ چوڻ وقت کان اڳ ھوندو۔
آمریڪا ۾ ڪورونا جا ٻارھن لک مریض ظاھر ٿي چڪا آھن جن مان 68762 ماڻھو زندگي وڃائي چڪا آھن
آمریڪا ۾ ھن وقت روزانہ پنجویھ ھزار جي لڳ ڀڳ ڪورونا جا ڪیسز ظاھر ٿي رھیا آھن اداري موجب سماجي دوري جا اصول نظرانداز ڪرڻ سبب اھو انگ روزانہ ٻہ لک تائین بہ وڃي سگھي ٿو جڌھن تہ موت جو ریشو بہ ٻہ ھزار روزانہ مان وڌي ٽي ھزار ٿیڻ جو امڪان آھي۔
وائٽ ھائوس جي ترجمان چیو آھي تہ رپورٽ وائٽ ھائوس سان لاڳاپیل ڪنھن اداري جي ناھي نہ ئي اسین انھن آنگن اکرن سان متفق آھیون ،صدر ٽرمپ جو خیال آھي تہ لک کان وڌیڪ ماڻھو نہ مرندا جڏھن تہ ھن پوئین ھفتي پنھنجي بریفنگ ۾ ڪل موتن جو اندازو سٺ کان اتر ھزار لڳایو ھیو۔



Leave a reply to Gulzar ali Cancel reply