اٽلي ڪورونا جي بدترین حملي کان پوء ھاڻ آھستي آھستي پنھنجي نارمل زندگي ڏي موٽڻ شروع ڪیو آھي ۔ ٻن مھینن جي سخت لاڪ ڊائون کان پوء تقریباً پنجیتالیھ لک ماڻھو پنھنجي ڪمن تي مرحلے وار وڃڻ شروع ڪري ڇڏیو آھي ۔ ڪنسٽرڪشن سان لاڳاپیل ڪم شروع ٿي رھیا آھن جڏھن تہ ٻیا بہ ڪافي ادارا آھستي آھستي کلي رھیا آھن البتہ سیاحت جیڪا اٽلي جو تمام وڏو معاشي زریعو آھي في الحال بند رھندي ۔

Leave a comment