محمد بن قاسم 694ع ۾ طائف ۾ ڄائو سندس پيءُ قاسم ثقفيءَ کي حجاج بن یوسف بصري جو گورنر مقرر ڪرایو جنھن ڪري محمد بن قاسم جي شروعاتي تربیت بہ بصري ۾ ٿي پر پنجن سالن جو ھیو تہ سندس پیءُ وفات ڪري ویو جنھن کان پوء ھو غربت سبب تعلیم تہ پرائي نہ سگھیو البتہ پنھنجي مامي حجاج جي دست شفقت ۾ رھي فوجي تربیت حاصل ڪندو رھیو ۔
پندرھن سالن جي عمر ۾ کیس ایران جي ڪردن جي ھڪ بغاوت کي ڪچلڻ لاء موڪلیو ویو جنھن ۾ ڪامیابي حاصل ڪرڻ تي کیس سنڌ فتح ڪرڻ واري مھم جو سپاھ سالار مقرر ڪیو ویو۔
بنو اموي خاندان جي ولید بن عبدلاملڪ جي حڪومت ۾ حجاج بن یوسف ھڪ طاقتور گورنر ھیو ۔ جنھن حضرت ابوبڪر جي ڏوھٽي عبداللہ بن زبیر جي مڪي ۾ حڪومت ختم ڪرائڻ لاء مڪي تي حملو ڪرایو عبداللہ بن زبیر کي شڪست ڏئي سندس لاش مسجد نبويء ۾ ٽنگرایو۔جنھن کان پوء عراق ۾ حضرت ابوبڪر صدیق جي ڀاڻیجي جي پٽ عبدلرحمان بن محمد جي بغاوت کي ڪچلیں۔
ان بغاوت ۾ ان دور جي حدیث جي مشھور راوي ۽ استاد عطیہ ابن سعد عوفيء جیڪو جیتوڻیڪ ڪافي پوڙھو ٿي چڪو ھیو پر ان حجاج جي مقابلي ۾ عبدالرحمن بن محمد جو ساٿ ڏنو ۔ بغاوت جي ناڪامي کان پوء انتقام جي ڊپ کان ڪوفي کان ایران ھلیو ویو ،حجاج محمد بن قاسم کي حڪم ڏنو تہ ڪینئن بہ ڪري عطیہ کي گرفتار ڪري اچي ۔
محمد بن قاسم شیراز ۾ عطیہ بن سعد عوفيء کي گرفتار ڪري ورتو اھو اطلاع جینئن حجاج بن یوسف وٽ پھتو تہ ھن معاویہ جي دور جي رسم مطابق جنھن ۾ حضرت علي ء کي سرعام گھٽ وڌ ڳالھایو ویندو ھیو محمد بن قاسم کي حڪم ڪیو تہ عطیہ کان سرعام حضرت علي ء جي ذات تي تبرو ڪرایو جیڪڏھن انڪار ڪري تہ کیس چار سو ڪوڙا ھڻایو ۔
ڪتاب تھذیب التھذیب ۾ حافظ ابن حجر طبقات الکبرئ ۾ ابن سعد ۽ تاریخ طبري ۾ ابن جریر طبري ان واقعی بابت لکیو آھي تہ
حجاج محمد بن قاسم کي حڪم ڪیو تہ استاد عطیہ بن سعد کان سرعام حضرت علي جي ذات تي تبرو ڪرایو وڃي جنھن کان ھو یقینن انڪار ڪندو سزا طور کیس چار سو ڪوڙا ھڻائي سندس ڏاڙھي ڪوڙائجان ،جوان مجاھد محمد بن قاسم حڪم جي تعمیل ڪندي پوڙھي استاد عطیہ بن سعد کي تبرو ڪرڻ جو حڪم ڪیو انڪار تي کیس چار سو ڪوڙا ھڻایا ۽ سندس تذلیل ڪندي ڏاڙھي بہ ڪوڙائي ۔
سنڌ تي حملي جو بنیادي سبب عمان ۾ معاویہ بن حارث علافي ۽ سندس ڀاء محمد بن حارث علافي جي خلیفي ولید خلاف بغاوت ھئي جنھن ۾ امیر سعید مارجي ویو چچنامي موجب معاویہ بن حارث مڪران ویجھو پناھ اچي ورتي جتي راجہ ڏاھر جي حڪومت ھئي محمد بن قاسم کي حڪم ملیو تہ باغین کي گرفتار ڪري ان کانسواء سلطنت ۾ وسعت ۽ تجارت لاء بہ سنڌ تي حملو سبب بنیو ۔ سری لنڪا جي قافلي مان ڪنھن عورت جو حجاج کي پڪارڻ دراصل ھڪ روایت ئي آھي۔
ملتان تائین سنڌ کي فتح ڪرڻ کان پوء محمد بن قاسم جي فوج اڳتي وڌي تہ ان دوران ئي حجاج بن یوسف جي وفات ٿي وئي خلیفي ولید سڀني جنگي مھمن کي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪیو سال کان پوء خلیفي ولید بہ وفات ڪئي تہ تخت تي سندس ڀاء سلیمان بن عبدلملڪ ویٺو جنھن اٿندي ئي یزید بن ابي ڪبشہ کي سنڌ جو والي مقرر ڪري کیس حڪم ڪیو تہ محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري موڪلیو وڃي ۔
چچنامي موجب سندس گرفتاري مال غنیمت ۾ بي ایماني ۽ راجہ ڏاھر جي گرفتار ڪري خلیفي جي حرم ۾ داسین طور موڪلیل راجہ ڏاھر جي نیاڻین جي شڪایت تي ٿي جڏھن تہ ابن طبري موجب خلیفہ سلیمان حجاج بن یوسف ۽ سندس خاندان کي سخت ناپسند ڪندو ھیو انڪري ھن حجاج جي خاندان کي سخت اذیتون ڏنیون ۔
محمد بن قاسم کي بہ گرفتار ڪري طوسي جي قیدخاني ۾ رکي ویو جتي ستن مھینن اندر ئي گذاري ویو۔
حوالا
وڪي پیڊ یا ڊاٽ ڪام
انسائیڪلو پیڊیا مسلم انڊیا صفحو ۷۷
چچنامو،جنت السنڌ ، تاریخ سنڌ ، تاریخّ طبري ،طبقات الڪبری٘

Leave a comment