پیر علي محمد شاھ راشدي
رئيس فقير بخش خان ڪاڇي پراڻيءَ سنڌي ”مڙس ماڻهائپ“ جو نمايان نمونو هو، جو هنن اکين ڏٺو. دولت ڏسڻ جهڙي ڪا نه هئس، پر ٺٺ ٺانگر ۽ هلت چلت اميراڻي، سنڌي چوڻيءَ موجب مڙسن جو مڙس سمجهيو ويندو هو. ڏاڍو خوددار، دل جو پهلوان، يارن جو يار، ڪامورن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ وارو، ڏکي سکي پنهنجي مٿي گذاري ڇڏيندو. محتاجي نه ڏيکاريندو. ڪنهن جي طرفان اٿي بيٺو ته ڄڻ ٺـُـل اڀو ٿيو. ڪيڏو به زوربار پوندس، برداشت ڪري ويندو، نه ڪنجهندو، نه ڪـُـڻڪندو. ساري عمر مقابلن ۾ گذاري ڇڏيائين. هيڻي ڪا نه ٻوليائين. موت جي بستري تي حضرت عزرائيل جي آمد جي ڪا کڻڪ پئجي وڃيس ها، ته هوند لٺ هڻي ڪڍيس ها، سستو ساهه ڪو نه ڏئي ها، پر باري تعاليٰ جي فيصلي اڳيان بندو بيوس ٿيو پوي.
اھي ڏینھن اھي شینھن جلد ٻیو
Leave a comment