، ڪوڪو کان “هن شخص” تائين
قسط 1

ڪجهه مهينا اڳ فاطمه ڀٽو بابت خبرون گردش ۾ هيون ته هوءَ شايد عملي سياست ۾ قدم رکڻ واري آهي. اهڙي ماحول ۾ The Guardian ۾ شايع ٿيل سندس هي انٽرويو رڳو هڪ ادبي ڳالهه ٻولهه نه رهيو، پر ذاتي، نفسياتي ۽ سماجي لحاظ کان به هڪ وڏي گواهي بڻجي سامهون آيو.
هي اهو پهريون موقعو هو، جڏهن فاطمه ڀٽو عوامي سطح تي پنهنجي زندگيءَ جي هڪ اهڙي باب بابت ڳالهايو، جيڪو هوءَ سالن کان خاموشيءَ سان پنهنجي اندر دفن ڪري ويٺي هئي—۽ جنهن ۾ هوءَ هڪ شخص جو ذڪر رڳو “هن شخص” جي نالي سان ڪري ٿي.
ڪوڪو، وبا ۽ لکڻ جو ٽٽندڙ سلسلو
جيڪڏهن حالتون فاطمه ڀٽو جي هٿ ۾ هجن ها ته سندس نئين يادگيرين وارو ڪتاب شايد تقريبن مڪمل طور سندس ڪتي “ڪوڪو” بابت هجي ها.
“مون کي خبر آهي اهو ٻڌي چرين جهڙو لڳندو،”
هوءَ کلندي چوي ٿي.
عوام لاءِ فاطمه ڀٽو هڪ ليکڪا، صحافي، سماجي ڪارڪن ۽ پاڪستان جي سڀ کان مشهور سياسي خاندان جي فرد آهي. اهڙي شخص بابت “ڪتي سان شديد وابستگي” جو تصور شايد حيران ڪندڙ لڳي، پر وبا (ڪرونا وائرس) دوران تخليقي عمل ٽٽڻ لڳو هو. جڏهن فاطمه پاڻ کي پرکيو ته کيس محسوس ٿيو ته هوءَ حقيقت ۾ صرف ڪوڪو بابت ئي لکي سگهي ٿي.
سندس پبلشر نرمي سان صلاح ڏني ته يادگيرين ۾ شايد “ڪجهه ٻيو” به شامل هجڻ گهرجي. فاطمه ٻيو مسودو لکيو، پر پوءِ اهو به ڇڏي ڏنو.
“جيڪڏهن مان رڳو سچ ڳالهائي ڇڏيان…”
اهو موڙ تڏهن آيو، جڏهن فاطمه پاڻ سان هڪ انتهائي سادو، پر ڏکيو سوال ڪيو:
“جيڪڏهن مان بس سچ ڳالهائي ڇڏيان ته؟”
۽ پوءِ، جيئن هوءَ پاڻ چوي ٿي،
“اهو سڀ مون ڄاڻي واڻي نه ڪيو بس ٿي ويو.”
تقريبن ٽن هفتن اندر هن مسودي کي نئين سر ترتيب ڏنو—۽ ان عمل دوران پنهنجي زندگيءَ جو هڪ اهڙو باب کوليو، جيڪو هن نه رڳو عوام کان، پر پنهنجي ويجهن ماڻهن کان به لڪائي رکيو هو.
The Hour of the Wolf — خاموش اذيت جي ڪهاڻي
ان لکڻ جو نتيجو ڪتاب جي صورت ۾ نڪتو:
The Hour of the Wolf
هي ڪتاب ڪنهن سنسني يا شڪايت تي ٻڌل نه آهي، پر هڪ بيحد نازڪ، ايماندار ۽ پاڻ کي کلي طور بيان ڪيو آهي. فاطمه ان ۾ هڪ اهڙي رشتي جو ذڪر ڪري ٿي، جيڪو لڳ ڀڳ ڏهاڪي تائين هليو—۽ جيڪو اذيت، نفسياتي ڪنٽرول ۽ جذباتي تشدد تي ٻڌل هو، پر جنهن کي هوءَ ڊگهي عرصي تائين محبت سمجهندي رهي.
هوءَ ان شخص کي نالي سان ظاهر نٿي ڪري، رڳو “هو شخص” سڏي ٿي.
“هو شخص”: خواب جهڙي شروعات
فاطمه ان شخص کي شروع ۾ اهڙي نموني ڏسي ٿي:
“اهڙو ماڻهو جنهن سان مان ڪڏهن نه ملي هئس—بي خوف، پنهنجي ذات تي بجليءَ جهڙو يقين رکندڙ، خوبصورت، سخت جان، پراڻي زماني جي مردانگي وارو، آزاد روح.”
پر اها تصوير آهستي آهستي بدلجڻ لڳي. هو ماڻهو فاطمه کي اهڙي نفسياتي گرفت ۾ آڻي ويو، جو هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ملندڙ مهرباني ۽ وقفي وقفي سان ٿيندڙ مہم جوئي کي ئي اصل سچ سمجهڻ لڳي.
Leave a comment