
بهادر هجڻ الڳ معاملو آهي پر ڀٽو صاحب اوور ڪانفيڊنٽ هيو..بلڪه ائين چئجي ته مغرور ٿي ويو هيو هن سمجهيو پئي ته ملڪ ۾ سندس پائي جو ڪ ليڊر ڪونهي۽ کيس آخر تائين پڪ هئي ته کيس ڦاسي نه ايندي اوهان ڪرنل رفيع جي ڪتاب ۾ سندس آخري ڏينهن جي وارتا پڙهندا ته محسوس ڪندا ته انتهائي بهادر هجڻ باوجود به موت جي پڪ ٿيڻ وقت هو گهٻرائجي ويو ۽ مايوس ٿيو…
ڀٽو اسٽريٽيجڪلي ڪجهه اهم غلطيون ڪيون جيڪي گهڻو ڪري سندس گهڻو پراعتماد هجڻ جو سبب هيون حالانڪه ان لاءِ سندس هوم ورڪ مڪمل نه هيو .
مثال طور هن اسلامي سربرهي ڪانفرنس کان پوءِ غير معمولي طورعالمي طور پڻ
کي سگهارو سمجهڻ شروع ڪيو جو کيس اسلامي ڪنفرنس تنظيم جو چيئرمين چونڊيو ويو هيو پر کيس عرب دنيا جي آمريڪا وٽ گروي هجڻ واري حقيقت جو پتو هوندي به ان طرف ڌيان نه ويو ته جڏهن کيس ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي ته ڪوبه عرب ملڪ وچ ۾ اچي سندس ضآمن نه پيو جينئن نواز واري معاملي ۾ سعوديءَ ڪردار ادا ڪيو .مخالفن جي حوالي سان به ڀٽو دور بدترين رهيو رڳو ايس پي پنڃل جوڻيجي جا ڪارنمه ئي قلمبند ڪجن ته ڪئين ڪتاب جڙي پون..
ڀٽو صاحب بيحد ذهين هيو.پر هو مغرورري ۽ غير معمولي خود اعتمادي جي بيماري جو شڪار ٿي غلط فيصل ڪندو رهيو جن مان ضياءَ کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ به هيو ..سندس غلطيون ئي سندس موت جو سبب بنيون
ڪرنل رفیع پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو
جنرل ضياءَ الحق کي چيف آف آرمي اسٽاف بنائڻ
جڏھن منھنجي ۽ ڀُٽي صاحب وچ ۾ ويچارن جو سَرچاءُ ٺيڪ ٿيو، ته ھڪڙي ڏينھن مون ھمت ڪري کانئس پُڇيو: سائين، توھان جنرل ضياءَالحق صاحب کي فوج جو اڳواڻ ڪيئن چونڊيو. ھُن ٿوريءَ دير کان پوءِ چيو: ڀائي، اُھا جنرل ٽِڪا خان جي سفارش ھئي. ٽِڪا صاحب سفارش ڪئي، ته ھُن کان پوءِ جنرل ضياءَالحق کي سندس جانشين بڻايو وڃي. جنرل ٽِڪا خان جو ويچار ھو، ته جنرل ضياءَالحق مذھبي قسم جو ماڻھو آھي، ۽ فوج جو اڳواڻ ٿيڻ کان پوءِ ھُو پنھنجين نمازن ۾ رُڌل رھندو ۽ حڪومت لاءِ سياسي مامرن ۾ ڪابه ڏُکيائي پيدا نه ڪندو…
اھو ئي ٽڪا خان ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ پي پي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل رهيو.
رحم جي اپیل
ڀٽي صاحب طرفان رحم جي اپيل ڪئي وئي هئي ..سندس وني محترمه نصرت ڀٽو ضياءَ کي رحم جي اپيل ڪئي هئي..
ڀٽو صاحب بنيادي طور پاڻ کي اوور ڪلیور سياڻو سمجھندو رھیو کيس اندازو ڪونه هيو ته هو ائين ٻه ٽنگو ڦاسندو ..
هن سياستدانن سان به ڪونه رهايو اهي به سندس خلاف رهيا…
پنهنجي پارٽيءَ جي ڪيڊر بدران جاگيردار وڏيرا به اڳيان آندائين نتيجي ۾ اهي به ڪا تحريڪ موبلائز نه ڪري سگهيا..
عالمي طور به ڪا ڊپلوميٽڪ هلچل نه هلي…انڪري ڀٽو صاحب نڌڻڪو ڪري ماريو ويو..
آئون کيس منافق يا سازشي ته نٿو چوان پر هو غير معمولي خوداعتمادي مسلسل فتحن سبب مغرور ٿي چڪو هيو ان ڪري ئي غلط فيصلا ڪيائين..سندس قتل مذمت جوڳو ۽ تڪليف ده آهي يقيني طور سنڌي هجڻ به ممڪن آ سندس موت ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو هجي پر منهنجو خيال آ عالمي اسٽريٽجڪ صورتحال ۾ سندس ڪردار جي پيشِ نظر کيس رستي تان هٽايو ويو
عالمي تجزيه نگارن موجب ذولفقار علي ڀٽو جون ڇهه وڏيون غلطيون جيڪي اڳتي هلي سندس موت جو سبب بڻيون.
