بي بي سي اردو ٽویٽر تي ھلندڙ ٽرینڊز جي باري ۾ پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻایو آھي تہ ٻارھن سو سالن جي عرصي گذرڻ بعد بہ اڃان تائین برصغیر ۾ اسلام جي آمد بابت محمد بن قاسم جي ڪردار کي متنازعہ طور ڏٺو پیو وڃي
ٽویٽر تي سڀ کان پھرین سرمد لغاري جي ٽویٽ سان شروع ٿیل راجا ڏاھر نیشنل ھیرو جو ٽرینڊ ڏسندي ئي ٽویٽر جي ٽاپ ٽرینڊز ۾ شامل ٿي ویو جنھن ۾ سوین ماڻھن حصو وٺندي راجا ڏاھر کي ڌرتيء جو ھیرو قرار ڏیندي گھر ڪئي تہ ماھاراجہ رنجیت سنگھ جي مجسمي وانگر ڀنڀور ۾ ماھاراجہ ڏاھر جو مجسمو نسب ڪیو وڃي۔
راجا ڏاھر قومي ھیرو وارو ٽرینڊ ڏسي جماعت اسلامي جي سوشل میڊیا ٽیم بہ میدان تي لھي پئي جنھن کان پوء محمد بن قاسم ڌرتيءَ جو ھیرو نالي ٽرینڊ ٽاپ تي پھچي ویو ۔مختلف صارفین محمد بن قاسم جي تعریف ڪندي کیس ڌرتيءَ جو ھیرو قرار ڏنو۔
جماعت اسلامي ستر جي ڏھاڪي کان ڏھ رمضان تي یومّ باب الاسلام ملھائیندي اچي جڏھن تہ ان کان اڳ سٺ جي ڏھاڪي ۾ سنڌي قوم پرست اڳواڻ سائین جي ایم سید راجہ ڏاھر کي ڌرتي جو سپوت قرار ڏنو ھیو جنھن عرب غاصب محمد بن قاسم سان مقابلو ڪندي پنھنجي جان قربان ڪئي ھئي ۔ سائین جي ایم سید ۽ مختلف محققین تاریخي حوالن سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ محمد بن قاسم کان اڳ ئي سنڌ ۾ اسلام اچي چڪو ھیو ۽ محمد بن قاسم جو حملو دراصل اسلام لاء نہ پر سنڌ جي اقتدار تي قبضي جي غاصبانہ ڪوشش ھئي۔جڏھن تہ پاڪستان جي سرڪاري نصاب ۾ محمد بن قاسم کي برصغیر ۾ اسلام پھچائیندڙ مجاہد طور پیش ڪیو ویندو رھیو آھي۔

Leave a comment