۱. بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جنهن سبب هو ترقي پسند قومپرست ن جي حمايت کان محروم ٿي ويو
۲. پنهنجن سياسي مخالفن سان انتهائي ظالمانه انداز ۾ ورتاءُ
جنهن ڪري سندس مخالف اتحاد ۾ سندس سڀ مخالف متحد ٿيندا ويا
۳ ستهتر جي اليڪشن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪرائڻ .
عالمي طور سندس ساک کي متاثر ٿي ۽ ملڪ اندر مخالف ڌر جي تحريڪ ضياءَ کي طاقتور ٿيڻ ۾ مدد ڪئي
۴. عربن بادشاهن ۽ انهن جي تيل جي قوت کي ڊپلوميٽڪ هٿيار طور استعمال ڪندي دنيا جو طاقتر شخص بنجڻ جي خوشفهمي ۾ آمريڪا سان ڦٽائڻ.
جڏهن ته عربن جي سموري قوت کي ڪنٽرول ڪندڙ آمريڪا ئي هيو جڏهن آمريڪا ڀٽي مان هٿ ڪڍيا ته عرب سڳورا سندس نواز شريف جيتري مدد به نه ڪري سگهيا.
۵.انڊسٽريز کي نيشنلائيز ڪرڻ
جنهن ڪري ڪاروباري طبقو ۽ سرمائيدار به سندس مخالف بڻيا ٻئي طرف ناقص انتظامي سنڀال سبب تحويل ۾ ورل ادارا به ڪو گهڻو لاڀ دائڪ نه رهيا.
۵. سڀ کان وڏي غلطي جنرل ضياءَ کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ .
ڀٽي صاحب خود ان غلطي ءَ جو اعتراف ڪيو.
ڀٽو صاحب کي آخر ۾ پنھنجي وڪیل یحیی بختیار تي بہ ڪاوڙ ھئي تہ ان سندس ڪیس کي خراب ڪیو
“ٿوري وِٿيءَ کان پوءِ ڀُڻڪندي چيائين:
منھنجي وڪيلن ھن مقدمي کي خراب ڪيو آھي. يحييٰ بختيار منھنجي ڦاھيءَ جو ذميدار آھي. ھُو مونکي غلط ٻُڌائيندو رھيو. ھُن اِن مقدمي جو ٻيڙو ٻوڙيو آھي. ھُن سدائين دوکو ڏنو”
ڀٽي جا آخري ۳۲۳ ڏينهن – ڪرنل رفيع
آخري ڏینھن
مُنھنجي ڪجھ گھڙين جي ماٺ کان پوءِ وري ھُن چيو: رفيع، ھي ڪھڙو ناٽڪ رَچايو پيو وڃي؟ مون جواب ڏنو: سائين، مون ڀلا ڪڏھن توھان سان ڪو ڀوڳ ڪيو آھي؟ ھُن ھڪدم چيو: تنھنجو ڇا مطلب آھي؟ وري ورجايائين: تنھنجو مطلب ڪھڙو آھي؟ مون وراڻيو: سائين، آخري حُڪم ملي ويو آھي، اڄ توھان کي ڦاھي ڏني پئي وڃي.
محترم ڀُٽي ۾ پھريون ڀيرو مون ڀَؤ ۽ اچرج جا آثار ڏٺا. ھُن تيزيءَ سان پنھنجو ھٿ لوڏيندي چيو: بس ختم، بس ختم.
مون جواب ڏنو: جي سائين.
ڀُٽي صاحب جون اکيون ڊَپُ ۽ گھٻراھٽ سان ڄڻ ڦاٽي پيون ھُجن. ھُن جي مُک تي پيلاڻ ۽ ساڻائي پڌري ٿي، جيڪا مون اڳ ۾ ڪڏھن به نه ڏٺي ھئي. آئون اُن حالت کي صحيح ڄاڻائي نٿو سگھان.
ھُن چيو: ڪنھن وقت؟ ۽ پوءِ چيائين: اڄ؟ مون پنھنجي ھٿن جون ست آڱريون ھُن جي سامھون ايئن ڪيون، جيئن ڪو جمپ ماسٽر پيراشوٽ ڇال ڏيڻ کان اڳ ھٿن سان وقت ٻُڌائي ٿو.
ھُن چيو: ستن ڏينھن کان پوءِ.
مون سندس ويجھو وڃي ڀُڻڪيو: سائين، ڪلاڪ.
ھُن چيو: اڄ رات ستن ڪلاڪن کان پوءِ. مون پنھنجو ڪنڌُ لوڏيندي ھا ۾ جواب ڏنو.
ڀُٽي صاحب کي جڏھن پنڊي جيل ۾ آندو ويو، تنھن وقت ھُو سگھارو ۽ اَڏول بڻيل ھو، پر اُن مھل ھُو بلڪل ٿڪل، وياڪل ۽ ساڻُائيءَ ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنھن ڳالھ مونکي جيون جي سچائيءَ سان مُکاميلو ڪرايو.
ڀٽي جا آخري ۳۲۳ ڏينهن – ڪرنل رفيع
Leave a comment